سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]پريالوءِ لڳ سنڌوءَ جي کاڌ تيز ٿي وئي،درياءَ وڌيڪ سوين ايڪڙ زمين ۽ فصل ڳڙڪائي ويو،ڪم ۾ سست رفتاري
    پير جو ڳوٺ/پريالوءِ (نمائندن وٽان) پريالوءِ لڳ سنڌوءِ جي کاڌ تيز ٿي وئي، درياءَ وڌيڪ سوين ايڪڙ زمين ۽ فصل ڳڙڪائي ويو، سنڌوءَ جو رخ نه مڙڻ جي صورت ۾ الرا بچاءُ بند ٽٽڻ جو خدشو، کاڌ کي روڪڻ لاءِ ايپران ۽ جڪن وارو ڪم غير معياري ۽ سست رفتاري جو شڪار، الرا بچاءُ بند جي ڀرپاسي جي رهواسين ۾ خوف وڌي ويو ۽ سوين خاندان ڊپ سبب اجها ڇڏي شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا، خبر موجب پريالوءِ لڳ الرا بچاءُ بند جي 4 ميل وٽان سنڌو درياءَ پاران کاڌ اڃا به جاري آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن کان پاڻي وڌڻ ڪري سنڌو کاڌ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي آهي، جنهنڪري وڌيڪ سوين ايڪڙ ڪچي جي زمين ۽ بيٺل انب، ڪيلا، ليمان ۽ جوئر جا فصل پڻ ڳڙڪائي ويو آهي. سنڌو جي کاڌ ڪري هيل تائين 20 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين تباهه ٿي چڪي آهي، درياءَ زيرو پوائنٽ وٽ ڪچي جي شاهه جي اسڪول کي به پائڻ لڳو آهي، جڏهن ته الرابند جي 4 ميل واري هنڌ پاڻي جي دٻاءُ سبب ٿيل پچنگ لاءِ به خطرو پيدا ٿي ويو آهي، کاڌ وڌڻ ڪري علائقي واسي خوف ۾ رات جو جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ رهواسين فنڪشنل ليگ جي مقامي اڳواڻ ۽ آبادگار علي ڏنو خروس، فقير حاجي مهرل ناريجو، ممتاز ناريجو، محمد سومر جمالي، وزير جمالي، شعبان کورکاڻي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل 6 مهينن کان الرا بچاءُ بند جي 4 ميل وٽان سنڌو درياءَ بچاءَ بند جي پاڙ ۾ اچي بيٺو آهي ۽ حڪومت پاران کاڌ کي روڪڻ ۽ بند کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪم هڪ ته غيرمعياري ۽ ٻيو وري سست رفتاري سان هلي رهيو آهي، جنهنڪري علائقي ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي علائقي مان ڪيترائي خاندان خوف سبب لڏ پلاڻ ڪري گهر خالي ڪري ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويا آهن، هنن چيو ته جيڪڏهن الرا بچاءُ بند ٽٽو ته پهرين سٽ ۾ پريالوءِ، ڪوٽ مير محمد، پيرڳوٺ، ۽ خيرپور ٻڏي ويندا ۽ ٻوڏ جو پاڻي نوابشاهه تائين وڃي پهچندو ۽ اهڙي صورتحال جي ڪري وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو ۽ هزارين جانين جو نقصان ۽ اربين رپين جا فصل ۽ ملڪيتون تباهه ٿي سگهن ٿيون، هنن چيو ته بند تي ڳري مشينري ۽ ٽريڪٽرن جي اچ وڃ سبب بند به ٻه ٽي فوٽ ويهجي ويو آهي، جنهن ڪري گذريل سال جهڙي ٻوڏ جي صورت ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿي سگهي ٿو، علائقي واسين صدر، وزير اعظم ۽ وڏي وزير کان گهر ڪئي ته کاڌ کي روڪڻ ۽ بند جي مضبوطي واري ڪم جي چڱي نموني نگراني ڪري وقت سر اپاءُ ورتا وڃن.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
    [/JUSTIFY]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    روهڙي ڪئنال کي نوشهروفيروز ڀرسان روڻيون، 4 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل، لڏپلاڻ، علائقي ۾ خوف
    نوشهروفيروز(رپورٽ؛قاضي ذوالفقار)روهڙي ڪئنال کي نوشهروفيروز ڀرسان روڻيون، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، پاڻي 4 ڳوٺن ۾ داخل، لڏ پلاڻ ،ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪيون، گذريل ڏينهن روهڙي ڪئنال کي نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ موليداد مري ڀرسان روڻيون پئجي ويون، اطلاع ملڻ تي آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڏهڪاءٌ پکڙجي ويو ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪرڻ لاءِ پهچي ويا، سيمو ڪري وهندڙ پاڻي روهڙي ڪئنال جي ڪپر سان آباد 4 ڳوٺن موليداد مري،پير نورمحمد،صابن ڪلهوڙو ۽ غلام حيدر مري ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب ڳوٺاڻن خوف وچان اتان لڏپلاڻ شروع ڪئي بعد ۾ آسپاس جا سوين ڳوٺاڻا ٽريڪٽر ڪاهي پهتا جن وڻ وڍي اهي روڻين ۾ وجهي روڻيون بند ڪيون، اطلاع ملڻ باوجود آبپاشي عملدار نه پهچڻ خلاف ڳوٺاڻن احمد خان راڄپر، محمد وارث، غلام حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪيو، جتي ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان روهڙي ڪئنال کي روڻيون پئجي رهيون آهن، اسان راتيون جاڳي گذاري رهيا آهيون پر آبپاشي عملدار اطلاع باوجود نه ٿا پهچن، هنن چيو ته ڪروڙين رپيا روهڙي ڪئنال جي ڪپرن جي مضبوطي لاءِ هر سال اچن ٿا پر اهي خبر ناهي ڪٿي خرچ پيا ٿين، هنن چيو ته جيڪڏهن روهڙي ڪئنال جا بند ٽٽا ته علائقو تباهه ٿي ويندو، هنن گهر ڪئي ته فوري طور روهڙي ڪئنال جا ڪپر مضبوط ڪيا وڃن، هوڏانهن رابطي تي ايڪسين آبپاشي روهڙي ڊويزن حبيب ميمڻ چيو ته روهڙي ڪئنال کي آر ڊي 404 وٽان روڻيون نه پر ڀڪون ڪريون آهن، جتي ڪم هلندڙ آهي، هنن چيو ته ڳوٺن ۾ روڻين جو نه پر سم جو پاڻي داخل پيو ٿئي، هن چيو ته روهڙي ڪئنال جا ڪپ مضبوط آهن ۽ ان جي باوجود ڪم جاري آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سکر ۾ بندروال جي رهواسين جو لڏائڻ خلاف ڌرڻو، لٺبازي پٽيشن داخل، عدالت پاران ڪامورن کي نوٽيس جاري
    سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي بندروال واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن پاران لڏائڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل، ڪورٽ درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، اسٽي لاءِ داخل ڪرايل ضمني درخواست تي مختلف سرڪاري ڪامورن کي نوٽيس جاري، 9 جون تي ايندڙ ٻڌڻي ٿيندي، حڪومت پاران بندروال رهواسين کي لڏائڻ جي فيصلي بعد بندروال وارن ماڻهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بي دخل ڪرڻ خلاف هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي آهي، حاجي فتح محمد ميراڻي، الله ڏتو ميراڻي، غلام نبي ميراڻي، غلام سرور ميراڻي، رفاقت ميراڻي ۽ ٻين پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي گذريل 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هن هنڌ تي رهندا آهن ۽ کين سرڪاري ادارن پاران گئس، بجلي ۽ واٽر سپلاءِ جا ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن، جڏهن ته بندروال جي مٿان ڪيتريون ئي مسجدون ۽ ٻيون وڏيون عمارتون پڻ تعمير ڪيون ويون آهن، گهرن ۽ وڏين عمارتن جي ڪري سکر شهر کي تحفظ حاصل آهي جنهن جو وڏو ثبوت گذريل سال دوران آيل انتهائي وڏي ٻوڏ واري وهڪري بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ حقيقت آهي جو جن هنڌن تي اڏاوتون اڏيل هيون اتي پاڻي نه سميو هو پر انهن هنڌن تي جتي گهر يا ٻيون عمارتون اڏيل ناهن ۽ رڳو بندروال موجود آهي اتان پاڻي سميو هو، هاڻ به جيڪڏهن بندروال جي مٿان يا اندران اڏيل اڏوتون ڊاٿيون ويون ته اها ڀت انتهائي ڪمزور ٿي ويندي، هن درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آبپاشي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري، ڊي سي او سکر، ڊي پي او، ڊي ڊي او روينيو، مختيارڪار، ٽي ايم او سٽي ۽ سکر جي ٽن ٿاڻن، اي، بي ۽ سي سيڪشن جي ايس ايڇ اوز کي ڌر بڻايو ويو آهي ان سان گڏ هڪ اضافي درخواست به مک درخواست سان گڏ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ ڪورٽ سڳوري کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ان معاملي بابت فيصلو اچڻ تائين واسطيدار ادارن کي عمارتون ڊاهڻ کان روڪڻ لاءِ اسٽي آرڊر جاري ڪيو وڃي، عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌر بڻايل سرڪاري ڪامورن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ درخواست جي ٻڌڻي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسٽي آرڊر واري استدعا بابت روينيو، ضلع حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي واسطيدار آفيسرن کي پنهنجا تحفظات ۽ بيان داخل ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي ۽ ان بابت پڻ ٻڌڻي 9 جون تي ڪئي ويندي، هوڏانهن هو رهواسين سٽي پوائنٽ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ته پوليس پهچي لٺبازي ڪري احتجاج ڪندڙن کي ڇروڇڙ ڪري ڇڏيو جڏهن ته عبدالرشيد ٻرڙو سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري آباد ٿاڻي تي نيو ويو، هوڏانهن سکر جي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مولانا عبيدالله ڀٽو، الله داد بوزدار، عبدالسبحان انڍڙ،نصير گوپانگ، جاويد جتوئي، ثناءُ الله مهر، ظفر اقبال آرائين، شهزادو ڀٽو ۽ ٻين پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتال ڪئي جنهن دوران انهن زور ڀريو ته بندروال جي ماڻهن کي بي دخل نه ڪيو وڃي ۽ اهو عمل سراسر ظلم جي مترادف آهي، هوڏانهن سکر سمال ٽريڊرز جي صدر حاجي هارون ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان ڪڏهن به بندروال جي ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ لاءِ زرو نه ڀريو آهي اسان سدائين اها گهر ڪئي آهي ته بندروال کي مضبوط بڻايو وڃي ۽ جيڪڏهن بندروال جي ماڻهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ٿو وڃي ته کين متبادل جڳهه ۽ معاوضا ڏنا وڃن. هوڏانهن سکر همدرد اتحاد جي چيئرمين سيد سلطان شاهه، اختر انصاري ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بندروال جي متاثرين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ کان اڳ ۾ انهن لاءِ زمين مختصص ڪئي وڃي ۽ انهن کي معاوضا ڏنا وڃن ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ۽ زبردستي کين بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سکر همدرد اتحاد جا ڪارڪن بندروال وارن سان گڏجي احتجاج ڪندا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    پٽيشن بعد اسلام الدين شيخ رهواسين وٽ پهتو، لڏڻ لاءِ راضي ڪرڻ جون ڪوششون
    سکر؛ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيڻ ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪالهه سڄو ڏينهن سرڪاري ادارن پاران ڪا به سرگرمي سامهون نه اچي سگهي، جڏهن ته ماڻهن کي گهر ڇڏي ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ لاءِ راضي ڪرڻ خاطر قائم ڪيل سرڪاري ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ ٻين ميمبرن ڪالهه رات جو دير سان سکر هائوس ۾ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ بندروال ايڪشن ڪاميٽي جا نمائندهه به شريڪ ٿيا، پر اجلاس ۾ سمورا معاملا طئي نه ٿي سگهيا ۽ ڪالهه منجهند جو جڏهن اهو اطلاع شهر ۾ پکڙجي ويو ته معاملو ڪورٽ ۾ هليو ويو آهي ته سينيٽر اسلام الدين شيخ ٽيپهري جو بندروال واري علائقي ۾ پهچي ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين چيو ته معاوضو ڏيارڻ کان سواءِ ڪنهن کي به نه اٿاريو ويندو پر اهي ماڻهو ضرور اٿاريا ويندا ۽ جيڪڏهن 30 جون تائين بندروال کي محفوظ ڪرڻ وارو ڪم مڪمل نه ٿيو ته وڏي تباهي اچڻ جو امڪان آهي، ان ڪري واسطيدار ماڻهو اسان جو ساٿ ڏئي سکر شهر ۽ سنڌ کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جنهن کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ويو ته اڄ رات جو ٻيهر بندروال ايڪشن ڪاميٽي جي نمائندن ۽ سرڪار پاران قائم ڪيل ڪاميٽي جي ميمبرن جي وچ ۾ ٻيهر گڏجاڻي ٿيندي، هوڏانهن ڪورٽ پاران نوٽيس جاري ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري آفيسرن ۾ اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن 9 جون کان اڳ ۾ اڏاوتون ڊاهڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويندو ته ان جي قانوني حيثيت ڪهڙي هوندي ان ڪري ان معاملي تي اڃان تائين سرڪاري آفيسر به ڪو فيصلو نه ڪري سگهيا آهن، هوڏانهن قانوني راءِ ڄاڻڻ لاءِ جڏهن قانوندان هادي ڀٽ ايڊوڪيٽ سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته اسٽي آرڊر جي حوالي سان جيڪي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن تنهن کانپوءِ جيڪڏهن ايندڙ ٻن ڏينهن دوران سرڪار پاران عمارتون ڊاٿيون ويون ته اهو عمل توهين عدالت واري ضمي نه اچي سگهندو پر ڪورٽ اهڙي عمل کي ڪورٽ جي فيصلي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش تصور ڪري سگهي ٿي، هوڏانهن بندروال جي مرمت واري ڪم ۾ تبديلي آڻي آر سي سي شيٽ ڏيڻ واري جاءِ تي ڀت کي استر ۽ پلستر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي مليل ڄاڻ موجب وقت گهٽ هجڻ سبب آر سي سي شيٽ وارو پروگرام تبديل ڪندي بندروال کي اندرين پاسي کان استر ۽ پلستر ڪرڻ بعد ڪم شروع ڪرايو ويو آهي جڏهن ته بندروال جي زيرو پوائنٽ وٽان جيڪا 300 فوٽ آر سي سي شيٽ ٺاهي وئي هئي اتان ساڳيو آر سي سي شيٽ ڏيڻ وارو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي جنهن جو ڪم جاري آهي پر اتي اڳ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو تعداد 30 کان 35 هيو جيڪو هينئر گهٽ ٿي 5 ڄڻن تي پهتو آهي، ان سلسلي ۾ رابطي تي سکر بئراج رائيٽ بئنڪ جي ايگزيڪيٽو انجنيئر آفتاب کوسو ٻڌايو ته آر سي سي شيٽ تبديل ڪرڻ وارو فيصلو ڪنسلٽنٽ جي مرضي سان ٿيو آهي ۽ ڀت کي 500 فوٽن کان وڌيڪ استر ڪيو ويو آهي جنهن بعد پلستر ڪيو ويندو ۽ ڀت جي سطح پڻ اڍائي فوٽ کان 4 فوٽ تائين مٿي ڪئي ويندي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال


    الرا، فيض محمد ٻنڊو، جمشيد ۽ فريد آباد بندن تي ڪم سست رفتاري سان ٿيڻ لڳو
    پير جو ڳوٺ: خيرپور ضلعي جي ڪچي ۾ سنڌو درياءَ جي مختلف بچاءَ بندن الرا بچاءَ بند، فيض محمد ٻنڊو بچاءُ بند، جمشيد بچاءُ بند، فريد آباد بچاءُ بند، اولڊ سوڀوديرو بچاءُ بند تي حڪومت پاران بندن جي مضبوطي وارو ڪم گذريل 5 ڏينهن کان تمام سست رفتاري سان هلي رهيو آهي، علائقي واسين موجب اڪثر ٺيڪيدار غائب ٿي ويا آهن ۽ ڪم هاڻ نه ٿيڻ جي برابر ٿي رهيو آهي.
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سپريم ڪورٽ پاران گهارن جي ذميوار آبپاشي ڪامورن خلاف ڪارروائي ۽ ڪچي مان قبضا هٽائڻ جو حڪم:اهڙا قدم کڻو جو مستقبل ۾ نقصان کان بچون:چيف جسٽس
    اسلام آباد (رپورٽ:گوهر گهانگهرو) سپريم ڪورٽ ٻوڏ ڪميشن جي سفارش جي روشني ۾ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته ٻوڏ ڪميشن جي سفارشن تي جيئن جو تيئن عمل ڪندي رپورٽ ۾ ذميوار قرار ڏنل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان هر 15 هين ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته رپورٽ تي عملدرآمد ڪيو وڃي، شهرين جي مال ۽ جان جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جو فرض آهي، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ماروي ميمڻ جي ٻوڏ دوران هٿرادو طور بند ٽوڙڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ٻوڏ ڪميشن کي جيڪا ذميواري ڏني، ان کي انتهائي سهڻي نموني سان سرانجام ڏنو ويو آهي، عدالت سندن محنت ۽ ڪوششن جو قدر ڪري ٿي، چيف جسٽس چيو ته ڪميشن پاران جن نقطن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، انهن تي ڌيان ڌري آئينده نقصان کان بچڻ لاءِ اپاءُ وٺي سگهجن، چيف جسٽس ميڊيا جي پڻ تعريف ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران ميڊيا جو به انتهائي اهم ۽ مثبت ڪردار رهيو، ٻوڏ دوران ميڊيا ڪيترين ئي شين ڏانهن ڌيان ڇڪرايو، سپريم ڪورٽ فلڊ ڪميشن جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد آرڊر جاري ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون ٻوڏ ڪميشن جي نتيجن ۽ سفارشن تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪن، رپورٽ ۾ ذميوار قرار ڏنل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهيءَ حوالي سان هر 15 هين ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، عدالت وفاقي ۽ صوبائي انفارميشن کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته فلڊ ڪميشن جي رپورٽ قومي ۽ علائقائي اخبارن ۾ شايع ڪرائي وڃي، عدالت اهڙو آرڊر ڏيندي ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو، واضح رهي ته فلڊ ڪميشن رپورٽ ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ جا ذميوار تڏهوڪي آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊو بئراج جي چيف انجنيئر کي قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته ڄاڻايل آبپاشي عملدارن خلاف هاءِ ڪورٽ جي نگراني هيٺ جاچ ٿيڻ گهرجي ته فيبروري 2010ع ۾ جڏهن زوردار برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ته پوءِ ڄاڻايل آبپاشي آفيسرن حفاظتي اپاءُ ڇو نه ورتا؟ ان ڪري ٽوڙي بند ٽٽي پيو، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جي تڏهوڪي چيف انجنيئر ۽ ايس اي کان به وضاحت ورتي وڃي ته پي بي بند جي مرمت ڇو نه ڪرائي وئي؟ رپورٽ ۾ اها سفارش پڻ ڪئي وئي آهي ته صوبن جي آبپاشي کاتن جي گذريل ڏهن سالن جي آڊٽ ڪرائي وڃي، ڪميشن اها به سفارش ڪئي هئي ته موسميات کاتي جا راڊار وڌايا وڃن ته جيئن سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان موسم جي اڳڪٿي مناسب انداز ۾ ڪري سگهجي، جڏهن ته فيڊرل فلڊ ڪميشن سروي ڪري ته ملڪ ۾ ڪهڙا روڊ ۽ رستا پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ آهن؟ ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڪچي ۾ قبضا ۽ حددخليون هٽائڻ لاءِ ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته ڪميشن حددخلين ۾ حڪومت کي به ملوث قرار ڏنو هو، ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻوڏ ۾ 1600 ماڻهو فوت ٿيا، 70 لک اسڪولي ٻارڙن جو ڏيڍ سال ضايع ٿيو، زراعت سان لاڳاپيل 45 لک ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو، 2 ڪروڙ ماڻهو بيماري ۽ غذائي کوٽ جا شڪار ٿيا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٽوڙي ۽ ٻيا بند ٻوڏ کان اڳ لاپرواهي ۽ مناسب مرمت نه ڪرڻ سبب ٽٽا، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سياستدانن، سول ۽ ملٽري جي ڪامورا شاهيءَ گڏجي فيصلو ڪيو هو ته سنڌو کي علي واهڻ وٽان ڪٽ نه هنيو ويندو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ادا طاهر اوهانجي انهن سڀني ليکن مان سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال واضح پئي ٿئي ته هن سال به درياهه شاه بادشاه پنهنجا ڪم ڏيکاريندو، پر افسوس جو قومي طور تي اسين جهالت جو شڪار آهيون ۔۔۔ حڪومتي ناانصافيون ۽ عوامي جاڳرتا نه هجڻ سبب اسين هر سال رحمت کي به زحمت بڻائي ٿا ڇڏيون ۔۔۔

    الله خئير ڪري، جي هن سال به ٻوڏ آهي ته رهي سهي ڪسر به نڪري ويندي ۽ سنڌي ڪشتو کڻي گهمندا ۔۔۔ افسوس ان ڳالهه جو ته؛ جيڪا قوم هڪ خوشحال ڌرتيءَ جي وارث ان جا مالڪ در بدر ۽ امداد جا محتاج نظر ايندا ۔۔۔ ۽ ايم ڪيو ايم وارا سڀ کان اڳ ڪراچيءَ کي محفوظ ڪندا ته سنڌي ڪراچيءَ نه اچن ۔۔۔ پنجاب وارا پنجاب محفوظ ڪندا ۽ باقي قومن وارا به ڪو سنڌين جا همدرد ڪونهن جو اوکيءَ ويل ڪم اچن ۔۔۔

    هٿ مٿي آهن۔۔۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    آبپاشي کاتو گذريل سال جهڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي:ادريس راجپوت

    ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڻي ماهر ۽ آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ادريس راجپوت چيو آهي ته آبپاشي کاتي وٽ گذريل سال جهڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود ناهي، حڪومت بند ٽٽڻ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر نه ٿي اچي، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ادريس راجپوت چيو ته گذريل سال جهڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي کاتي جي عملي کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هن ڀيري ٻوڏ جي صورتحال ۾ بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني جي ضرورت آهي، ان لاءِ عام ماڻهن کي به سرڪار جي مدد ڪرڻي پوندي، هن چيو ته ٻوڏ دوران متاثر ٿيل بندن جو ڪم 95 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ جيڪو رهيل آهي، اهو به جلد مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته ٽوڙي سميت ٻين بندن کي پيل گهارن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پر لڳي ٿو ته سرڪار ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهي.
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ٽوڙي وٽ 85 کان 90 سيڪڙو ڪم ٿي ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪنداسين:سنڌ سرڪار
    ڪراچي (بيورو رپورٽ)سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران بندن جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سميت ٻيا مسئلا اٿاريا ويا، جڏهن ته ڪنهن ڪنهن مهل سخت جملن جي ڏي وٺ ۽ ڀوڳ به ٿيندا رهيا. مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ جي نصرت سحر عباسي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن جي اخبارن ۾ آيل رپورٽ مطابق ٻوڏ جي تباهي جا ذميوار آبپاشي کاتي جو تڏهوڪو سيڪريٽري ۽ گڊو بئراج جو چيف انجنيئر آهن جن جي غفلت جي ڪري سنڌ ۾ تباهي آئي، بندن جو ڪم مڪمل ٿيڻو هو پر اهو مقرر وقت تي پورو ناهي ٿيو. ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ بندن جي صورتحال بابت ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي. نصرت سحر عباسي جي ڳالهائڻ دوران قانون وارو وزير اياز سومرو اٿي بيٺو ۽ چيو ته پوائنٽ آف آرڊر تي مسئلو اٿاريو، تقرير نه ڪريو. مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو ته هي اهم ۽ عوام جو مسئلو آهي، قانون وارو وزير رنڊڪ وجهي رهيو آهي، ان تي اياز سومرو ۽ شرجيل ميمڻ اٿي بيٺا ۽ گڏ ڳالهائڻ تي گوڙ ٿي ويو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ ضابطو رکيو وڃي. اياز سومري چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪميشن بندن بابت رپورٽ جوڙي آهي، جيڪا پيش نه ٿي آهي ۽ اخبارن پهريان شايع ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ رپورٽ تي جيڪو حڪم ڏنو، ان تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي مون ايم پي ايز سان گڏجي ٽوڙي بند جو دورو ڪيو، جتي 85 کان 90 سيڪڙو بندن جو تعميراتي ۽ مرمتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ايوان ۾ ويهي بندن جي ڪم تي تنقيد ڪندڙ ميمبر پاڻ به 50 سينٽي گريڊ گرمي ۾ وڃي بندن جو دورو ڪن. هن چيو ته سنڌ سرڪار ايوان جي ميمبرن کي هاڻي به بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ اڳ ۾ به بريفنگ ڏئي چڪي آهي. سڌسماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته فلڊ ڪميشن جي حتمي رپورٽ اڃا تائين سامهون نه آئي آهي. ڪچي آبادي جي وزير رفيق انجنيئر چيو ته گذريل سومر تي هڪ پروگرام مان واپس ويندڙ پ پ ڪارڪنن عذير بلوچ، حبيب بلوچ ۽ ٻين تي گهانچي پاڙي ۾ حملو ٿيو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا ميڊيا انهن کي ڪالعدم پيپلز امن ڪاميٽي جو ڪارڪن قرار ڏنو جڏهن ته اهو غلط آهي، هڪ موقعي تي اجلاس ۾ پ پ جي محمد نواز چانڊئي جي ان جملي تي اسپيڪر کلندو رهيو ته ”ايوان کان ٻاهر وزير ملن ئي نٿا“جڏهن ته پ پ ايم پي اي محمد نواز چانڊيو قانون واري وزير اياز سومري وٽ وڃي ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ته اسپيڪر محمد نواز چانڊئي کي چيو ته چانڊيا صاحب اسيمبليءَ کان ٻاهر پاڻ ۾ ملندا ڪريو، جنهن تي محمد نواز چانڊئي چيو ته سائين اسيمبليءَ کان ٻاهر ته وزير ملن ئي نٿا. ان کان اڳ نصرت عباسي خانگي بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهرندي چيو ته اسپيڪر صاحب توهان بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيو ته تاريخ ٺهي ويندي، جنهن تي صوبائي وزير رفيق انجنيئر چيو ته تاريخ ٺهي نه ٺهي پر ميڊيا ۾ خبر ضرور ٺهي ويندي، ان تي نصرت عباسي احتجاج ڪيو. هڪ موقعي تي جڏهن نصرت عباسي ۽ ماروي راشدي گڏجي ڳالهائڻ لڳيون ته قانون واري وزير اياز سومري چيو ته هي ٻئي آخر هر ڀيري گڏ اُٿي ڇو ٿيون ڳالهائين.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سامونڊي طوفان جو خطرو، مهاڻن کي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت
    ڪراچي (رپورٽ:مجاهد شاهه) موسميات کاتي سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته هوا جي گهٽ داٻ سبب سمنڊ جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي ۽ اها جمعي جي رات کان تمام گهڻي خراب ٿي ويندي، تنهن ڪري جمعي کان سومر جي ڏينهن تائين کليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي، موسميات کاتي پاران جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وقت سامونڊي سطح جو گرمي پد 30 سينٽي گريڊ جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن جو اڄ شام کان چئوماسي جو هڪ نئون موسمي سرشتو جڙي رهيو آهي، جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۾ طوفاني هوائن سان مينهن پوندو، هوڏانهن موسميات کاتي ڪراچي جي آگاهي مطابق عربي سمنڊ ۾ بنگال واري نار کان اٿيل طوفاني چڪر سبب انڊيا جي گووا-ممبئي وارن سامونڊي ڪنارن کي ڇهي ايندڙ اهو طوفان ڪراچي جي ساحلي پٽي کان پرڀرو گذري وڃي عمان جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائبو، ان ڪري ڪراچي ۾ ڪنهن وڏي طوفان جو امڪان گهٽ آهي پر تنهن هوندي به احتياطي اپائن تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي وٽ رهندڙ مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ نه گهرجي، موسميات کاتي موجب چئوماسي جي چڪر سبب اٿندڙ طوفان جي نتيجي ۾ سمنڊ اندر تمام گهڻي هلچل پيدا ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي موسميات کاتي ڪراچي جي ڊائريڪٽر سي ڊي پي سي نعيم شاهه ٻڌايو ته سامونڊي طوفان بابت في الحال ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته موسمياتي تبديلي هڪ متحرڪ عمل آهي، ان ڪري اسان صرف اندازو ته هڻي سگهون ٿا پر حتمي ڳالهه نه ٿا چئي سگهون، هن وقت سمنڊ اندر ٺهندڙ طوفاني چڪر انڊيا جي بلڪل ويجهو آهي ۽ اڄ صبح تائين اهو ڀارت جي ڪجهه علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو پر سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۾ ان جو زور خميس کان جمعي واري ڏينهن وڌيڪ هوندو، جنهن جي نتيجي ۾ چئوماسي جي برساتن جو هڪ سلسلو شروع ٿيندو جيڪو ٻن کان ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، برساتن جو اهو سلسلو ساحلي علائقن سان گڏوگڏ حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪوهستان واري پٽي تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ان ڪري في الحال مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، باقي ڪنهن وڏي پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    بندن جو ڪم مضبوطي سان ٿئي پيو، ٻوڏ آئي ته منهن ڏئي وينداسين:ڌاريجو
    ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌو کي بندن بابت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾ ملوث قرار ڏنل ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻوڏ دوران مون تي ۽ خورشيد شاهه تي بندن ٽوڙائڻ جا الزام هنيا ويا پر عدالتي ڪميشن جي رپورٽ انهن الزامن کي غلط ثابت ڪيو، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته عدالتي ڪميشن جي تجويزن تي آبپاشي کاتو عمل ڪندو، هن چيو ته ماروي ميمڻ ڊراما ڪندڙ آهي، سندس پيءُ نثار ميمڻ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ مهم هلائي، نثار ميمڻ ان کان اڳ ڪالا باغ ڊيم جو مخالف هو، آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو، چيف انجنيئر ظفر الله مهر ۽ ٻين عملدارن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي ويندي جي سوال تي آبپاشي وزير چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ڪندي ته آبپاسي عملدارن تي الزام ثابت ٿين ٿا يا نه، سنڌ هاءِ ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪنداسين، هن چيو ته بندن جي مرمتي ڪم لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيا آهن، ان کانسواءِ 4-5 ايجنسيون ٻيون به آهن، جنهن ۾ فوج جي انجنيئرنگ ڪور، فيڊرل فلڊ ڪميشن ۽ پارلياماني ڪاميٽيون شامل آهن، انهن سڀني رپورٽ ڏني آهي ته بندن جو ڪم پائيدار ٿئي پيو، انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ضرور ڪٿي نه ڪٿي شڪايت هوندي، پهريون ڀيرو آهي جو جيڪڏهن ڪو ٺيڪيدار ڪميشن ڏئي ٿو ته ڊڄي ڊڄي ڏئي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو وٺي ٿو ته ڊڄي ڊڄي وٺي ٿو، اسان ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرن تي سختي ڪئي آهي ته ڪميشن نه ڏني وڃي، آئون پاڻ ضمانت ڏئي چوان ٿو ته بندن جو مرمتي ڪم اهڙي نموني ڪرايو ويندو، جيڪڏهن ڪا آفت آئي ته ان جو مقابلو ڪنداسين، هن چيو ته جتي گهارا پيا هئا، اهي ته اسان هڪ هفتي يا 10 ڏينهن اندر بند ڪري وٺنداسين، ٻيا ڪم 30 جون کان اڳ 80 سيڪڙو ٿي ويندا، ڪٿي ڪٿي دير ٿئي ٿي ته ان ۾ نقصان جي ڪا ڳالهه ناهي، مڪمل نه به ٿي سگهيا ته 2-3 فوٽ مٿي ٿي ويندا، هن چيو ته منهنجي خيال ۾ مستقبل ۾ جيڪا ٻوڏ ايندي اها منهن ڏيڻ جوڳي هوندي، گذريل سال آيل ٻوڏ ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    عربي سمنڊ مان اٿندڙ طوفان جي اڳڪٿي سبب بدين جي سامونڊي پٽي جي ماڻهن ۾ خوف، انتظاميا لاعلم بڻيل
    بدين(ن ڪ) موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پاران عربي سمنڊ مان اٿندڙ طوفان جي اڳڪٿي ڪرڻ باوجود بدين ضلع انتظاميا پاران اڻڄائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ لکين مهاڻا سامونڊي پٽي جي ماڻهن ۾ خوف وهراس ڇانيل آهي، سامونڊي پٽي جي مخلتف علائقي شيخاڻي ، گهاري، زيرو پوائنٽ، شيخ ڪرهيو، روپا ماڙي ۽ احمد راڄو ۾ رهندڙ مهاڻن جو مڇي مارڻ وارو ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيو آهي.
