مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
غزل
هــر وقـــت اوهـــان جـــا اٿـــارا اکين ۾
جدائي جا ڇانيل انڌيرا اکين ۾
نهاريان ٿــو واٽون هــر پـل اوهان جون
پل پل اوهان جا نظارا اکين ۾
ڪري ياد توکي روئان ٿو جڏهن مان
سجايل اوهان جا چهرا اکين ۾
آهي آس مونکي تـون ايندي او جانــي
اوهان جي اچڻ جا آسرا اکين ۾
نٿا مونکان وسرن ڀلا ڪئين وساريان
اوهان جي هٿن جا اشارا اکين ۾
ڪيان يـــــاد ويٺو اۡهـي ڏينهن جـــاني
ڇڏي ويل "مزمل"سهارا اکين ۾
مزمل چانڊيو