ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
محبوب ڪاڻ سکن جي وڃاءِ سيج
اوگڻن مان اٿي ، گڻن وارن سان گڏيج
جهانگي جبل وڃي، ڏونگر ڏوري لهيج
سندو هادي هٿ ڪري پيرين پويج
جيسين نه لائني جي سين اتان نه اٿيج
جيئن جوٽني جيءُ سا ڪرت ڪريج
محبوب ڪاڻ سکن جي وڃاءِ سيج
دغا ڌوڪو ڪينو ڪوري ڪَپيج
بک جي باھ سان سُوَر کي ساڙيج سُوَر +( نفس)
اٿي آڌي اڳيان ثمر کي سهيڙيج
ڏاڏل ڏوريج پنڌ اٿئي پري جو