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    وري ٻوڏ آئي...!!
    يوسف گهانگهرو
    سنڌ واسين لاءِ ٻوڏ هڪ اهڙو دهشت ۽ وحشت وارو نالو بڻجي ويو آهي جو ٻوڏ لفظ ٻڌندي ئي ساهه مُٺ ۾ اچيو وڃي. گذريل سال جي ٻوڏ کانپوءِ تازو سنڌو درياءَ ۾ جڏهن پهريون دفعو پاڻي جو ريلو آيو ته ڪن شرپسند ماڻهن جيڪب آباد شهر ۾ ڪوڙو افواهه ڦهلايو ته وري ٻوڏ اچي وئي آهي، ان لاءِ جلدي جلدي شهر خالي ڪريو. اهڙي ڪوڙي اطلاع ملڻ تي هر طرف ٽاڪوڙو مچي ويو، ضلعي انتظاميا فوري طور اعلان ڪرايا ته، ”ٻوڏ اچڻ جو ڪو به خطرو نه آهي، اهڙا افواهه ڪوڙا آهن، انهيءَ لاءِ سمورا شهر واسي پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ رهن.“ ماڻهن جي ذهنن جي ڪينوا تي پَروڪي ٻوڏ جون تباهيون نقش ٿيل هيون، ان لاءِ جيڪڏهن ضلعي انتظاميا اهڙو اعلان نه ڪرائي ها ته شايد ڪجهه گهڙين بعد جيڪب آباد شهر ۾ ڪو به بني بشر نه رهي ها ۽ شهر خالي ٿي وڃي ها. جيڪب آباد جي اهڙي ڪهاڻي ٻڌي مون کي پنهنجي ڳوٺاڻي ڪاڪي ڀليڏني جون کريون کريون ڳالهيون ياد اچي ويون ته، ”ابا پَرُ ته گلاس جيتري ٻوڏ آئي هئي، هيل ته جڳ جيتري ٻوڏ ايندي“. ڳالهه کي پنهنجي مخصوص انداز سان اڳتي وڌائيندي هو ڏاڍو خوبصورت تبصرو ڪندي ائين پڻ چوي ٿو ته، ”ابا پ پ سرڪار کي ڪهڙي پرواهه...!؟ هو اڳواٽ ڪو بندوبست ڪري سگهندا ڪو نه، پوءِ جڏهن ٻوڏ ايندي ته پَرُ سال جيان چوندا ته درياءُ بادشاهه آهي، وڻيس ته ٻوڙي، وڻيس ته تاري.“
    ڪجهه به هجي پر آئون ڪاڪي ڀليڏني سان متفق آهيان ڇو ته گذريل سال خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ ڊيرا غازي خان، راجن پور ۽ ٻين شهرن ۾ وڏي ٻوڏ جي تاريخي تباهي بعد جڏهن 3 آگسٽ 2010ع جي ڏينهن سنڌو درياءُ پنجند کان 11 لک ڪيوسڪ جو تاريخي وهڪرو کڻي تيزيءَ سان سنڌ ڏانهن وڌي رهيو هو ۽ گڊو بيراج ۾ وڏي ٻوڏ اچي وئي هئي ته انهيءَ موقعي تي حڪومت، نيوي ۽ ايئر فورس کي الرٽ ڪري اهو فرمان پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو ته گهوٽڪي، ڪشمور، سکر، جيڪب آباد، خيرپور ميرس، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪچي ۾ رهندڙ 10 لک ماڻهن کي زبردستي لڏايو وڃي. هوڏانهن اهڙي خطرناڪ صورتحال ڏسي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي طرفان سنڌ جي آبپاشي کاتي کي هڪ ليٽر لکي اطلاع ڏنو ويو هو ته سکر بيراج وٽان 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نه ٿو گذاري سگهجي. سکر بيراج خطري ۾ آهي، ان لاءِ فوري طور تي ”سنڌوءَ“ کي هٿرادو ڪٽ هڻايو وڃي پر افسوس جو سنڌ انتظاميا دانشمنديءَ کان ڪم وٺڻ بجاءِ جذباتي فيصلو ڪيو ته ڪٿي به ڪو هٿرادو گهارو نه هنيو ويندو. هن ٻوڏ کان بچڻ لاءِ حفاظتي اپاءَ وٺڻ وارو پلان ظاهر ڪندي چيو ته ”اسين سنڌ بچائڻ لاءِ سنڌ جي هر ايم پي اي ۽ وزير کي 20-20 ڪلوميٽرن تائين بندن جي نگراني سونپي ڇڏي آهي. آخر ۾ جڏهن پاڻي سر کان مٿي چڙهي ويو ته حڪومت اهو چئي جان ڇڏائي ته ”درياءُ بادشاهه آهي، ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو..!“ سنڌ حڪومت جو اهڙو بيان ئي ته هو، جنهن جي ڪري سنڌ جي عوام حڪومت ڏانهن آڱريون کڻڻ شروع ڪيون هيون ته اسان کي قدرتي آفتن نه پر حڪومت جي بيحسي ۽ لاپرواهي ٻوڙيو آهي. 5 آگسٽ 2010ع جي ڏينهن جڏهن وڏي ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿي هئي ته ان ڏينهن ڪنهن کي تصور ۾ به نه هو ته هميشه پاڻيءَ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل سنڌ ڌرتيءَ کي پاڻيءَ جو اچانڪ ايڏو ريج اچي ويندو جو ٻيهر هو زرعي پاڻي جي حصول لاءِ احتجاج ڪرڻ ئي وساري ڇڏيندي. اها 7 آگسٽ جي اڀاڳي رات هئي، جڏهن غوثپور ڀرسان ٽوڙي بند ٽُٽي پيو هو. بند ڇا ٽُٽو ڄڻڪه سنڌي ماڻهن جي نصيب جو سڳو ئي ٽُٽي پيو هو. ٻوڏ وارو پاڻي اجگر شينهن جيان حملا ڪندو سنڌ جي وستين، واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن کي ٻوڙيندو، سوين انساني جانيون ڳڙڪائيندو، لکين دلين جي ارمانن جو قتلام ڪندو، گڊو بيراج، سکر بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج بجاءِ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، قمبر- شهداد ڪوٽ، دادو، ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن جي 11 هزار ڳوٺن ۽ 43 شهرن کي تباهه ڪندي وڃي سمنڊ ڀيڙو ٿيو هو. تڏهن وڃي حڪمرانن جو هوش ٺڪاڻي تي آيو هو ته ٻوڏ اچڻ کان پهرين ٿورڙي غفلت ڪرڻ سبب ڪيڏو وڏو نقصان ٿي ويو آهي.
    انهيءَ کان اڳ جڏهن به سنڌو درياهه ۾ 12 لک کان وڌيڪ ڪيوسڪ جون خطرناڪ ٻوڏون اينديون هيون ته ان وقت ”سنڌوءَ“ ۾ ڪجهه فطري بچاءُ پڻ هوندا هئا، سڀ کان پهرين ته سنڌوءَ جي ڪنارن کان ٽالهي، پِپِر، ڪنڊي، سرنهن، ٻٻر ۽ ٻين انيڪ قسمن جا خوبصورت وڻ بندن (ڪنارن) کي مضبوط ڪيو بيٺا هوندا هئا، پر جڏهن کان آبپاشي کاتي، پوليس ۽ ٻيلي کاتي جي ڪامورن پاڻ ۾ گڏجي، اهي قيمتي وڻ وڍائي ڪاٺ وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو آهي، تڏهن کان وڻن جي پاڙن بنا سنڌو درياءَ جا ڄاڻايل بند به ڪمزور ۽ کوکلا ٿي ويا آهن. ٻئي وڏي ڳالهه اها آهي ته روهڙي جي علائقي علي واهڻ وٽان اڳ ۾ هڪ وڏي ڇنڊڻ هوندي هئي، اتان سنڌو درياءَ مان ايندڙ پاڻي جو وڏو وهڪرو هاڪڙي درياءَ جي پيٽ ۾ وڃي پوندو هو، اهو پاڻي علي واهڻ کان خيرپور ميرس جي ڪچي مان ٿيندو، سانگهڙ مان ڪراس ڪندو، ٿر جي واريءَ کي وهنجاريندو، ڪنري تعلقي کي اورانگهيندو، بدين جو سير ڪندو، تعلقي ڏيپلي وٽان سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو، پر افسوس جو اڄ سنڌو درياءَ جي انهيءَ فطري رستي کي به سياست ۽ ذاتي لالچن جي ور چاڙهيو ويو آهي. سنڌو درياءَ جي وڏي ٻوڏ کي اهڙو فطري رستو ڏيڻ جي مخالفت ڪندڙ سکر مان چونڊيل هڪ وفاقي وزير فرمائي ٿو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي، تاريخ ۾ ڪڏهن به علي واهڻ کان سنڌو درياءَ جو ڪو به فطري رستو نه رهيو آهي. آئون کيس گذارش اها ڪندس ته مان توهان کي کپري ۾ ٺهيل انگريز دور جون اهي تاريخي پليون ڏيکاريان، جيڪي قيمتي نوادرات جهڙو ڏيک ڏئي رهيون آهن، انهن پلين جو صرف قيمتي لوهه ڏسڻ سان ئي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. اڄ جڏهن سکر بيراج تي نئين پل تعمير ڪرائي وئي آهي ته هن جديد ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به اهڙو قيمتي لوهه استعمال نه ڪيو ويو آهي، جهڙو کپري جي انهن پلين ۾ استعمال ٿيل آهي. تاريخ شاهد آهي ته اهي پليون انگريزن صرف ان لاءِ ٺهرايون هيون ته جيئن مٿي ڄاڻايل هاڪڙي، جنهن کي سوليءَ سنڌي ۾ ڇنڊڻ پڻ چيو ويندو آهي، ۾ جڏهن پاڻي اچي ته استعمال ڪري سگهجن.
