• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رضا بخاري رضا بخاري خوبصورت نوجوان شاعر

رضوان گل۔

سينيئر رڪن
رضا بخاري جو نالو سنڌ جي انهن خوبصورت نوجوان شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جن پنهنجي فڪري تازگيءَ جي ٻل تي مڃتا ماڻي آهي، هن کان اڳ رضا جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”شاعري تنهنجو بدن“ 2004 ۽ ”هوا جي بانسري“ 2006 ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن جن رضا بخاريءَ کي هڪ پختي شاعر واري سڃاڻپ ڏني آهي. ”چاندنيءَ جو آبشار“ سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو آهي جيڪو صرف هڪ ئي صنف تروينن تي مشتمل آهي. هر شاعر مزاجن رومانٽڪ ئي هوندو آهي ساڳي ريت رضا بخاري به رومانٽڪ شاعر آهي نه صرف ايترو پر رضا پنهنجي شخصيت ۾ پڻ جاذبيت رکندڙ سهڻو جوان آهي جيڪو طبعيت ۾ سنجيدو، سلڇڻو ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ آهي.


312fgc6.jpg
 
جواب: رضا بخاري خوبصورت نوجوان شاعر

بيشڪ هر شاعر رومانٽڪ هوندو آهي، اهو رومانس ڪنهن سهڻي بدن جي آلاڻ تي جهومي ٿو پوي ۽ ان جهوم ۾ ڪي لفظ ادا ڪري شاعريءَ جو روپ ڏئي پنهنجو پاڻکي ته خيالن جي دنيا ۾ گم ڪرڻ جو ڏوهه ڪري ٿو پر ڪيترن ٻين کي به ان سحر ۾ وجهي ڇڏي ٿو ۔۔۔ هن وقت قوم جن مصيبتن ۾ مبتلا آهي، هر طرف مارا ماري ۽ لٽ ڦر لڳي پئي آهي، ان دور ۾ به جيڪڏهن ڪنهنکي رومانٽڪ لمحا ملي وڃن ته غنيمت چئبي ۔۔۔

جيئن ته هر رومانس ( عشق) قربانيون گهرندو آهي، پر جڏهن ڌرتيءَ جو عشق ٿئي ٿو ته ڪنهن آلي بدن کان ڪيترا ئي ڀيرا وڌيڪ سگهارو هجي ٿو،

” آهه قوم جا عشق! تون ڪهڙيون نه سخت قربانيون گهرين ٿو“ ابوالڪلام آزاد

اچو ته اسين سڀ قوم جي عشق ۾ مبتلا ٿي اهڙا ته گيت لکون جو قوم جو جوڌا ۽ جوان سر تريءَ تي رکي هلن ۔۔۔

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن۔
 
جواب: رضا بخاري خوبصورت نوجوان شاعر

ادا رضوان مهربانيون

رضا بخاري نئين ٽهي جي شاعرن مان هڪ پختي شاعر طور سامهون آيو آهي۔ سندس هي چئوسٽو ته سندس پختگي ۽ لفطن جي ادائگي جو پڪو ثبوت آهي۔ بهترين لفظ ۽ کا ته لفظن جي گهرائي آهي۔ هن سٽن جي پسمنطر کي سوچيو ۽ بارش جي موسم ۾ عشق جي جوڀن جا احساس ذهن ۾ آڻيو۔۔۔۔۔

لاجواب شاعري ۽ اوهان جا خوبصورت رنگ به ڪو گهٽ ناهن۔
 
Back
Top