جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال
رينجرس کي ڇو نه بچاءَ بندن جي حفاظت تي لڳائجي؟
دستگير ڀٽي
پاڪستان جي اڳوڻين حڪومتن پاران ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪي اهم سياسي يا انتظامي فيصلا ڪيا ويندا هئا، ته انهن واسطي ماڻهن کان ڪوڙي سچي نموني سندن راءِ ورتي ويندي هئي. اهڙي عمل لاءِ انگريزي ۾ چئبو آهي: To elicit the public opinion
جيڪڏهن ون يونٽ جهڙو ڪو جبري نظام لاهور يا اسلام آباد وارن کي مڙهڻو هوندو هو ته ان لاءِ واسطيدار صوبي جي سياسي قيادت يا اعليٰ انتظاميه کان حامي ڀرائي ويندي هئي ۽ اهڙي عوام دشمن منصوبي آڏو جيڪڏهن ڪو وڏو وزير رڪاوٽ بڻبو هو ته ان وزير اعليٰ کي گهر اماڻي مرڪز پاران پنهنجو هٿ ٺوڪيو جي حضوري ٽائيپ تابعدار وزير اعليٰ ٿاڦيو ويندو هو. جيڪڏهن ايڏي ڊگهي ايڪسر سائيز نه ڪرڻي پوي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪو نوٽيفڪيشن ضرور جاري ڪيو ويندو هو ته متان ڪنهن علائقي جا ماڻهو رڙ ڪري وجهن ته ماٺ ميٺ ۾ سندن مرضيءَ خلاف ڪو فيصلو ڪيو ويو آهي. مطلب ته ڪا به سياسي يا انتظامي تبديلي آڻڻ مهل مرڪزي يا وفاقي سرڪار سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪڏهن آئيني ته ڪڏهن وري غير آئيني ڪوشش ضرور ڪندي هئي. ان جي ابتڙ اڄڪلهه جي دور ۾ اسان جي چونڊيل وفاقي سرڪار کي اهڙي قسم جي ڪا به تڪليف (Botheration) ڪرڻ جي ڪا به ضرورت محسوس نٿي ٿئي ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻهن کان سندن راءِ وٺڻ جو ڪو احساس يا اونو آهي، رڳو هڪڙي خاموش بادشاهي فرمان وسيلي ٽي چار مهينا اڳ ۾ سنڌ جي اندروني معاملن واري وزير ذوالفقار مرزا جا اختيار کسي، زوريءَ کيس موڪل تي موڪلي سمورا پاور مرڪز جي وزير داخلا حوالي ڪيا ويا. ٻئي پاسي تازو سنڌي چيف سيڪريٽري سبحان ميمڻ کي هٽائي سندس جاءِ تي پڻ پنجاب سان واسطو رکندڙ هڪ بيوروڪريٽ کي سنڌ جي سڀ کان مٿانهين آفيشل عُهدي تي فائز ڪيو ويو آهي. نه سنڌ جا ماڻهو هِن ڪاموري کي سڃاڻن ٿا ۽ نه وري هو پاڻ سنڌي عوام جي مزاج ۽ مسئلن کان واقف آهي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ماڻهن مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر اڻ اعلانيل ون يونٽي نظام مڙهيو ويو آهي، جنهن ۾ وزير اعليٰ کي ڪَٺ پُتلي بڻائي سنڌ سرڪار جو ڪاروهنوار وفاقي سرڪار جي حوالي ڪيو پيو وڃي. گهرو وزارت يا هوم ڊپارٽمينٽ ماتحت فورسز يعني پوليس ۽ رينجرس کي مڪمل طرح استعمال ڪرڻ لاءِ وري رحمان ملڪ صاحب جي لاڏلي ۽ لٿل آفيسر ايف آءِ اي جي سابق ڊائريڪٽر جنرل وسيم احمد کي ظاهري طرح سنڌ جو ايڊيشنل هوم سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پر اصل مقصد ٽن مهينن کان خالي پيل هوم سيڪريٽري واري پوسٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ واسطي هن رٽائرڊ فرمانبردار ڪاموري کي هڪ اهم عهدي تي ويهاريو ويو آهي. سرڪار کي انهيءَ ڳالهه جي به ڪا پرواهه ناهي ته نيب جي ڪيترن ئي ڪيسن کي خراب ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي بچائڻ لاءِ سندس حرڪتن تي سپريم ڪورٽ ۾ مٿس جڏهن عدالت جي بي حرمتيءَ وارو ڪيس شروع ٿيڻ تي هو ته وسيم احمد چيف جسٽس کان نه رڳو معافي وٺي، پنهنجي ڏوهن کي بخشرايو هو، بلڪه فوري طور ايف آءِ اي جي سربراهه واري عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي گهر روانو ٿي ويو هو. حڪمرانن جي خيال ۾ عدالت توڙي عوام جو حافظو ڪچو آهي، تنهن ڪري وسيم احمد جهڙا چونڊ ڪاريگر هاڻي سنڌ جي سيڪيورٽي وارن انتظامي معاملن جا نگران مقرر ٿي چڪا آهن. اسان جو اهو شڪ شايد غلط نه هجي ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ايندڙ چونڊون کٽڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اها ”دور انديشي“ اسان جي حڪمرانن جي آهي، پوءِ ڀل ته ان لاءِ کين ڪهڙا به حيلا هلائڻا پون. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پاران ڪئڊر پوسٽن تي رٽائرڊ عملدارن کي رکڻ خلاف ڏنل حڪم جي ڀڃڪڙي به ڪرڻي پوي ته به هنن لاءِ جائز آهي. ڪهڙو قانون، ڇا جو آئين، جنهن جي پوئواري ڪجي ۽ جنهن لاءِ اسين به خوامخواهه پرچار ڪري ڪري ماندا ٿيا آهيون. هُتي ته وطن سان وفاداري بدران Personal loyalty جي بنياد تي اهم عهدن مٿان مقرريون ۽ بدليون ٿي رهيون آهن. هن قسم جي عجيب و غريب ڀڃ ڊاهه ۾ اسٽيٽ ۽ ان جا ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، جنهن جو مظاهرو ائبٽ آباد کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو پارڪ تائين ڪروڙين ماڻهن پنهنجين اکين سان گذريل ٻن مهينن دوران ڏٺو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي شايد لاوارث سمجهيو ويو آهي، تڏهن ته سڄي سنڌ کي پنهنجي ذاتي جاگير جيان ٽريٽ ڪيو پيو وڃي. اهو ڪمال ناهي ته 21 جون تي شهيد بينظير جي جنم ڏينهن تي سمورين اخبارن ۾ جهازي سائيز جو اشتهار ڇپائي ذوالفقار مرزا صاحب پاڻ کي وزير داخلا ڄاڻايو، پر سڄو مهينو سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي سيٽ تي نظر نه آيو. جڏهن بدامني ۽ ڳوٺ ڳوٺ توڙي شهر شهر اندر ٿيندڙ قتلام، ڌاڙن، اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ميمبرن سوال پڇيا ته مرزا صاحب پاڻ هِتي موجود هوندي به پنهنجي منصب سان انصاف ڪري نه سگهيو. اسيمبلي ته ٺهيو، مرزا صاحب پنهنجي وزير داخلا واري آفيس ۾ به ظاهر نه ٿيو آهي. ڄڻ ته اردو فلم جي انهيءَ پراڻي گاني وارو ڪردار بڻجي پيو آهي ته، ”صاف ڇُپتي ڀي نهين سامني آتي ڀي نهين“. آئون هيءَ ڳالهه نهايت سنجيدگيءَ سان محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڏوهن ۽ پوليس توڙي ٻين قانون جي رکوالن جي مڪمل ناڪامي ايندڙ وقتن ۾ تمام وڏي نقصان جو سامان بڻبي، تنهن ڪري صوبائي وزير داخلا جي ڀريل ۽ ساڳئي وقت خالي پيل عهدي کي مذاق بنائڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان هن قسم جو سنگين ناروا سلوڪ ڪرڻ واري هيءَ غير جمهوري روايت فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪجهه اتحادي ڌرين کي ذوالفقار مرزا جي ڪارڪردگي نٿي وڻي ته پيپلز پارٽي اندر ٻين اهڙن سنڌي ميمبرن جي ڪا به کوٽ ناهي، جيڪي وسيع انتظامي تجربو رکندڙ آهن. هن عهدي کي سنڌي ماڻهن جي خواهشن پٽاندڙ مرڪز جي اجائي مداخلت کانسواءِ وڏي خوبيءَ سان قابل اعتماد بڻائي سگهن ٿا، پر لڳي ٿو ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن کي ”مضبوط مرڪز“ جو جيڪو وائرس چُهٽيو وڃي، سو سنڌ کي پنهنجي خودمختياري نصيب ٿيڻ نه ڏيندو، نتيجي ۾ صوبي جو ڪاروهنوار ائين ئي ائڊهاڪ ازم جي ڌڪي اسٽارٽ سواري وسيلي هلندو رهندو، پوءِ ڀلي ته سنڌ اندر لاقانونيت جو راڪاس ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪندو رهي. تازو ڪجهه اخبارن وفاقي وزير رحمان ملڪ صاحب کي سنڌ جو وائيسراءِ ڪري لکيو آهي، موصوف بار بار ڪراچي اچي فقط اهو ئي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ ڪا به مار ماران ناهي ۽ رينجرس کانسواءِ سنڌ اندر امن امان قائم نه ٿي سگهندو. رينجرس وارن اڳ ۾ جيڪي مڦاڙها ماريا آهن، تن کان سڀڪو واقف آهي. سنڌ ۾ امن امان ڪيئن قائم ٿي سگهندو، ان بابت فيصلو سنڌ جي ماڻهن پاران چونڊيل اسيمبلي ۾ ويٺل ڀوتار پاڻ ڇو نٿا ڪن؟ آخر ڪهڙي سبب هو اسلام آباد واري سرڪار اڳيان گوڏا کوڙي ٿا ڇڏين؟ وفاقي سرڪار ته معاهدي ۾ طئه ٿيل اڌ خرچ به رينجرس وارن کي ڏيڻ کان انڪاري آهي. سندن خرچ جو سمورو بار سنڌ جي ڪلهن تي آهي، تڏهن به هيترن سالن اندر سندن ڪارڪردگي ڪٿي به ”عوام دوست“ نظر نه آئي آهي. وڏي ڳالهه رينجرس وارن کي ته پيپلز پارٽيءَ جي موجوده حڪومت گهرايو ئي ناهي. اهي ته اڳوڻي آمريت جي ضرورت هيٺ جنرل مشرف جي دور ۾ فقط ڇهن مهينن لاءِ آيا هئا ۽ هاڻي واپس وڃڻ لاءِ تيار ناهن. کين ڪراچي ۾ توڙي سپر هاءِ وي تي سوين ايڪڙ زمين الاٽ ڪري سنڌ سرڪار پنهنجن هٿن سان ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهي رهي آهي، سو به يقينن اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن جي فرمائش تي.
جيڪڏهن ٿر جي بارڊر يعني ريگستان يا برپٽ ۾ فوجي ٽرڪ هلائيندڙ ڊرائيور کي بنا تربيت جي ڪلفٽن واري نازڪ گاڏين سان ڀريل روڊ تي ٽرڪ هلائڻ لاءِ چئبو ته ڪهڙو حال ڪندو؟ ظاهر آهي ته اهڙو ئي جنهن لاءِ چوڻي آهي Bull in the china shop. ساڳي ريت رينجرس جو تعلق به سرحدن جي سنڀال سان آهي ۽ آئين ۾ سندن اهو ڪردار طئه ٿيل آهي. شهرين سان ڪهڙيءَ ريت ورتاءُ ڪجي، تنهن جي کين ڪهڙي پروڙ! حڪمرانن کي ته سنڌ لاءِ ڪو مرحوم بشير صديقيءَ جهڙو نيڪ نام آءِ جي سنڌ به نظر نٿو اچي، يا خبر ناهي ته ڪهڙي مجبوري اٿن جو واجد درانيءَ جهڙو متنازعه شخص سنڌ پوليس جو سربراهه ڪري رکيو اٿن. ڪلهه ئي اها خبر شايع ٿي آهي ته مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل هن آفيسر جي مقرر ٿيڻ شرط غنويٰ ڀٽو پاڻ توڙي فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر جون ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي پرڏيهه رواني ٿي ويئي آهي. شهيد ڀٽو پارٽي جا ڪارڪن آءِ جي سنڌ جي مقرريءَ تي جيڪو احتجاج پيا ڪن، سو سڀني جي سامهون آهي. هنن صاف چيو آهي ته نئين آءِ جي مان سندن جان کي خطرو آهي. ههڙين ڳڻتي جوڳين حالتن ۾ به رحمان ملڪ صاحب فرمائي ٿو ته رينجرس جي جوانن کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ وقت هٿڪڙول نه هنيا وڃن. سندس چوڻ آهي ته ورديءَ واري فورس جي اهلڪارن جي هن ريت تذليل ڪئي ويندي ته سندن مورال يا حوصلو ٽُٽي پوندو. مطلب ته جن رينجرس اهلڪارن معصوم نوجوان سرفراز شاهه کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي ماري ڦِٽو ڪيو، تن کي وڏي عزت ۽ شان مان سان گلن جا هار پارائي ڪورٽن ۾ آندو وڃي. سيد قائم علي شاهه جو به تازو بيان اعليٰ مثال آهي. جڏهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته رينجرس کي واپس اماڻيو وڃي ته وڏي وزير وراڻيو، ”فقط هڪ واقعي سبب سمورن اهلڪارن کي واپس ڪرڻ واري ڳالهه غلط آهي.“ ٺيڪ ٿا فرمايو شاهه صاحب، اهو هڪڙو واقعو ته کڻي ڪئمرا جي اک ۾ قابو ٿي ويو. ڀلي ته اهڙا ٻيا به ڪيئن معصوم مارجن پوءِ سوچبو ته اڃان به هي همراهه رهن يا واپس وڃن. خبر ناهي ته واپس وڃڻ لاءِ کين اڃا ڪيترو اسڪور ڪرڻو پوندو؟ جيڪا پئرا ملٽري فورس ٽن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رتوڇاڻ واري راند يعني ٽارگيٽ ڪلنگ بند نه ڪرائي سگهي آهي، ان تي ماڻهن جي ٽئڪسن منجهان ڪروڙين رپيا پاڻي ڪرڻ کان بهتر آهي ته سنڌ جي مقامي ماڻهن کي اهڙي ئي طور تي پنهنجي حفاظت واسطي ڪا فورس ٺاهي ڏني وڃي ته ان سان ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان نوڪرين ۾ به لڳي ويندا ۽ شايد ڪي ته ڏوهاري بنجڻ کان به بچي پوندا.
