سئنڊس اسڪاء پارڪ سنگاپور دنيا جو نئون عجوبو آهي۔ 24 جون 2010 تي هن آسماني پارڪ جو افتتاح ٿيو آهي۔ هي دنيا جو سڀ کان بلند پارڪ آهي جتي اوهان کي دنيا جو سڀ کان بلند سئمنگ پول به ملندو جيڪو 200 ميٽر جي بلنديء تي آهي۔ ٽن پلرن تي مشتمل هن پارڪ ۾ 3900 ماڻهن جي گنجائش آهي جيڪو 12400 اسڪوائر ميٽرن تي واقع آهي۔