    اڄ جڏهن سال پورو ٿيڻ باوجود غوثپور-ڪرمپور، ڳڙهي خيرو، قبو سعيد خان ۽ خيرپور ناٿن شاهه سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن مان ٻوڏ جو پاڻي به نه سڪي سگهيو آهي، اڄ جڏهن متاثر علائقن ۾ ٻي ٻوڏ جي خوف کان لکين ايڪڙ زرعي زمينن تي فصل به نه پوکيا ويا آهن. اڄ جڏهن ٻوڏ متاثرين پنهنجي زندگيءَ جي سموري پون جي دريا بادشاهه هٿان کسجي وڃڻ سبب اڃا تائين ڪجهه رليف ڪيمپن جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، اڄ جڏهن وطن ڪارڊ جي مليل رقم ختم ٿيڻ بعد ڪجهه متاثرين ڏڪار جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، ۽ اڄ جڏهن ٻوڏ ۽ لڏ پلاڻ جو درد هنن معصوم ماروئڙن کان وسريو ئي ناهي، تڏهن هڪ دفعو ٻيهر خطري جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿي ويون آهن. حڪومت کي اپيل آهي ته هاڻي خدارا، خلق خدا تي ڪَهل ڪريو، هي وقت آهي، اڳواٽ رٿابنديءَ جو، هي وقت آهي ماضيءَ جي غلطين کي ورجائڻ بجاءِ عملي ڪم ڪرڻ جو، ان کان اڳ جو ٻيهر ٻوڏ اچي ۽ پاڻ سان گڏ سڀ ڪجهه کڻي وڃي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ جي بچاءَ لاءِ نوان اڀياس ڪرائي پاڻي ماهرن، آبپاشي کاتي جي سينيئر آفيسرن ۽ تجربي ڪار شهرين کان رايا وٺي سنڌوءَ جي ڪنارن ۽ ٽنهي بئراجن سميت لاڙڪاڻو- خيرپور پل ۽ دادو- مورو پل سميت سنڌوءَ تي اڏيل سمورين پلن کي مضبوط ۽ محفوظ بنائڻ جو پلان بنايو و ڃي. اگر حڪومت وٽ اهڙي رٿابندي لاءِ ڪو ٻيو سرمايو ناهي ته پوءِ غريبن لاءِ رکيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا 50-ارب رپيا ئي استعمال ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ ٻوڏ ۾ عوام جي حفاظت ٿي سگهي.
    yousif.ghanghro@yahoo.com

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ”زيادتيون ڪيستائين؟“:آبپاشي ملازمن جو حيدرآباد ۾ مظاهرو

    حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) روهڙي ڪئنال سرڪل جي آبپاشي کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه روهڙي ڪئنال جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر جي آفيس آڏو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظهر علي، احمد چانڊيو، عثمان ڏاهري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته کاتي جي صوبائي اختيارين پاران آبپاشي کاتي جي ننڍن ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته 1995ع کان ملازمن کي گهربل الائونسن، ترقين ۽ ٻين سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ملازم پريشاني ۾ مبتلا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن کي گهربل ترقيون ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن، جڏهن ته فوتي ڪوٽا تحت ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ملڻ کپن.
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سکر بندر وال جي رهواسين ۽ سرڪار ۾ ڳالهيون ڪامياب، 70 ڪروڙ معاوضي تي اتفاق، گدام ۽ دڪان به ڊاهڻ جو فيصلو
    سکر(رپورٽ: شبير ڀٽو) سکر شهر جي بندروال جي مٿان ۽ اندران قبضا ڪري گهر ۽ ٻيون عمارتون اڏي رهندڙ ماڻهن جي ايڪشن ڪاميٽي جي نمائندن ۽ سرڪاري ڪاميٽي جي نمائندن وچ ۾ بندروال کي خالي ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪامياب، گهر اڏي رهندڙ ماڻهن کي 70 ڪروڙ معاوضو ڏيڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاران قائم ڪيل سرڪاري ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر اسلام الدين شيخ ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل رات جو ايڪشن ڪاميٽي جي 11 ميمبرن ۽ عهديدارن سان ٿيل ڳالهين ۾ قرآن پاڪ تي معاملو طئي ٿي ويو آهي، ٻنهي ڌرين پاران اهو معاهدو لکت ۾ پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن موجب مختلف گهرن کي اي، بي ۽ سي ڪيٽيگري ۾ ورهائي معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي، اي ڪيٽيگري وارن 744 گهرن کي 6 لک رپيا في گهر، بي ڪيٽيگري جي 377 گهرن کي في گهر 4 لک رپيا ۽ سي ڪيٽيگري جي 258 گهرن کي 2 لک رپيا في گهر جي حساب سان ادائگي ڪئي ويندي، هن چيو ته مجموعي طور تي 1400 جي لڳ ڀڳ گهرن جي مالڪن کي 70 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويندا، جيڪا رقم سنڌ حڪومت جاري ڪري ڇڏي آهي، اڄ کان رقم جي ورهاست وارو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جيڪي ماڻهو معاوضو وٺندا اهي گهر خالي ڪندا، اهو عمل هفتي، ڏهن ڏينهن اندر مڪمل ٿي ويندو، ان کانپوءِ گهرن ۽ ٻين اڏاوتن کي ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، هن چيو ته ايڪشن ڪاميٽي جي نمائندن يقين ڏياريو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس ورتي ويندي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بندروال مٿان يا اندران جن به ماڻهن دڪان يا گدام قائم ڪيا آهن تن کي ڪو به معاوضو ادا نه ڪيو ويندو، انهن جون اڏاوتون ڊاٺيون وينديون، جڏهن ته مسجدن کي برقرار رکيو ويندو، جڏهن ته گهڻ ماڙ عمارتن، سرڪاري آفيسن ۽ ٻين اڏاوتن جي پراڻي نقشي موجب سروي ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪا به عمارت بندروال جي اندر تعمير ٿيل هوندي ته ان کي پڻ ڊاٺو ويندو، هن چيو ته گذريل 60 سالن کان وٺي اهو معاملو حل نه ٿي سگهيو هو، ماڻهن ناجائز قبضا ڪري اڏاوتون قائم ڪيون هيون پر پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت ماڻهن کي بنا معاوضي اٿارڻ نه پئي چاهيو ان ڪري کين معاوضو ڏنو ويندو ته جيئن اهي پنهنجو ٻيو اجهو ٺاهي سگهن، هوڏانهن رابطي تي ايڪشن ڪاميٽي جي صدر سبحان انڍڙ اهڙي معاهدي جي تصديق ڪندي چيو ته ڳالهيون ٿي ويون آهن، اڄ کان معاوضن جي ادائگي شروع ڪئي ويندي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ دادو،جوهي،ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه کي رنگ بند ٻڌڻ جو فيصلو
    دادو(ن ڪ) دادو ضلعي ۾ امڪاني ٻوڏ جي تباهين کان بچڻ لاءِ دادو، جوهي، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه شهرن کي چئوطرف رنگ بند ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪالهه ڊي سي او دادو نياز علي عباسي جي ضلعي عملدارن جي اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪندي چيو آهي ته 18 لک انساني آبادي کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ 17 وجيلنس ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايف پي بند جا 4 هنڌ حساس آهن، جڏهن ته ايل ايس بند کي اميناڻي، پاٽ شريف ۽ دادو سيال ڳوٺ وٽ وڏا خطرا موجود آهن، بندن جي سخت چوڪسي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪري کين 24 ڪلاڪ الرٽ رهڻ جو چيو ويو آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين جا گهارا پڻ فوري طور بند ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪرايو ويو آهي.
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    30 جون کان پهرين بندن جو ڪم مڪمل ٿي ويندو؟
    تازو سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته هن سال وڏي ٻوڏ اچڻ جي امڪان سبب بندن جو ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ وڏي وزير ٻوڏ اچڻ جي خدشي سبب بندن جو ڪم 30 جون تي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر پوءِ به اهڙي اعلان تي عمل مشڪل ئي لڳي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال وڏي ٻوڏ سبب سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿيڻ بعد سال جو عرصو گذرڻ ۽ سرڪار پاران وڏي رقم بندن لاءِ مختص ڪرڻ باوجود بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ وڏي افسوس جي ڳالهه آهي. اڃا تائين سنڌ سرڪار پاران بندر وال تان قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪاميٽي ٺاهڻ باوجود قبضا خالي نه ڪرائي سگهي آهي. ڪنگري لڳ سنڌوءَ جي کاڌ جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن. سنڌ ۾ هن سال ٻوڏ اچڻ کان پهرين بندن جي خطرناڪ صورتحال سبب قومپرست پارٽين سميت، سياسي سماجي ڌريون پڻ پنهنجا خدشا ظاهر ڪري رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي 30 جون تائين بندن جو ڪم مڪمل ڪرائڻ واري اعلان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
    عبدالرحمان جروار/ٽنڊو الهيار
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ٻوڏ جي خوف کان فصل نه پوکڻ دانشمندي ناهي
    محمد ادريس راجپوت
    کير ٿر ڪئنال ۾ پيل کنڊن جي ڪم کي ڏسڻ جي سلسلي ۾ مون کي گڙنگ ريگيوليٽر کان اٽڪل ميل هيٺ وڃڻ جو موقعو مليو، مان سومر 30 سيپٽمبر تي هوائي جهاز رستي سکر پهتس ۽ پوءِ رتيديري کان ٿيندي کير ٿر ڪئنال جي 52 آر ڊي کان هيٺ گڙنگ ريگيوليٽر ۽ پوءِ کنڊ واري هنڌ 108 آرڊي تي پهتس. رستي تي مون اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته ڪٿي به ساريال فصل ڪو نه هو ۽ ڪٿي به ساريال جو ٻيجارو ڏسڻ ۾ نه آيو، نه ئي وري ڪٿي به ٻيجاري کان اڳ ٻنين جي ٽڪرن ۾ ڪٿي باهه ڏنل ڏٺم. ماڻهن کان پڇا ڪيم ته ائين ڇو پيو ٿئي؟ ته هنن ٻڌايو ته ماڻهو هڪ ته خوف ۾ آهن، ٻيو پلال ئي ڪونهي، جو ٻيجاري کان اڳ ٻنين جي ٽڪرن کي باهيون ڏين ته جيئن ٻيجارو پوکين. گذريل سال ٻوڏ جي ڪري ماڻهن جا بيٺل فصل تباهه ٿيا، ربيع به نه ٿي، ماڻهن جي معاشي حالت ايتري ته خراب آهي جو انهن ۾ فصل پوکڻ جي طاقت نه آهي. فصل تباهه ٿيڻ ڪري پلال به ڪونهي، جڏهن ته بُهه به مهانگو ٿو ملي، پوءِ ويچارا ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن!
