”مان به غريب آهيان“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد رمضان منڌرو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2011۔

  1. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    ”مان به غريب آهيان“ ايم پي اي نجم الدين ابڙو وطن ڪارڊ جا 20 هزار رپيا وٺي ڇڏيا
    قمبر (رپورٽ: نور احمد کوسو ) سرڪار طرفان ٻوڏ متاثر غريب ماڻهن جي واهر لاءِ وطن ڪارڊ ذريعي آيل 20 هزار رپيا وارهه مان چونڊيل پ پ ايم پي اي نجم الدين ابڙو به وٺي ڇڏيا آهن، نادرا جي ذريعن موجب چانڊيا قبيلي جي نواب سردار خان چانڊيو جي نالي وطن ڪارڊ جا 20 هزار رپيا آيا هئا ان ڏس ۾ نواب سردار خان پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس آيو جنهن کي وطن ڪارڊ جي پئسن جي باري ۾ ٻڌايو ويو پر هن اهو چئي پئسا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اهي پئسا غريبن جا آهن، جنهن ڪري في الحال اهي پئسا امانت طور نادرا جي اڪائونٽ ۾ پيل آهن، جڏهن ته تقريبن 3 – 4 مهينا اڳ 20 هزار رپين وارو وطن ڪارڊ وارهه مان چونڊيل ايم پي اي نجم الدين ابڙو جي نالي سان به آيو، جيڪا رقم هو وٺي ويو آهي. هوڏانهن ان سلسلي ۾ موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ڪاوش پاران نجم الدين ابڙو سان رابطو ڪيو ويو پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو.

    ڪاوش مان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”مان به غريب آهيان“

    ننڍڙي لاءَ آکاڻيون ٻڌندا هئاسون جنهن ۾ ڪو شخص رستي ويٺي کلندو به هو ته روئيندو به هو ۔۔۔ اوهانجي هن ليک تي کل به اچي ٿي ۽ روئڻ به اچي ٿو ۔۔۔ کل انڪري ته ملڪ جا امراء به اهڙي حالت ۾ ۽ روئڻ انڪري ته سنڌ جي ان مٿئين درجي جي ماڻهن جي نفسيات ايتري ڪريل ڇو ٿي وئي آهي ۔۔۔؟

    الله پناه ڏي ۔۔۔ رب العالمين ته صاف لفظن ۾ چيو آهي ته جهڙي قوم تهڙا حڪمران ۔۔۔ ۽ اهو به چيو اٿس ته جيستائين ڪا قوم پنهجي حالت پاڻ نٿي بدلائي تيستائين هو به انجي حالت نٿو بدلائي ۔۔۔

    هاڻ قوم پنهنجي حالت ڪڏهن بدلائيندي جو اهڙن حڪمرانن مان جان آزاد ٿيندي ۔۔۔

    الامان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”مان به غريب آهيان“

    يار واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا ڀلا هي ڪو غريب ايم پي اي ته ناهي ۔۔۔۔۔۔۔ جي ايئن آهي ته پوء سنڌ سلامت پاران به کيس ڪو ڊونيشن موڪليون ۔۔۔

    بس ادا پئسو اهڙي شيء آهي جو 20 هزارن مان ايم پي اي به ڪو نه ٿو مڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ”مان به غريب آهيان“

    جيڪڏھن واقعي ورتا اٿس ته پو شرم جو ڳي ڳالھ آھي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    جواب: ”مان به غريب آهيان“

    ادا سائين اسان جا حڪمران سڀ کان وڌيڪ غريب آهن ڪوشش ڪري وس آهر انهن جي مدد ڪندا ڪريو الله تعالي ان کي ان جي جزا ڏيندو اگر اوهان مدد نه ڪندو ته اهي غريب ويچارا اسلام دشمن آمريڪا ۽ اسرائيل جي در تان مدد وٺڻ لا ڪشتو کڻي ويندا جيڪا هر پاڪستاني جي لا شرم جي ڳالھ آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: ”مان به غريب آهيان“

    بس ادا پاڻ جي هاڻ ماٺ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو