رضوان گل۔
سينيئر رڪن
رضا بخاري جو نالو سنڌ جي انهن خوبصورت نوجوان شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جن پنهنجي فڪري تازگيءَ جي ٻل تي مڃتا ماڻي آهي، هن کان اڳ رضا جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”شاعري تنهنجو بدن“ 2004 ۽ ”هوا جي بانسري“ 2006 ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن جن رضا بخاريءَ کي هڪ پختي شاعر واري سڃاڻپ ڏني آهي. ”چاندنيءَ جو آبشار“ سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو آهي جيڪو صرف هڪ ئي صنف تروينن تي مشتمل آهي. هر شاعر مزاجن رومانٽڪ ئي هوندو آهي ساڳي ريت رضا بخاري به رومانٽڪ شاعر آهي نه صرف ايترو پر رضا پنهنجي شخصيت ۾ پڻ جاذبيت رکندڙ سهڻو جوان آهي جيڪو طبعيت ۾ سنجيدو، سلڇڻو ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ آهي.