    وري انهيءَ حوالي سان ڪاوش جي اربع پهرين جون واري شماري ۾ خيرپور ناٿن شاهه وارن ماڻهن بابت اِها خبر لڳي آهي ته ٻوڏ واري علائقي جي آبادگارن، زميندارن ۽ هارين ٻيهر امڪاني ٻوڏ جي خطري سبب سارين جو ٻيجارو نه پوکيو آهي ۽ ماڻهو ٻڏتر جو شڪار آهن. هر سال مئي مهيني جي شروعات ۾ ئي هن علائقي جا ڪيترائي آبادگار، زميندار ۽ هاري ٽيوب ويلن، موٽرن ۽ نلڪن تي سارين جو ٻيجارو پوکڻ شروع ڪندا آهن ۽ جيئن ئي پاڻي وهي ايندو آهي ته رونبن جي ڌم لڳي ويندي آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي مزدوري ملندي آهي، پر هن سال ٻوڏ جي ٻيهر خطري سبب ڪنهن به ماڻهو ٻيجارو ناهي پوکيو ۽ ماڻهن ۾ سخت خوف ۽ هراس ڇانيل آهي. اِها به خبر پئي آهي ته ڳڙهي خيري واري پاسي پمفليٽ ورهايا ويا آهن، ته هن سال واري ٻوڏ اچي پئي، گذريل سال وانگر پوکيل فصل لڙهي ويندا، تنهن ڪري آباديون نه ڪريو. چون ٿا ته اِهي پمفليٽ ڪن اين جي اوز ڇپرائي ورهايا آهن، ته جيئن ماڻهو تنبن ۾ ئي رهيا پيا هجن، گهرن ڏانهن نه موٽن ته جيئن هنن جو ڌنڌو هلندو رهي. اها به خبر پئي آهي ته ته ماڻهن کي سهولت ڏيندڙ اين جي اوز به خوب ڪمايو آهي. ڇا هن سال به وڏي ٻوڏ اچڻ جا امڪان آهن ۽ ڇا انهيءَ خوف ڪري ماڻهن جو فصل نه پوکڻ وارو عمل صحيح آهي؟ اچو ته جائزو وٺون.
    هن سال ٻوڏ اچڻ جو امڪان:
    سنڌ صوبو سنڌو دريائي نظام جي پڇڙيءَ ۾ آهي، اهو پاڻ ٻوڏ پيدا نٿو ڪري، پر ٻين صوبن مان آيل ٻوڏ کي منهن ڏئي سمنڊ ۾ اماڻي ٿو. جيڪي دريا سنڌوءَ ۾ پون ٿا، اهي آهن ڪابل، جهلم، چناب، ستلج، بياس ۽ راوي. سنڌ طاس معاهدي جي ڪري ٽي دريا يعني ستلج، بياس ۽ راوي هندستان وٽ هليا ويا آهن. هندستان وارن انهن ٽنهي دريائن تي وڏا ڊيم ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ آبپاشي نظام ايتري قدر وڌائي ڇڏيو آهي، جو عام سالن ۾ ڪو خاص پاڻي پاڪستان ۾ نٿو اچي، پر وڏين ٻوڏن ۾ اچي سگهي ٿو، ۽ ڏٺو اهو ويو آهي ته انهن ٽن اڀرندي دريائن جي ڪري پاڪستان ۾ ٻوڏ نٿي اچي. باقي رهجي ويا ٽي الهندا دريا، يعني سنڌو ۽ اُن جا معاون دريا ڪابل، جهلم ۽ چناب. جڏهن ڪابل، جهلم ۽ چناب ۾ ٻوڏ اچي ٿي ته سنڌوءَ ۾ پاڻي وڌي وڃي ٿو، پر ان ۾ هڪڙو جزو اهم آهي، اهو آهي انهن دريائن ۾ آيل وڏن وهڪرن جي پاڻيءَ جو ساڳئي وقت گڏجڻ، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Synchronisation of flood peaks چئجي ٿو. سال 1992ع ۾ سيپٽمبر جي مهيني ۾ اوچتو تيز مينهن پيا، رِم اسٽيشن تي آيل پاڻيءَ جو مقدار 22 لک ڪيوسڪ پئي ٿيو. جيڪڏهن اهي سڀ وهڪرا گڏجي هلن ها ته پاڪستان ۾ وڏي تباهي آڻين ها، پر ائين نه ٿيو، انهن دريائن جا وهڪرا اڳتي پوئتي ٿي ويا ۽ گڊو بيراج تي 10 لک 86 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهتو ۽ سنڌ ۾ ڪٿي به کنڊ نه پيو. تنهن ڪري جيڪڏهن انهن دريائن جي ماٿرين ۾ مينهن پون به ٿا ته ان ڪري وڏي ٻوڏ اچڻ ضروري ناهي. ڪنهن به دريا ۾ وهڪرا هيٺين سببن ڪري وڌن ٿا:
    . ننڍن جبلن تي تمام تيز مينهن پوڻ.
    . وڏين ماٿرين Catchments)) ۾ ڪيترن ڏينهن تائين تيز مينهن پوڻ.
    . برف سان ڍڪيل جبلن تي گرم برساتن جو پوڻ.
    . گرمي پد وڌڻ ڪري گليشيئرن جو رجڻ.
    . سانوڻيءَ جي برساتن ۽ بي آف بنگال ۾ ڊپريشن (گهٽ داٻ) جو پيدا ٿيڻ.
    سنڌ ۾ ٻوڏ پهرين چئن سببن ڪري نٿي اچي، بلڪه سانوڻيءَ جي برساتن ۽ بي آف بنگال ۾ ڊپريشن ڪري اچي ٿي. موسمياتي کاتي وارن جو چوڻ آهي ته ٻه موسمياتي نظام دريائن جي ماٿرين ۾ برساتن جو ڪارڻ ٿين ٿا، هڪڙو اڀرندو موسمياتي نظام ۽ ٻيو الهندو موسمياتي نظام. سال 1961ع کان سال 2009ع جي انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته ٻن موسمياتي نظامن جو ميلاپ پاڪستان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ ٿئي ٿو ۽ انهيءَ ڪري 8 کان 12 ڪلاڪ تيز مينهن پون ٿا، پر سال 2010ع ۾ اهو گڏجڻ يا ميلاپ پاڪستان جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ ٿيو ۽ اهو مينهن 24 کان 36 ڪلاڪ هليو. انهيءَ ۾ وري واڌارو اهو ٿيو ته ان سان هڪ Jet stream ٺهي پيو، جنهن انهيءَ ميلاپ کي اتي بيهاري ڇڏيو. اهو جيٽ اسٽريم مٿين هوا ۾ هڪ تمام وڏي رِنگ وانگر هو، جنهن جي رفتار تمام تيز هئي، اهو ڪيترائي برقرار ڏينهن رهيو، جنهن سانوڻيءَ واري پاڻيءَ سان ڀريل هيٺين ڪڪرن کي مٿي ڇڪيو، انهيءَ ڪري تمام تيز مينهن پيا، جن گذريل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. مثلاً ميانوالي ۾ سراسري کان 292 سيڪڙو وڌيڪ، سيدو شريف ۾ سراسري کان 209 سيڪڙو وڌيڪ، پشاور ۾ سراسري کان 772 سيڪڙو وڌيڪ، ڊيرا اسماعيل خان ۾ سراسري کان 509 سيڪڙو وڌيڪ ۽ خانپور ۾ سراسري کان 1483 سيڪڙو وڌيڪ مينهن پيا. جڏهن اهو پاڻي سنڌوءَ ۾ داخل ٿيو ته ايترو وڌيڪ هو، جو اٽڪ تي پاڻيءَ جي ماپي وارا گيج ٻڏي ويا. سنڌوءَ جي پهرئين بيراج يعني جناح بيراج تي 9 لک 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌوءَ تي پنجاب جي آخري بيراج يعني تونسا بيراج تي 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهتو. اسان وٽ گڊو بيراج تي وڌ ۾ وڌ ايترو پاڻي اچڻ کپي ها، پر اتي 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهتو. اهو وڌيڪ پاڻي ڪٿان آيو؟ ان جو جواب اهو آهي ته، اهو سليمان جبلن تي برساتون پوڻ ڪري نئن ذريعي سنڌوءَ ۾ انهيءَ وقت آيو، جڏهن اسان وٽ چوٽيءَ وارو وهڪرو آيو پئي، يعني تونسا واري وهڪري جي چوٽي نئن جي وهڪرن سان ملي. اهي ان نئيون هي هيون: ڪها، چيچار، ودور، سوري لُنڊ، سخي سرور، ويهووا، سانگهڙ ۽ ڪوڙا هوت. انهن نئين ڪري گڊو بيراج تي اٽڪل 2 لک 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ آيو. انهيءَ دوران ٽي غير معمولي واقعا ٿيا: غير معمولي مينهن ۽ جيٽ اسٽريم جو ٺهڻ، اٽڪ جي گيج جو ٻڏڻ ۽ سليمان رينج ۾ سنڌوءَ ۾ چوٽيءَ واري وهڪري وقت تيز مينهن پوڻ ۽ نئين وسيلي سنڌوءَ ۾ اٽڪل 2 لک 40 ڪيوسڪ پاڻيءَ جو گڏجڻ.
