”مان به غريب آهيان“ ايم پي اي نجم الدين ابڙو وطن ڪارڊ جا 20 هزار رپيا وٺي ڇڏيا قمبر (رپورٽ: نور احمد کوسو ) سرڪار طرفان ٻوڏ متاثر غريب ماڻهن جي واهر لاءِ وطن ڪارڊ ذريعي آيل 20 هزار رپيا وارهه مان چونڊيل پ پ ايم پي اي نجم الدين ابڙو به وٺي ڇڏيا آهن، نادرا جي ذريعن موجب چانڊيا قبيلي جي نواب سردار خان چانڊيو جي نالي وطن ڪارڊ جا 20 هزار رپيا آيا هئا ان ڏس ۾ نواب سردار خان پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس آيو جنهن کي وطن ڪارڊ جي پئسن جي باري ۾ ٻڌايو ويو پر هن اهو چئي پئسا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اهي پئسا غريبن جا آهن، جنهن ڪري في الحال اهي پئسا امانت طور نادرا جي اڪائونٽ ۾ پيل آهن، جڏهن ته تقريبن 3 – 4 مهينا اڳ 20 هزار رپين وارو وطن ڪارڊ وارهه مان چونڊيل ايم پي اي نجم الدين ابڙو جي نالي سان به آيو، جيڪا رقم هو وٺي ويو آهي. هوڏانهن ان سلسلي ۾ موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ڪاوش پاران نجم الدين ابڙو سان رابطو ڪيو ويو پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو. ڪاوش مان ورتل
جواب: ”مان به غريب آهيان“ ننڍڙي لاءَ آکاڻيون ٻڌندا هئاسون جنهن ۾ ڪو شخص رستي ويٺي کلندو به هو ته روئيندو به هو ۔۔۔ اوهانجي هن ليک تي کل به اچي ٿي ۽ روئڻ به اچي ٿو ۔۔۔ کل انڪري ته ملڪ جا امراء به اهڙي حالت ۾ ۽ روئڻ انڪري ته سنڌ جي ان مٿئين درجي جي ماڻهن جي نفسيات ايتري ڪريل ڇو ٿي وئي آهي ۔۔۔؟ الله پناه ڏي ۔۔۔ رب العالمين ته صاف لفظن ۾ چيو آهي ته جهڙي قوم تهڙا حڪمران ۔۔۔ ۽ اهو به چيو اٿس ته جيستائين ڪا قوم پنهجي حالت پاڻ نٿي بدلائي تيستائين هو به انجي حالت نٿو بدلائي ۔۔۔ هاڻ قوم پنهنجي حالت ڪڏهن بدلائيندي جو اهڙن حڪمرانن مان جان آزاد ٿيندي ۔۔۔ الامان
جواب: ”مان به غريب آهيان“ يار واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ڀلا هي ڪو غريب ايم پي اي ته ناهي ۔۔۔۔۔۔۔ جي ايئن آهي ته پوء سنڌ سلامت پاران به کيس ڪو ڊونيشن موڪليون ۔۔۔ بس ادا پئسو اهڙي شيء آهي جو 20 هزارن مان ايم پي اي به ڪو نه ٿو مڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ”مان به غريب آهيان“ ادا سائين اسان جا حڪمران سڀ کان وڌيڪ غريب آهن ڪوشش ڪري وس آهر انهن جي مدد ڪندا ڪريو الله تعالي ان کي ان جي جزا ڏيندو اگر اوهان مدد نه ڪندو ته اهي غريب ويچارا اسلام دشمن آمريڪا ۽ اسرائيل جي در تان مدد وٺڻ لا ڪشتو کڻي ويندا جيڪا هر پاڪستاني جي لا شرم جي ڳالھ آهي