• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگلز پراڻي برئوزرس جي سپورٽ1آگسٽ کان ختم

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
معروف سرچ انجن گوگل جي انتظاميه خبردار ڪيو آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي پراڻا ورجن استعمال پيا ڪن اُنهن کي گوگل جي طرفان فراهم ڪيل قيمتي معلومات تان هاڻ هٿ ڌوئڻا پوندا۔ ڇو جو انٽرنيٽ تي سرچ انجن کي گوگل پهرين آگسٽ کان پراڻا برئوزر استعمال ڪندڙن لاء ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ لاڀ ڏنل سروس کي ختم پيو ڪري۔ جنهن جي ڪري اهڙا ماڻهو جيڪي پُراڻا برائوزر استعمال ڪندا اُهي گوگل جي مصنوعات کان مُستفيد نه ٿي سگهندا۔

انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارا اُهي فرد جيڪي انٽرنيٽ ايڪپلوئر 7، سفاري 3، فائر فاڪس 3 ڏهائي 5 يا اُن کان پهرين جاري ڪيل ورجنز استعمال ڪندڙ هاڻ جي ميل، گوگل ڪئلينڊر، ٽاڪ، ڊاڪس، ۽ سائنس جا ڪئي فنڪشن استعمال نه ڪري سگهندا۔ اداري اهي قدم ان لاڀ کنيا آهن ته هاڻ پُراڻا برائوزر نئين ٽيڪنالاجي اچڻ جي ڪري غير محفوظ عي چُڪا آهن جڏنهن ته نوان برائوزر جديد سهولتن سان ليس آهن ۽ اهي مسقبل جي ضرورتن سان نمٽجي سگهن ٿا۔

گوگل پنهنجي بلگ اسپاٽ تي جاري ڪيل اعلان ۾ چيو آهي ته هُن جا انجنيئر نين برائزر جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري اُن کي نئي ٽيڪنالاجي جي مُناسبت سان تيار پيا ڪن جيڪي ايڇ ٽي ايم5 جي گهربل مدد سان به هم آهنگ هوندي۔ گوگل چواڻي ته تياريون مڪمل آهن ۽ پهرين آگسٽ کان هو صرف نون برائزر استعمال ڪرڻ وارن کي ٽيڪنڪ فراهميء ۾ مدد ڪندا۔ بلاگ اسپاٽ ۾ گوگل جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي نائب صدر وينڪٽ پنچاپا ڪينسن لکيو آهي ته مئي جي مهني ۾ فائر فاڪس ٺاهڻ واري ڪمپني موزيلا ، پنهنجي هڪ ڪروڙ ويهه صارفين کي فائر فاڪس جي پراڻي ورجن 3 ڏهائي 5 کي نئين ورجن سان راغب ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي۔ ڪمپنيء جو چوڻ آهي ته هي انتهائي ڏکيو ۽ ٿڪائڻ وارو ڪم آهي ته صارفين کي راغب ڪجي ته هو پنهنجي برائزرس کي نئين برائوزر سان تبديل ڪن۔ ڪمپني چواڻي، ان لاڀ کين اشتهار ڏيڻا ٿا پون، انٽنيٽ تي صارفين کي نئين برائوزرس جي صُفهن تائين پُهچائڻو ٿو پوي ته جيئن هو نئين برائزرس کي لوڊڪن۔
 
Back
Top