    اهو چيو وڃي ٿو ته گذريل سال ٻوڏ آئي، تنهن ڪري هن سال به ايندي. 1973ع کان آيل سپر فلڊ جن سالن ۾ آئي، اهي هي آهن: 1973، 1975، 1976، 1978، 1986، 1988، 1992 ۽ 1997. انهن ۾ رڳو هڪڙو سال 1975ع آهي، جنهن کانپوءِ 1976ع ۾ مها ٻوڏ آئي، نه ته ڪڏهن هڪڙي سال ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ ٻئي سال مها ٻوڏ نه آئي، تنهن ڪري ضروري ناهي ته جيئن ته گذريل سال ٻوڏ آئي، تنهن ڪري هن سال به مها ٻوڏ ايندي.
    سڀاڻي ڇا ٿيندو، اها پروردگار کي خبر. قادر کي سڀ طاقت آهي، جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري خاطريءَ سان اهو چوڻ ته ٻوڏ ايندي يا نه ايندي، صحيح ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻوڏ اچي، ٿي سگهي ٿو ته نه اچي. سمجهو ته ٻوڏ نٿي اچي، پوءِ جو ماڻهو آباديون نه ڪن، اِها ته بلڪل بي عقليءَ واري ڳالهه آهي. انهيءَ حالت ۾ ته آباديون ڪرڻ کپي. سمجهو ته ٻوڏ اچي ٿي ته پوءِ ڇا ضروري آهي ته کنڊ پون؟ گذريل کنڊ پوڻ جا مکيه ڪارڻ هي هئا:
    . مها ٻوڏ 14 سالن کانپوءِ آئي.
    . آبپاشي کاتي وارا اڳواٽ بندوبست نه ڪري سگهيا.
    . ٻوڏ کي صحيح نموني ۾ منهن نه ڏئي سگهيا.
    . ٻوڏ جي مقدار جو صحيح ڪاٿو نه لڳائي سگهيا.
    . درياهه جو پيٽ لٽجڻ ڪري بند تي گيج مٿي رڪارڊ ٿيا.
    . ٽوڙي تي بند اوور ٽاپ ٿيو.
    .مقامي ماڻهن کان مدد نه ورتي وئي.
    . امن امان جي صورتحال صحيح نه هئي.
    اڳي اسان ٻوڏ نه ڏٺي هئي، گذريل سال آبپاشي کاتي وارا ٻوڏ کان اڳ وارا صحيح بندوبست نه ڪري سگهيا. ڇا هن سال اهو سوچي سگهجي ٿو ته اهي ائين نه ڪندا؟ گذريل سال ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جو صحيح موڊ نه هو. آبپاشي وارن جي جيڪا خواري ٿي آهي ۽ جيڪو ملڪ جو نقصان ٿيو آهي، ڇا هن سال به اهي ائين ڪندا؟ گذريل سال سليمان رينج جي نئين مان آيل پاڻيءَ جو صحيح ڪاٿو نه لڳائي سگهيا، پر هن سال انهيءَ لاءِ بندوبست ڪيو ويندو. لٽ پوڻ ڪري دريا جا گيج مٿي رڪارڊ ٿيا، گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراجن جي سالياني بنديءَ کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته گڊو بيراج تي دريا جو ترو سراسري 12 فوٽ لهي ويو آهي ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 14 فوٽ لهي ويو آهي. معنيٰ گذريل سال واري ٻوڏ لٽ ڪڍي وئي آهي ۽ هن سال بندن تي دٻاءُ گهٽ هوندو. ٽوڙي تي کنڊ اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري ٿيو هو. جتي به کنڊ پيا، اتي بندن جي ٽاپ گذريل سال جي ٻوڏ واري سطح کان 6 فوٽ مٿي رکي وئي آهي ۽ جتي به بند ڪمزور هئا، اتي 41 جاين تي انهن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. گذريل سال کنڊ پوڻ کان اڳ مقامي ماڻهن کان مدد نه ورتي ويئي هئي، پر کنڊ پوڻ کانپوءِ مدد ورتي وئي، بلڪه ماڻهو پاڻ مدد لاءِ آيا ۽ جتي ماڻهو مدد لاءِ آيا، اتي خير ٿيو. هن سال ڀرپور نموني ۾ ماڻهو مدد لاءِ ايندا، امن امان جي صورتحال گذريل سال خراب هئي ۽ هن سال به اڃا تائين خراب آهي، خاص طرح اتر سنڌ ۾. حڪومت ٻوڏ دوران انهيءَ ڏس ۾ خاطر خواهه اپاءُ وٺندي. موت هڪ اٽل حقيقت آهي ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي مرڻو آهي، پر اها خبر ناهي ته سڀاڻي مرندو يا 50 سالن کانپوءِ. پوءِ موت جي خوف کان ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي ته نٿو ويهي. ساڳئي نموني ۾ ٻوڏ اچڻ ۽ کنڊ پوڻ جي خوف کان آباديون نه ڪرڻ ڪا صحيح ڳالهه ناهي. آبادگارن کي منهنجي صلاح آهي ته خوب آباديون ڪن ۽ الله تي آسرو رکن، اهو گهڻو ٻاجهارو آهي. منهنجي حڪومت کي اپيل آهي ته آبادگارن جي فصل پوکڻ جي سلسلي ۾ مدد ڪئي وڃي، ٻج ۽ ڀاڻ کان علاوه بُهه به مهيا ڪيو وڃي ته هو ٻيجارا پوکي سگهن، پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن ۽ اين جي اوز ۽ سرڪار جي محتاجيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن.
    idrisrajput@hotmail.com

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سکر بندر وال معاملو: فيصلو درست -طريقو غلط!
    سهيل ميمڻ
    ٻه ڏينهن اڳ سکر شهر ۾ هزارين ماڻهن، جن ۾ سوين عورتون پڻ شامل هيون، جلوس ڪڍي، بندر وال تان کين اٿارڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو.
    سکر بندر وال سنڌو دريا جي بندر روڊ واري علائقي ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ، سکر بيراج جي تعمير واري وقت کان انگريزن هٿان تعمير ٿيل آهي. وقت گذرندو ويو، ادارا تباهه ٿيندا ويا، عملداري ڪمزور ٿيندي وئي، ائين ئي قبضا ٿيندا ويا ۽ ان بندر وال جي اندرئين پاسي درياهه اندر 3 هزار جي لڳ ڀڳ گهر ٺاهي هڪ مڪمل علائقو آباد ڪيو ويو، جتي رهائش، واپار، گدام ۽ ٻيون عمارتون ٺهيل آهن. انهن عمارتن کي باقاعده سرڪاري سهولتون، پڪيون گهٽيون، گئس، بجلي، پاڻي سپلاءِ ۽ ٻيون هر اهي شيون مهيا ڪيون وڃن، جيڪي ڪنهن پڪي علائقي کي ڏنيون وينديون آهن. هوڏانهن انهن علائقن جي رهواسين، بندر وال سان جيڪا حالت ڪئي آهي، سا ڏسڻ وٽان آهي. هر گهر واري بندر ڀت ٽوڙي رستو ٺاهيو آهي. جنهن وٽ رڪشا آهي، ان رڪشا جي لاهي چاڙهي ٺاهي آهي. جنهن وٽ ڪار آهي، ان ڪار جو رستو ٺاهيو آهي. ناليون، دروازا، ڏاڪڻيون وغيره ته ايترا ٺاهيل آهن، جو اها درياءَ کان بچاءُ واري ڀت، اڃان تائين سالم ڪيئن آهي، اهو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو!
    ڀت جي اها ئي صورتحال آهي، جنهن سبب، گذريل سال واري ٻوڏ سکر شهر کي ٻوڙڻ کان ائين گسي وئي، جيئن گولي ڪن تان گسي ويندي آهي. سکر شهر، دريا کان هيٺ آهي ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو پاڻي سکر شهر مان ٻه ٽي فوٽ جي ليول تي به گذري وڃي ته اربين رپين جو نقصان ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري ان بندر وال تي قائم انهن گهرن کي اتان هٽائڻ واري قدم کي سنجيدگيءَ سان ورتو ويو آهي. خطرو صرف سکر شهر کي ئي ناهي، انهيءَ آباديءَ کان هيٺ سکر بئراج آهي، جيڪو ان آبادي سبب دريا جو پيٽ هٿرادو طريقي سوڙهو ٿيڻ جي ڪري پاڻي جي وڌيڪ دٻاءُ هيٺ اچي ٿو.
    گذريل سال واري ٻوڏ پاڻي، انهيءَ بندر وال جي رهواسين کي پڻ، اتان لڏڻ تي مجبور ڪيو هو. جي ٽوڙهي بند نه ٽُٽي ها ته پاڻي پڪ سان شهر ۾ داخل ٿئي ها. ان سڄي صورتحال ۾ بندر وال تان قبضا ختم ڪرائي اتي ڀت جي مرمت ڪري، دريا کي اصلي حالت ۾ آڻڻ تمام ضروري آهي. حڪومت جو بندر وال علائقي مان قبضا ختم ڪرائڻ وارو فيصلو ۽ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ فيصلي تي بيهڻ بلڪل درست آهي، پر سندن طريقيڪار غلط ۽ اهڙو آهي، ڄڻ حڪمران پاڻ ان معاملي کي ڪو عوامي رنگ ڏيڻ چاهيندا هجن. ان علائقي جا رهواسي، ڪيترن سالن کان اتي آباد آهن، کين متبادل رهائش ڏيڻ بجاءِ پوليس وٺي اچڻ ۽ ”شام تائين اٿي وڃو“ واري ڳالهه ڪرڻ قطعي درست ناهي. حڪومت چوي ٿي ته رهواسين کي متبادل ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ۽ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ اهو متبادل ڏيڻ وارو طريقو ۽ متبادل جڳهه نظر ڇو نه ٿي اچي؟ سو انهن رهواسين ۾ سوين اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ دريا اندر رهڻ تي تنگ آهن ۽ ڪنهن محفوظ هنڌ وڃڻ لاءِ تيار آهن ته پوءِ جڏهن اهي متبادل لاءِ راضي هئا ته پوءِ کين اڃان تائين اهو متبادل ڇو نه ڏنو ويو آهي؟ جيڪڏهن انهن ماڻهن کي، جيڪي متبادل جڳهه تي وڃڻ لاءِ تيار آهن، ڪا جاءِ ڏني وڃي ها ته ٻين کي راضي ڪرڻ ۾ يا کين اٿارڻ ۾ آساني ٿئي ها، باقي اهو چئي ڇڏڻ ته، اٿو، متبادل ڏينداسين، عجيب پيشڪش آهي، خاص ڪري ان صورت ۾، جڏهن متاثر هڪ ٻه نه پر هزارين آهن.
