هــر وقـــت اوهـــان جـــا اٿـــارا اکين ۾

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

غزل
هــر وقـــت اوهـــان جـــا اٿـــارا اکين ۾
جدائي جا ڇانيل انڌيرا اکين ۾

نهاريان ٿــو واٽون هــر پـل اوهان جون
پل پل اوهان جا نظارا اکين ۾

ڪري ياد توکي روئان ٿو جڏهن مان
سجايل اوهان جا چهرا اکين ۾

آهي آس مونکي تـون ايندي او جانــي
اوهان جي اچڻ جا آسرا اکين ۾

نٿا مونکان وسرن ڀلا ڪئين وساريان
اوهان جي هٿن جا اشارا اکين ۾

ڪيان يـــــاد ويٺو اۡهـي ڏينهن جـــاني
ڇڏي ويل "مزمل"سهارا اکين ۾

مزمل چانڊيو
 
جواب: هــر وقـــت اوهـــان جـــا اٿـــارا اکين ۾

نٿا مونکان وسرن ڀلا ڪئين وساريان
اوهان جي هٿن جا اشارا اکين ۾


لاجواب شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قرب مزمل چانڊيو
 
جواب: هــر وقـــت اوهـــان جـــا اٿـــارا اکين ۾

ادا سليمان وساڻ مهرباني اوهان جي لک ٿورا
 
Back
Top