محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن
”مان به غريب آهيان“ ايم پي اي نجم الدين ابڙو وطن ڪارڊ جا 20 هزار رپيا وٺي ڇڏيا
قمبر (رپورٽ: نور احمد کوسو ) سرڪار طرفان ٻوڏ متاثر غريب ماڻهن جي واهر لاءِ وطن ڪارڊ ذريعي آيل 20 هزار رپيا وارهه مان چونڊيل پ پ ايم پي اي نجم الدين ابڙو به وٺي ڇڏيا آهن، نادرا جي ذريعن موجب چانڊيا قبيلي جي نواب سردار خان چانڊيو جي نالي وطن ڪارڊ جا 20 هزار رپيا آيا هئا ان ڏس ۾ نواب سردار خان پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس آيو جنهن کي وطن ڪارڊ جي پئسن جي باري ۾ ٻڌايو ويو پر هن اهو چئي پئسا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اهي پئسا غريبن جا آهن، جنهن ڪري في الحال اهي پئسا امانت طور نادرا جي اڪائونٽ ۾ پيل آهن، جڏهن ته تقريبن 3 – 4 مهينا اڳ 20 هزار رپين وارو وطن ڪارڊ وارهه مان چونڊيل ايم پي اي نجم الدين ابڙو جي نالي سان به آيو، جيڪا رقم هو وٺي ويو آهي. هوڏانهن ان سلسلي ۾ موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ڪاوش پاران نجم الدين ابڙو سان رابطو ڪيو ويو پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو.
ڪاوش مان ورتل