• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محبوب ڪاڻ سکن جي وڃاءِ سيج

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن

محبوب ڪاڻ سکن جي وڃاءِ سيج

اوگڻن مان اٿي ، گڻن وارن سان گڏيج

جهانگي جبل وڃي، ڏونگر ڏوري لهيج

سندو هادي هٿ ڪري پيرين پويج

جيسين نه لائني جي سين اتان نه اٿيج

جيئن جوٽني جيءُ سا ڪرت ڪريج

محبوب ڪاڻ سکن جي وڃاءِ سيج

دغا ڌوڪو ڪينو ڪوري ڪَپيج

بک جي باھ سان سُوَر کي ساڙيج سُوَر +( نفس)

اٿي آڌي اڳيان ثمر کي سهيڙيج

ڏاڏل ڏوريج پنڌ اٿئي پري جو​
 
جواب: محبوب ڪاڻ سکن جي وڃاءِ سيج

ماشاء الله! گهرائيءَ واري ڳالهه آهي، جي ڪو سمجهي ته سون ٿئي ۔۔۔

هڪ ڳالهه ته جڏهن سالڪ جڏهن جهر جهنگ، جبل ڏورڻ جي ڳالهه ڪن ته انجو مقصد ڇا آهي؟ ڇا انسان کي گڻ حاصل ڪرڻ لاءِ انسانن جي دنيا کان نڪري وڃڻ گهرجي؟

سائين ڏاڏل انجي ٿوري سمجهاڻي ڏيندا ته سالڪ ان بابت ڇا ٿا چون؟

لک ٿورا اوهانجي سهڻي فڪر ۽ ڏات جي ڦوهار جي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: محبوب ڪاڻ سکن جي وڃاءِ سيج

ماشاء الله! گهرائيءَ واري ڳالهه آهي، جي ڪو سمجهي ته سون ٿئي ۔۔۔

هڪ ڳالهه ته جڏهن سالڪ جڏهن جهر جهنگ، جبل ڏورڻ جي ڳالهه ڪن ته انجو مقصد ڇا آهي؟ ڇا انسان کي گڻ حاصل ڪرڻ لاءِ انسانن جي دنيا کان نڪري وڃڻ گهرجي؟

سائين ڏاڏل انجي ٿوري سمجهاڻي ڏيندا ته سالڪ ان بابت ڇا ٿا چون؟


سنڌ سلامت ساٿ سلامت

نه سائين اسان جيڪو سالڪن کان سمجهيو آهي ان مان جهر جنگ جبل انسان جو پنهنجي نفس کي فتح ڪرڻ آهي ۔ سائين ان ۾ ڪو شَق ڪونهي ته انسان جو پنهنجي نفس کي فتح ڪرڻ جهر جنگ جبل ڏورڻ کان به ڏکيو آهي ليڪن انسان جنهن جيڏانهن جو سفر ناهي ڪيو ان کي سمجهائڻ لاءِ سالڪن هميسه تشبيهات جو سهارو ورتو آهي ۔ نه ته سائين جهر جنگ جبل ڏورڻ ڏاڍو آسان آهي پنهنجي پاڻ کي فتح ڪرڻ کان ۔

سائين ٻي ڳالھ ان مان اها مراد آهي ته جڏهن انسان انساني اقتدار جي لاءِ سفر ڪندو آهي يا انساني قدرن جي سفر لاءِ نڪرندو آهي ته اها ڳالھ لازمي آهي ته ان جي مخالفت ٿيندي هاڻي اهو جيترو جلدي سفر طع ڪندو انجو مخالفت به جلدي ٿيندي ۔ هي انبياءِ جو سفر آهي انبياء عه جن جڏهن انساني اقتدار جي ڳالھ ڪئي ته دنيا پرستن انهن جي مخالفت ڪئي پنهنجا پراوا دوست دشمن ٿي پوندا آهن جڏهن رشتا ٽٽندا آهن تي سائين بيشڪ انهن جي تڪليف ڪنهن پهاڙ جي ٽٽڻ کين گهٽ ناهي هوندي ۔ ليڪن سالڪن اهو چيو آهي بيشڪ زمانو سڄو مخالف ٿي پوي پر جي تو کي محبوب کي پرچائڻُوآهي ته هاڻي اتي محبوب مان اسان وٽ ٻه معناؤن ورتيون وينديو ن آهن هڪ ته اها عام معنى الله ج آهي پر هڪ ٻي معنى به ورتي ويندي آهي انسان جو پنهنجو ضمير جيڪو خدائي آواز طور پڻ سڃاتو ويندو آهي يعني جي انسان انساني قدرن کي سمجهي ته هي انسان جي وڏي قدر آهي ته اسان پنهنجي ضمير جو بوج يا ضمير جي مخالفت ڪري الله رسول امام کي راضي نه ٿو ڪري سگهي ۔ جڏهن اوهان ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندؤ ته اوهان جي مخالفت ٿيندي تڪاليف اوهان جو پيڇو ڪنديون مشڪلات ۾ انساني گهري ويندو جڏهن اها منزل ايندي آهي بيسڪ ان وقت جڏهن انسان انساني اقتدار جي سفر تي جڏهن قائم رهندو آهي ته ان سفر کي ڏورڻ جبل جهانگڻ کان به اوکو هوندو آهي ۔ اسان کي سالڪن ائين سمجهايو سائين ۔ وسلام

 
Back
Top