ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ
غلام اسان جا بادشاھ
ظلم نپوڙي پيو ساھ
روز مهانگائي ۽ موت
شيطان گهري ٿو پناھ
جان پناھ جو ضامن هو
سو قاتل جي آهي همراه
قاتل مقتول ناهن واقف
قوميت ٻاري آهي باھ
جن ڪاڻ قتل ٿيا سون
تن دشمن سان ڪيو ٺاھ
ڊالر بدلي دشمن دوست
ملڪ بڻيو آهي قتل گاھ
جتي عزت همت غيرت ناهي
اتي ڪير ڪندو ڪاھ
عدل جي ڪهڙي اميد ڪجي
هر ادارو جتي آهي تباھ
ڏاڏل ڏڪر انساني خوراڪ ۾
ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ
ظلم نپوڙي پيو ساھ
روز مهانگائي ۽ موت
شيطان گهري ٿو پناھ
جان پناھ جو ضامن هو
سو قاتل جي آهي همراه
قاتل مقتول ناهن واقف
قوميت ٻاري آهي باھ
جن ڪاڻ قتل ٿيا سون
تن دشمن سان ڪيو ٺاھ
ڊالر بدلي دشمن دوست
ملڪ بڻيو آهي قتل گاھ
جتي عزت همت غيرت ناهي
اتي ڪير ڪندو ڪاھ
عدل جي ڪهڙي اميد ڪجي
هر ادارو جتي آهي تباھ
ڏاڏل ڏڪر انساني خوراڪ ۾
ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