• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو، پو به ناهي ٺاهه پنهنجو(غزل) علي چوهاڻ کيبرائي

غزل
علي چوهاڻ کيبرائي

سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو
پو به ناهي ٺاهه پنهنجو

روز ڪاري روز لاشا
خون پنهنجو ماههُ پنهنجو

گهر هجي يا شهر سائين
مُٺ ۾ آهي ساههُ پنهنجو

ڪوئلو تيل ۽ ڪراچي
ٿو وڃي درياههُ پنهنجو

چور پنهنجو ڍور پنهنجو
ترسڄو آ باههُ پنهنجو

تون گهرين ٿو مونکي مارڻ
مان گهران ٿو چاههُ پنهنجو

پيٽ لولو گهري پر
سِرُ گهري ٿو پناهه پنهنجو

مُخلصي تي دوستي تي
آ ” علي“ ويساهه پنهنجو
 
جواب: سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو پو به ناهي ٺاهه پنهنجو(غزل) علي چوهاڻ کيبرائي

غزل
علي چوهاڻ کيبرائي

سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو
پو به ناهي ٺاهه پنهنجو

روز ڪاري روز لاشا
خون پنهنجو ماههُ پنهنجو

گهر هجي يا شهر سائين
مُٺ ۾ آهي ساههُ پنهنجو

ڪوئلو تيل ۽ ڪراچي
ٿو وڃي درياههُ پنهنجو

چور پنهنجو ڍور پنهنجو
ترسڄو آ باههُ پنهنجو

تون گهرين ٿو مونکي مارڻ
مان گهران ٿو چاههُ پنهنجو

پيٽ لولو گهري پر
سِرُ گهري ٿو پناهه پنهنجو

مُخلصي تي دوستي تي
آ ” علي“ ويساهه پنهنجو

زبردست غزل، هن غزل جي ڪهڙي ڪهڙي بند جي تعريف ڪريان، فڪر، فن، ڏات، ڏان سان سينگاريل هي شاعري انتهائي لاجواب آهي، ڌرتي جي شاعري کان وٺي جيڪو به سنڌ سان موجوده دور ۾ وهي واپري پيو ادا علي کيبرائي پنهنجي قلم جي سگهه ۽ پنهنجي سوچ جي وهڪري سان بيان ڪري ويو، سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي مُبارڪون هُجن جو علي کيبرائي جهڙو ڀلوڙ سنڌي شاعر اسان جو همسفر آهي، شال سنڌ جو هي شاعر سدائين جڙيو هُجي، ۽ سنڌ ڌرتي سان پنهنجو ناتو ۽ نينهن نڀائيندو رهي آمين
 
جواب: سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو پو به ناهي ٺاهه پنهنجو(غزل) علي چوهاڻ کيبرائي

ادا علي زبردست اظهار الله سائين اسان ۾ ايڪو پيدا ڪري آمين۔
 
جواب: سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو پو به ناهي ٺاهه پنهنجو(غزل) علي چوهاڻ کيبرائي

سائين نثار ناز اوهان سچ ٿا چئو، بيشڪ علي ڪبيرائي، پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ سان سنڌ جي جيڪا ڪٿا بيان ڪئي آهي سا تمام ڏکائيندڙ ۽ سوچ ۾ وجهڻ جهڙي آهي، بيشڪ اسان سڀني جي دل جي ڳالهه تمام پر اثر انداز ۾ ٿيل آهي ۔۔۔ سائين ناز اوهانکي به مبارڪ هجي جو سنڌ سلامت تي اهرا سهڻا دوست اچي پنهنجي ڏات ونڊ ڪنٿا ۔۔۔

سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو
پو به ناهي ٺاهه پنهنجو

واڌايون ۽ ڀليڪار دوست علي ڪبيرائي کي۔
 
جواب: سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو، پو به ناهي ٺاهه پنهنجو(غزل) علي چوهاڻ کيبرائي

سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو
پو به ناهي ٺاهه پنهنجو


سچ ته لاجواب شاعري آهي

سنڌ جي اڻ تڻ تي ڪيل شاعري اسان جي سنڌين عڪاسي پئي ڪري۔ جت سڀ پاڻ ۾ هوندي هڪ ٻئي کان الڳ آهن
 
جواب: سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو، پو به ناهي ٺاهه پنهنجو(غزل) علي چوهاڻ کيبرائي

سڀني دوستن جي اميدن کان وڌيڪ موٽ ڏيڻ تي وڏي مهراباني خاص طور نثار ناز صاحب جي
 
جواب: سنڌ پنهنجي شاهه پنهنجو، پو به ناهي ٺاهه پنهنجو(غزل) علي چوهاڻ کيبرائي

سائين علي محمد مبارڪون هجن اوهان ته ماشاءالله بهترين شاعري ڪري اسان جي دوست شاعر نثار ناز جي به دل کٽي ورتي آهي ، جيڪو پڻ هڪ وڏي داد جوڳي ڳالھ آهي ، اميد آهي ته اهو سلسلو جاري رکندا ، سدائين گڏ
 
Back
Top