• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ

غلام اسان جا بادشاھ
ظلم نپوڙي پيو ساھ

روز مهانگائي ۽ موت
شيطان گهري ٿو پناھ

جان پناھ جو ضامن هو
سو قاتل جي آهي همراه

قاتل مقتول ناهن واقف
قوميت ٻاري آهي باھ

جن ڪاڻ قتل ٿيا سون
تن دشمن سان ڪيو ٺاھ

ڊالر بدلي دشمن دوست
ملڪ بڻيو آهي قتل گاھ

جتي عزت همت غيرت ناهي
اتي ڪير ڪندو ڪاھ

عدل جي ڪهڙي اميد ڪجي
هر ادارو جتي آهي تباھ

ڏاڏل ڏڪر انساني خوراڪ ۾
ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ

 
جواب: ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ

واهه سائين ڏاڏل

معاشري جون سچايون ۽ حقيقتون اوهان لفظن ذريعي بيان ڪيون آهن
 
جواب: ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ

واهه سائين ڏاڏل

معاشري جون سچايون ۽ حقيقتون اوهان لفظن ذريعي بيان ڪيون آهن

سائين وساڻ صاحب و ادا علي علي اوهان جي پسند ڪرڻ جون مهربانيون ڪروڙين قرب حقيقت قلم جي نوڪ مان نڪري ٿي وڃي۔
وسلام
 
جواب: ڇا ڪڏهن کُٽو مال جو گاھ

روز مهانگائي ۽ موت
شيطان گهري ٿو پناھ

جان پناھ جو ضامن هو
سو قاتل جي آهي همراه


سائين توهان جي سٽن ۾ معاشري جي عڪاسي ٿيل آهي

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
Back
Top