علي چوهاڻ کيبرائي
سينيئر رڪن
غزل
علي چوهاڻ کيبرائي
سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو
پو به ناهي ٺاهه پنهنجو
روز ڪاري روز لاشا
خون پنهنجو ماههُ پنهنجو
گهر هجي يا شهر سائين
مُٺ ۾ آهي ساههُ پنهنجو
ڪوئلو تيل ۽ ڪراچي
ٿو وڃي درياههُ پنهنجو
چور پنهنجو ڍور پنهنجو
ترسڄو آ باههُ پنهنجو
تون گهرين ٿو مونکي مارڻ
مان گهران ٿو چاههُ پنهنجو
پيٽ لولو گهري پر
سِرُ گهري ٿو پناهه پنهنجو
مُخلصي تي دوستي تي
آ ” علي“ ويساهه پنهنجو
علي چوهاڻ کيبرائي
سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو
پو به ناهي ٺاهه پنهنجو
روز ڪاري روز لاشا
خون پنهنجو ماههُ پنهنجو
گهر هجي يا شهر سائين
مُٺ ۾ آهي ساههُ پنهنجو
ڪوئلو تيل ۽ ڪراچي
ٿو وڃي درياههُ پنهنجو
چور پنهنجو ڍور پنهنجو
ترسڄو آ باههُ پنهنجو
تون گهرين ٿو مونکي مارڻ
مان گهران ٿو چاههُ پنهنجو
پيٽ لولو گهري پر
سِرُ گهري ٿو پناهه پنهنجو
مُخلصي تي دوستي تي
آ ” علي“ ويساهه پنهنجو