اڄ صبح حسبِ عادت آفيس اچڻ کا اڳ 8 وارو نيوز بليٽن ٻڌڻ ويٺس ته سلائيڊ ڏسي حيرت ٿي ته نوجوان شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو ۽ ان کان اڳ زخمي حالت ۾ روڊ تي ان ڪري تڙپندو رهيو ته قاسم آباد ۽ جي او آر ڪالوني پوليس حد جي تڪرار ڪري کيس اسپتال نه پهچايو۔ ڪيڏي نه بي حسي آهي!
[/img]
حسن درس جو هي شعر کيس ئي ڀيٽا لاءِ
لڳي وئي لاڙ سان لئون اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون؟
اسان کي عشق سارين جيان ڇنڊي ڦوڪي چڙهي ٿو پيو
اوهان مرڪي ملي آخرهليا ويا شهر پنهنجي ڏي
اسان جي ياد جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو