• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسماني پارڪ سنگاپور - دنيا جو نئون عجوبو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سئنڊس اسڪاء پارڪ سنگاپور دنيا جو نئون عجوبو آهي۔ 24 جون 2010 تي هن آسماني پارڪ جو افتتاح ٿيو آهي۔ هي دنيا جو سڀ کان بلند پارڪ آهي جتي اوهان کي دنيا جو سڀ کان بلند سئمنگ پول به ملندو جيڪو 200 ميٽر جي بلنديء تي آهي۔ ٽن پلرن تي مشتمل هن پارڪ ۾ 3900 ماڻهن جي گنجائش آهي جيڪو 12400 اسڪوائر ميٽرن تي واقع آهي۔

ibpMOe.jpg

ibpbVq.jpg

ibp7Tm.jpg

ibpGzI.jpg

ibpedy.jpg

ibpm9U.jpg

ibpCj2.jpg

ibpErA.jpg

ibkLFq.jpg

جواب: آسماني پارڪ سنگاپور - دنيا جو نئون عجوبو

واه واه ادا زبردست مون به سوچيو آهي ڀٽائي آباد ۾ ان کان به ڀلو پارڪ ٺاهيندس۔
 
سٺي ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

شروعات هميشه خوابن سان ٿيندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ پوء انهيء کي حقيقت جو روپ ڏبو آهي، مونکي به اهڙا خواب وڻندا آهن۔
 
ادا طاهر سٺي سوچ آهي پارڪ جون سرون کڻڻ ۾ مان اوهانجي مدد ڪندس۔

ادا سليمان اهي تصويرون مون پهريان ڪو نه ڏٺيون هيون ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته هي واقعي هڪ اجوبو آهي۔
الله تعالي انسان کي لازوال قوتن سان نوازيو آهي۔ جنهن کي استعمال ڪرڻ انسان جي وس جي ڳالهه آهي ڪي ماڻهون
غلط استعمال ڪري ڪٿان جا ڪٿي پهچندا آهن ته ڪي وري صحيح استعمال ڪري اهڙا شاهڪار ٺاهي وجهن ٿا۔

جيسيتائين ڀٽائي آباد ۾ اهڙي پارڪ جي ڳالهه آهي ان تي صرف ايترو چوندس ته خواب سٺو آهي۔ پر پهريان ڳوٺ کي ليز ڏيارڻ جي لاءِ ته
ڪجهه قدم کڻجن۔
 
اڙي يار وساڻ، جهڳي اسانجي ڪکن پنن جي نظر انهي ۾ به دشمنن جي ۔۔۔

خوابن جي دنيا گهمائڻ تي ٿورا ۔۔۔ سنڌين لا اهڙا خواب ئي ممڪن ٿين، باقي حقيت ته دنيا جي ٻين قومن وٽ آهي ۔۔۔

ڏسجي ته ڀٽائي آباد ۾ اهڙو باغ ڪڏهن ٿو تيار ٿئي؟

سهڻو ونڊ ۔۔۔
 
پيارا عمران درويش مهرباني

واقعي هي هڪ عجوبو ئي لڳي رهيو آهي۔ ڇا ته پلاننگ ۽ آڪيٽيڪٽ جي انتها آهي۔

منهنجا ڀاء ليز وٺڻ ڪو سولو ڪم ناهي ان لاء پهريان پاڻ تياري ڪرڻي پوندي آهي۔ جڏهن اسان سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ ۽ سيتانگر جي ليز ڪرائي هئي ته ان ۾ سروي کان وٺي لسٽون ٺاهڻ ، نقشي ٺاهڻ ۽ فائل ٺاهڻ لاء اسان سڀ پاڻ ڪيو هو۔ سمجهو ته 80 في صد ڪم اسان پاڻ ڪيو هو ۽ مان 40 ڏينهن موڪل ڪري سمورو ڪم ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو هو۔

اوهان جي ڳالهه بلڪل سچي آهي ڀٽائي آباد مونکي سولو ليز ٿيندي نظر ڪونه پيو اچي پر جي دوست گڏجي پون ۽ ڪا سنجيده ڪوشش ڪن ته ممڪن آهي۔
 
جواب: آسماني پارڪ سنگاپور - دنيا جو نئون عجوبو

اڙي يار وساڻ، جهڳي اسانجي ڪکن پنن جي نظر انهي ۾ به دشمنن جي ۔۔۔

خوابن جي دنيا گهمائڻ تي ٿورا ۔۔۔ سنڌين لا اهڙا خواب ئي ممڪن ٿين، باقي حقيت ته دنيا جي ٻين قومن وٽ آهي ۔۔۔

ڏسجي ته ڀٽائي آباد ۾ اهڙو باغ ڪڏهن ٿو تيار ٿئي؟

سهڻو ونڊ ۔۔۔

سائين اوهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۔۔۔۔۔۔ اسان جون جهڳيون ڪکن پنن جون آهن پر اسان خواب ته ڏسي سگهون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڀٽائي آباد ۾ ههڙو عجوبو ته ٺهيو پر جي ماڻهن جي وندر لاء ڪو ننڍڙو پارڪ ٺهي وڃي ته به نعمت آهي ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: آسماني پارڪ سنگاپور - دنيا جو نئون عجوبو

ادا اسان جو پاڪستان اهڙو الاهي ڪڏهن ٿيندو ۔

دنيا اميد تي قائم آهي

اسان اڃان ڪوششون ئي ناهن ورتيون، جڏهن هر ماڻهو پبلڪ ملڪيت کي به پنهنجو سمجهڻ شروع ڪندو ته حالتون بهتر ٿينديون ۽ پوء ترقي شروع ٿيندي۔
 
Back
Top