    ان مسئلي جو حل اهو ئي آهي ته، اڳ ۾ رهواسين کي متبادل فراهم ڪيو وڃي ۽ اها فراهمي عملي طور نظر اچڻ گهرجي، پوءِ جيڪو نه اٿي، ان تي سختي ڪجي ته اها بجا هوندي. بندر وال اندر، وڏن وڏن گدامن جي مالڪ واپارين کان سواءِ سڀ ان ڳالهه سان سهمت ٿيندا ته کين ٻي جاءِ مالڪيءَ واري حق سان ملي وڃي، باقي واپارين جا، بندر روڊ تي دڪان سندن گدام وري ان بندر وال واري قبضي جي علائقي ۾ آهن، ان ڪري نه صرف اهي راضي نه ٿيندا، پر ٻين غريب رهائشين کي پڻ اڀاريندا ته اهي به ان عمل خلاف مزاحمت ڪن.
    ان معاملي ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، هڪ ته اها ڳالهه حڪومت کي چٽي ڪرڻ گهرجي ته، بندر وال علائقو هر حال ۾ خالي ٿيندو، ان تي ٻي ڳالهه نه ٿيندي. ٻيو ته عملي طور انهن رهائشين کي متبادل مهيا ڪيو وڃي، پوءِ جيڪو راضي نه ٿئي، ان کي ڀلي قانون جي مدد سان اتان هٽايو وڃي. بندر وال خالي ڪرائي، سکر شهر، سکر بئراج ۽ ٻي وڏي نقصان کان بچڻ وارو فيصلو انتهائي درست پر طريقيڪار انتهائي غلط ۽ غير سنجيده آهي.
    memonsuhail@hotmail.com

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    وڏي ٻوڏ جا امڪان ۽ فلڊ ڪميشن رپورٽ!
    ساڳيا ڏينهن هڪ ڀيرو وري در کڙڪائي رهيا آهن، ۽ درن جي اها کڙ کڙ انهن ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر خوف ۾ مبتلا ڪري رهي آهي، جن ماڻهن گذريل سال جي ٻوڏ وارو عذاب برداشت ڪيو هو. ماڻهن جي نظرن آڏو انهن منظرن جو ورجاءُ ٿي رهيو آهي، جيڪي منظر انهن گذريل سال پنهنجا اصلوڪا پٽ ڇڏڻ مهل ڏٺا هئا. اهي منظر، جن کي پسي هر اهلِ دل ماڻهوءَ کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ ماڻهو پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن هجن. هونءَ ئي اهڙا امڪان ڏيکاريا پئي ويا ته هن سال هڪ ڀيرو وري ساڳي سائيڪل جو ڦيٿو ڦرندو، پر هاڻي ته ڄڻ سرڪاري طور تي به اهو اعلان ٿي ويو آهي ته آبڪلاڻيءَ جي هن مند ۾ به بند ٽوڙ پاڻي وهڪرا اچي سگهن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ان ڳالهه جا امڪان آهن ته هن ڀيري به وڏي ٻوڏ اچي، ان ڪري اسان تياريون ڪري ورتيون آهن پر وڌيڪ الله مالڪ آهي. سنڌ جي سمورن بچاءَ بندن کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪم جاري آهي، اسان کي اميد آهي ته 30 جون تائين اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته اميد آهي ته هن ڀيري به سکر بئراج هيٺان وڏي ٻوڏ وارو وهڪرو خيريت سان گذري ويندو، باقي سکر شهر جي بچاءَ لاءِ اڏيل بندر وال جي مٿان ۽ درياءَ اندر زبردست ۽ غيرقانوني قبضا ڪري ويٺل ماڻهن کي هر حالت ۾ اٿاريو ويندو، ان سلسلي ۾ هاڻ ڪا به ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي.
    هڪڙي پاسي وڏي وزير صاحب هن سال به وڏي ٻوڏ جا امڪان ظاهر ڪيا آهن ته ٻئي پاسي گذريل سال آيل ٻوڏ جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران مقرر ڪيل ڪميشن پنهنجي رپورٽ پڌري ڪندي ٽوڙي بند ٽٽڻ جو ذميوار تڏهوڪي آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊوبئراج جي چيف انجنيئر کي قرار ڏيندي سندن خلاف هاءِ ڪورٽ جي نگراني ۾ غفلت بابت جاچ ڪرائڻ جي سفارش ڪرڻ سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته، آبپاشي کاتي جي آڊٽ ڪئي وڃي. جاچ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ٽوڙي بند ٽٽڻ جو ذميوار چيف انجنيئر گڊو بئراج ۽ آبپاشي سيڪريٽري آهن. ان جو سبب آهي 2010ع ۾ بندن جي مرمت نه ڪرڻ. هر سال بندن جي مرمت نه ڪئي وئي، ان مان فنڊن جو غلط استعمال ظاهر ٿئي ٿو. ٽوڙيءَ کان پوءِ وڌيڪ گهارا ناقص انتظام ۽ درست مرمت نه هجڻ، بيورو ڪريسي ۾ رشوت ۽ پيشيواراڻا بي حسي سبب پيا.
    ٻوڏ جي حوالي سان هي ٻه لقاءَ ڏسي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڳالهه ڪٿان شروع ڪجي؟ پهرين اچون ٿا وڏي وزير صاحب جي بيان تي ته بندن جو ڪم 30 جون تائين مڪمل ٿي ويندو، وڌيڪ الله مالڪ آهي. اوهان گذريل سال 5 آگسٽ واري ڪاوش کڻي ڏسو، ان ۾ به بلڪل اهڙو ئي بيان اوهان کي ملندو. ساڳي جاءِ تي، ساڳي اهميت سان وڏي وزير صاحب جي ليڊ شايع ٿي هئي، جنهن ۾ سائين جن فرمايو هو ته، ”اپاءَ ورتا آهن، وڌيڪ خدا جي مرضي.“ هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن سنڌ ۾ اڃا وڏي ٻوڏ نه پهتي هئي، اڃا وهڪرن سنڌ ڏانهن سفر شروع ڪيو هو. ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، سا ڳالهه ڪنهن کان لڪل ڪونهي. هر مسلمان ماڻهوءَ جو ايمان هجي ٿو ته هر عمل ۾ الله جي مرضي شامل هوندي آهي، پر اسان وٽ پنهنجي ڪمزورين ۽ ادارتي غفلتن مٿان خدا جي مرضيءَ جو پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي. ان وقت سنڌ جي بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڪا به چرپر نه ڪئي وئي. ادارن کي فنڊ به فراهم ڪجن، انهن جي عملدارن کي وڏيون پگهارون به ڏجن، ان باوجود جيڪڏهن ڪو ادارو پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ ناڪام وڃي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪا تباهي اچي ته ڇا ان کي خدا جي مرضي سمجهي ان اداري جي بدانتظامي ۽ لاپرواهيءَ کي نظرانداز ڪري ڇڏبو؟ آبپاشي کاتو، جنهن تي ذميواري پيل آهي ته پاڻي اچي يا نه اچي، پر ان کي آبپاشي نظام کي موثر ۽ مضبوط رکڻو آهي، تنهن ڄڻ ته اهو وساري ڇڏيو ته ڪڏهن ڪي پاڻي وهڪرا به ايندا، ۽ جڏهن پاڻي وهڪرا اچن ۽ لکين ماڻهو دربدر ٿين ته ڇا اهو چوڻ مناسب لڳندو ته پنهنجي لاپرواهين کي خدا جي مرضيءَ ۾ پناهه وٺرائڻ جي ڪوشش ڪجي؟
    هاڻي اچون ٿا جاچ ڪميشن جي رپورٽ تي. ان رپورٽ ۾ به اهي ئي ڳالهيون ڪيون ويون آهن ، جيڪي ٻوڏ وقت اسان هنن صفحن تي لکندا رهياسين، ۽ ٻوڏ سٽيل ماڻهو دانهون ڪندي بيان ڪندا رهيا ته آبپاشي ڪامورن جي بدانتظاميءَ جي ڪري نقصان ٿي رهيو آهي، پر اسان کي ياد آهي ته ان وقت به اسان جي وڏي وزير ٻئي پاسي اچي آبپاشي ڪامورن جو دفاع ڪندي سندن تعريف پئي ڪئي. جيڪا ڳالهه به رڪارڊ تي آهي، اوهان ڀلي ٻوڏ وارن ڏينهن جون اخبراون اٿلائي ڏسو، انهن ۾ وڏو وزير صاحب آبپاشي عملدارن کي ساراهيندي ملندو، پر ان ساراهه جو هن جاچ ڪميشن رپورٽ کان وڌيڪ بهتر جواب شايد ئي ٿي سگهي.
    آبپاشي کاتي جي ان کان وڌيڪ نااهلي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ هڪ پاسي سنڌ جو وڏو حصو ٻڏي رهيو هو ته ساڳي سنڌ جو ٻيو حصو پاڻي کوٽ کي ڀوڳي رهيو هو. آبادگار احتجاج ڪري رهيا هئا ته کين پوکيءَ لاءِ پاڻي نٿو ملي، سندن زمينن ڏانهن ايندڙ واهن ۽ شاخن مان واري پئي اڏامي. اسان سمجهون ٿا ته جاچ رپورٽ کان پوءِ جيڪڏهن فقط ڪجهه ماڻهن جو احتساب ڪري اهو سمجهيو ويو ته آبپاشي کاتي ۾ سڌارا اچي ويا ته اهو هن مرض جو اڻپورو علاج هوندو. نه فقط هن کاتي جي مڪمل آڊٽ ٿيڻ کپي، پر جيڪي به ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ۽ ڪو اهڙو ميڪينزم جڙڻ کپي، جو ڪرپشن جي رستا روڪ ٿي سگهي. ڇاڪاڻ جو هن قسم جي کاتن ۾ ڪرپشن رڳو چند ماڻهن تائين محدود نٿي هجي، پر اهو سلسلو هيٺان کان مٿي تائين هلندو رهي ٿو. جيستائين ان ڪلچر جي پاڙ نه پٽي ويندي، تيستائين چند ماڻهن کي سزا ملڻ سان اهو سلسلو بند ڪو نه ٿيندو. بهرحال احتساب جو سلسلو شروع ٿيڻ گهرجي ته جيئن هن وقت ساڳين ڪرسين تي ويٺل ماڻهو خبردار ٿين ته جيڪڏهن انهن ساڳي لاپرواهي ڪئي ته اڳتي انهن خلاف به ساڳي ڪارروائي ممڪن آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو