نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڄ صبح حسبِ عادت آفيس اچڻ کا اڳ 8 وارو نيوز بليٽن ٻڌڻ ويٺس ته سلائيڊ ڏسي حيرت ٿي ته نوجوان شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو ۽ ان کان اڳ زخمي حالت ۾ روڊ تي ان ڪري تڙپندو رهيو ته قاسم آباد ۽ جي او آر ڪالوني پوليس حد جي تڪرار ڪري کيس اسپتال نه پهچايو۔ ڪيڏي نه بي حسي آهي!

rvbq7a.jpg
[/img]

حسن درس جو هي شعر کيس ئي ڀيٽا لاءِ

لڳي وئي لاڙ سان لئون اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون؟
اسان کي عشق سارين جيان ڇنڊي ڦوڪي چڙهي ٿو پيو
اوهان مرڪي ملي آخرهليا ويا شهر پنهنجي ڏي
اسان جي ياد جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو
 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

253732_2135499305265_1179567033_32697704_7668735_n.jpg


انتهائي ڏک واري خبر آهي۔۔

پهريان طارق عالم ابڙو، وري ڊاڪٽر منصور ملڪ ۽ هاڻي نوجوان شاعر حسن درس جو روڊ حادثو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

انا لله و انا اليه راجعون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

نوجوانن جي ترجماني پنهنجي شاعرانه انداز ۾ ڪرڻ ۽ وري سنڌ کي عشقيه انداز ۾ لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ حسن درس جو ڪمال هو۔ سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران حسن درس جي ڪمهلي موت تي ڏک جو اظهار ڪجي ٿو ۽ اهي لفظ ئي ناهن جن سان اسان ان ڏک جو اظهار ڪيون۔۔۔

حسن درس جون چند سٽون ذهن تي تري آيون آهن:

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو

ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو

هڪڙو خواب سهانو جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو

ڪارو نانگ مٿان چانڊوڪي
ڪارونجهر تي مور نچي ٿو

مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو‬

 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

اڙي موت!


اڙي موت تون شل مرين ڇو نه ٿو ،جو اسان کان ڪهڙا نه پيارا ڦرين ٿو۔
هتي روز تنهنجي ڇو يلغار آهي ؟ ۽ اُجڙيل دلين جا ڇو گلشن ڦرين ٿو؟
 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

مار پوئي ڪا موت اڻ مندائتو آئين
گهائيئي اهي گهوٽ مند نه جن جي مرڻ جي
 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

حسن درس جي شاعري ۽ ڪجهه ٻيون وڊيوز




 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

انا لله وانا عليه راجعون

لفظ ناهن جو سندس جي موت تي ڪجهه ڳالهائي به سگهجي، نقصان جي مٿان نقصان، سورن جي مٿان سور، سنڌ جا سڄڻ وڃن ٿا جدا ٿيندا ۔۔۔ آلين اکين سان بس سائين عبدالڪريم جا چيل هي لفظ ئي دهرائي سگهجن ٿا؛

اڙي موت تون شل مرين ڇو نه ٿو ،جو اسان کان ڪهڙا نه پيارا ڦرين ٿو۔
هتي روز تنهنجي ڇو يلغار آهي ؟ ۽ اُجڙيل دلين جـــا ڇو گلشن ڦرين ٿو؟
 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

حسن درس جي دوست ۽ شاعر محترم مسرور پيرزادو جن پنهنجي دوست کي هيٺين ڀيٽا پيش ڪئي آهي:

251257_225880684107920_100000579709583_853610_281357_n.jpg


 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

فيس بوڪ تي لطيف حيدر جا احساس ۔۔۔حسن درس لاء

251784_182040201849526_100001306431632_474460_8115045_n.jpg


249529_182053118514901_100001306431632_474507_3014180_n.jpg
 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

ادا رضوان گل جا احساس ۽ حسن درس جي نظم جي ڪيل ڊزائن

260073_225873680775287_100000579709583_853568_6328096_n.jpg


247422_225886090774046_100000579709583_853628_4404357_n.jpg
 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مظهر ابڙو جا احساس

260542_193119837406534_100001255579244_556223_2463932_n.jpg
 
جواب: نوجوان شاعر حسن درس جو موت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوليس جي بي حسي!

محترم ذوالفقار بهڻ جا احساس

248709_208887892486561_100000960551396_570084_5692752_n.jpg
 
جواب: نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

منهنجي فيس بوڪ وال تي شيئر ڪيل ڪيل هن ڏکائتي خبر تي دوستن جو ڪيل اظهار

icUWxo.png


icVeTK.png


icU4F8.png
 
جواب: نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

محترم قاضي منظر حيات جو حسن درس جي وڇوڙي تي لکيل تاثراتي چئوسٽو

255619_10150210066413517_516698516_7304734_7480298_n.jpg
 
جواب: نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

ادا سليمان وساڻ صاحب۔بيحد ڏک واري ّخبر آهي محترم حسن درس ٍجو هميشه لاء اسان ۽ هن فاني دنيا کان وڇوڙو۔انالله وانا اليه رجعون۔سائين جي جواني ۾ وفات تي موت خود به ضرور رنو هوندو۔آلله پاڪ هنن جي روح کي ٍجنت الفردوس ۾ جڳه ڏئي ۽ انهن لاء هر معاملي ۾ آسانيون پيدا ڪري۔انهن جي لواحقين کي صبر جميل عطا فرمائي۔آمين۔
 
جواب: نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

ڏاڍي ڏکوئيندڙ خبر۔۔۔۔ ان کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ اسان جي بيحس پوليس جو رَويو۔۔۔۔ الائي جي ڪيترا حسن درس ايئن روز حادثن ۾ زخمي ٿي روڊن تي تڙپندا هوندا۔۔۔
 
جواب: نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

محترم لعل بخش ڪلهوڙو جا تاثرات

264170_156291834441323_100001815228166_452254_6708293_n.jpg
 
جواب: نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

ساجد چاڪراڻي جي آواز ۾ حسن درس جي شاعري

 
جواب: نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسن درس هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان موڪلائي ويو

انا لله وانا عليه راجعون


الله پاڪ مرحوم جي پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا ڪري آمين
 
Back
Top