منهنجي هيءَ تجويز کڻي ڪيتري به وزندار هجي ۽ سنڌ منجهان غير مقامي فورسز ڪڍي انهن جي جاءِ تي مقامي ماڻهن جي فورس بنائڻ جي ڳالهه ڪيتري به سُٺي، خوش آئند ۽ پاڻ ان لاءِ واڪا ڪري ڪري ساڻا ٿي وڃون، پر حرام آهي جو حڪومت ڪنهن ڪارائتي تجويز تي عمل ڪري، ٽن سالن جو تجربو ته اهو ٿو ٻڌائي. جيڪڏهن حڪمرانن کي رينجرس وارن جو ايترو لاچار آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ خلق تي هڪڙو احسان ڪن جو کين درياهه جي ڪپن تي هلندڙ بندن جي اڏاوت واري ايمرجنسي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ يا ڪنهن اوچتي ٻوڏ جي صورت ۾ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پڄائڻ ۽ لڏپلاڻ کان پوءِ متاثر ماڻهن جي گهرن ۽ مال متاع جي سار سنڀال لهڻ جي فرضن جي ادائگي وارو ڪم سونپي ڇڏين. جيئن گذريل سال فوج ۽ نيوي وارن ڪيو هو. جي اهڙن ڀلائي وارن ڪمن ۾ رينجرس اهلڪار سوڀارا ٿيا ته ماڻهن جي دلين ۾ شايد سندن لاءِ احترام پيدا ٿئي ۽ گڏوگڏ سنڌي ماڻهن جو پئسو به سجايو ٿي سگهي. هونئن به ڪالهه کان پنجاب واري چناب نديءَ ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه سبب هيل ٻيهر ٻوڏ جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي، توڙي بندن جو ڪم ان کان اڳ ۾ مڪمل ٿئي يا نه ٿئي. سنڌ جي حلالي پٽ فضل الله قريشي ته ڪي ٽي اين پروگرام ۾ کُوهه ۾ مُئل ڪتي وارو مثال ڏيئي صاف صاف چئي ڇڏيو آهي ته آبپاشي کاتي وارا پاڪ ڪتاب کڻائڻ کانپوءِ رشوت کائڻ کان نه مڙيا آهن، ساڳيا ڪاريءَ وارا ڪَک آهن. ظاهر آهي ته پراڻيون عادتون ائين ته ختم نه ٿينديون. سي به آبڪلاڻي واري مند ۾ جڏهن هر تعلقي اندر ايمرجنسي فنڊس جا ڪروڙين رپيا کپائي پورا ڪرڻا هجن. ٻوڏ جي خطري جو اندازو صوبائي وزير نادر مگسيءَ جي اسيمبلي فلور تي ڪيل دانهن مان لڳائي سگهجي ٿو. هُن ڪشمور کان وٺي ٺٽي تائين هر ضلعي جي ماڻهن کي ايلاز ڪيا آهن ته هيل پنهنجي مدد پاڻ ڪن. سرڪار جي آسري تي نه ويهن، نه ته ڏاڍو پڇتائيندا. هي لفظ اسان جي آبپاشي کاتي وارن لاءِ ٺٺول نه پر آرسي جيان هئڻ گهرجن. نادر مگسي سچ ٿو چوي ته آبپاشي کاتو پاڻ ته تباهه ٿي چڪو آهي، ويتر سندس بدترين ڪارڪردگي سڄي سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڙي ڇڏيندي. آبپاشي کاتي ۾ ٻيو ڀيرو مقرر ٿيل وزير ڄام سيف الله ڌاريجو بجاءِ فڪرمند ٿيڻ جي سنڌ جي ماڻهن کي نصيحت پيو ڪري ته کيس سلام ڪن. خبر ناهي ته ٻڏل ۽ تباهه ٿيل انسان کيس ڪهڙي خوشيءَ ۾ سلام پيش ڪن! ڌاريجو صاحب پاڻ نه انجنيئر آهي ۽ نه ئي ڪو فني ماهر. منجهس ضرور ڪا نه ڪا خوبي آهي، جنهن جي ڪري هڪ ڀيرو هٽائڻ کان پوءِ صدر آصف علي زرداري گذريل سال ٻوڏ اچڻ کان فقط هفتو ڏيڍ پهرين کيس هِن نازڪ کاتي جي ٻيهر ذميواري ڏني. ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اندر ٽوڙيءَ کان وٺي ڪوٽ عالمو تائين مسڪين ماڻهن سان جيڪو حشر ٿيو، ان جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ورلي ملي سگهندو. سپريم ڪورٽ پاران قائم ڪيل ڪميشن جي سفارشن تحت گذريل سال واري تباهيءَ جي مُک ڪردار سابق سيڪريٽري آبپاشي ۽ سندس رشوتي ٽولي تي قدم کڻڻ لاءِ هاڻي وري نامي گرامي ائنٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ کي لکيو ويو آهي ته مٿن ڪارروائي ڪري. مون کي ياد آهي ته اڄ کان چاليهه سال اڳ شهيد ڀٽو واري دور ۾ سنڌ جو گورنر مير رسول بخش خان ٽالپر هن کاتي جو ذڪر ڪندي چوندو هو ته، ”ائنٽي ڪرپشن يا انٽي ڪرپشن بابا رشوت ٽوڙ کاتو ته پاڻ وڏي ۾ وڏو رشوت خور کاتو آهي، سو ڪٿان ٿو هنن کان انصاف ملي.“ بهرحال اڳوڻي اريگيشن سيڪريٽري کي بچائڻ واسطي ڪير ڪيترا واجهه وجهي رهيو آهي ۽ سندس ماتحت آفيسرن کي ڪير پيو سپريم ڪورٽ جي سفارشن باوجود سڻڀا عُهدا ڏئي، اهو حساب ڪتاب به نيٺ هڪ ڏينهن ضرور ٿيندو، ٻوڏ کي سال لنگهي ويو آهي، پر ڏوهاري ڪامورن تي ڪو به ائڪشن آبپاشي کاتي نه کنيو، هاڻي سپريم ڪورٽ واري ڪميشن جي سفارشن کان پوءِ به جيڪي ٻوٽا ٻاريا اٿن، سو نسورو نروار آهي. تنهن ڪري آبپاشي وارن تي ڀاڙڻ بدران نئين ٻوڏ کان عوام کي بچائڻ خاطر هاڻي هڪ پل به ضايع نه ڪرڻ گهرجي. نه رڳو ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي پوندي، بلڪه نئين بجيٽ ۾ رکيل سيڪريٽ فنڊس مان سندن خوراڪ، دوائون، ٻيڙيون يا موٽر بوٽس ۽ رهائش لاءِ تنبو وغيره ته پهچايا وڃن، ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪچي منجهان ته هيل به لڏپلاڻ ضرور ٿيندي. انهن ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ فوج ۽ نيوي کان علاوه رينجرس جا هزارين جوان جيڪڏهن سرڪار سان بندن جي اڏاوت ۽ سنڀال واري ڪم ۾ سهڪار ڪن ته احترام ڪمائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جون دعائون به کٽيندا. سرڪار کي اهو به عرض آهي ته سنڌ جي خودمختياريءَ سان هٿ چراند وارو سلسلو بند ڪرڻ لاءِ هاڻي سنجيدگيءَ سان ويچار ٿيڻ گهرجي. جيترو جلد ٿي سگهي، صوبائي گهرو وزارت مٿان چڙهيل پراسراريت جو پاڇو هٽائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ جنهن کي پنجاب جو وزير اعليٰ شهباز شريف ته لاهور جي سي ايم هائوس ۾ به داخل ٿيڻ ئي نٿو ڏئي، ان کي سنڌ جي سي ايم هائوس مٿان قابض ٿيڻ کان روڪيو وڃي ته جيئن صوبائي خودمختياري جي احترام واري ڳالهه فقط هوائي ڳالهه نه بڻجي پوي. ان کانسواءِ جيترو جلد ممڪن هجي، سنڌ جو درد رکندڙ ۽ فقط سنڌ سان تعلق رکندڙ ايماندار اعليٰ عملدارن کي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جو بيوروڪريٽ کڻي ڪير به هجي، اهو دل جان سان ڪالاباغ ڊيم جو حامي ضرور هوندو. اهو ڪنهن به مٿانهين فورم تي سنڌ جو ڪيس لڙي نه سگهندو. نتيجي طور نه فقط پاڻيءَ جي معاملن بلڪه 18 هين ترميم موجب صوبن جي حوالي ٿيل کاتن ۽ انهن جي ملڪيتن، نوڪرين چاڪرين کان علاوه اين ايف سي ايوارڊ توڙي محصولن جي ورڇ ۽ نفاذ ۾ پڻ سنڌ لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون.
dastgirbhatti@gmail.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email:
kawish12@gmail.com ----
thekawish_hyd@yahoo.com