سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [justify]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو اڄ مان پارس علي پارس جو انٽرويو توهان سان ونڊ پيو ڪريان ، دوستو هي وِڊيو تقريبن ڏيڊ سال اڳ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ونڊ ڪيو هُئم ، هي انٽرويو منهنجي ۽ سنڌ سلامت جي مين ڪئميرا مين محترم عبدالغفور سمون جي مشترڪا ڪاوش هُئي، دوستو جيئن ته منهنجي هڪڙي ٽيڪنيڪلي غلطيءَ جي ڪري فنڪاره پارس علي پارس جو هي انٽرويو انهن ويهن اهم ترين سنڌ سلامت جي وڊيوز مان هڪ هو جيڪي يو ٽيوب تان مونکان ڊيليٽ ٿي ويا، توهان اندازو لڳايو ته يڪا ويهه وڊيوز ڪيڏا نه قميتي هوندا جيڪي خالص سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيش ڪش هُئا، انهن ويهن وڊيوز تي اسان جي ڪيڏي نه محنت ٿي هوندي ، انهن وڊيوز جي ايڊيٽنگ کان وٺي اپ لوڊنگ جا ڪيڏا نه ڏکيا مرحلا طئه ٿيا هوندا ائين سمجهو اسان جي شب روز محنتن جي نتيجي ۾ اهي ويهه وڊيو اپ لوڊ ٿيا هُئا يوٽيوب ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي، انهي عظيم نقصان جو ڏُک مونکي يا ڄمار ضرور رهندو ، زندگي سموري ڌوپ ڇانءُ جو کيل آهي، ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن سبب جي هڪڙي معمولي غلطي به وڏي نقصان جو پيش خيمو ثابت ٿيندي آهي اهڙو ئي وڏو نقصان انهن ويهن وڊيوز جو ڊيليٽ ٿيڻ هو، ساٿيو گذريل هفتي هڪڙي دعوت جي سلسلي ۾ منهنجو سنڌ جي شهر حيدرآباد وڃڻ ٿيو اتي هڪڙي اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ سان ملاقات ٿِي حالي احوالي ٿياسين جڏهن ان ماڻهوءَ کي خبر پئي ته منهنجو تعلق دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت سان آهي ته هو تمام گهڻو خوش ٿيو چوڻ لڳو ته سائين مون توهان کي هاڻ سُڃاتو توهان جي سنڌ جي سلامت جي هڪڙي امانت مون وٽ به موجود آهي، مون سمجهيو ته شايد هن وٽ سنڌ سلامت جو هن سال جو ڪيلينڊر هوندو پر جڏهن هن چيو ته سائين سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو ڏيڊ سال پهرين جيڪو توهان انٽرويو ڪيو هو سو مون وٽ موجود آهي، مون انهن ڏينهن ۾ يوٽيوب تان ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سيو ڪري ڇڏيو هو اڙي واهه مونکان ڇرڪ نڪري ويو، همراهه کي گُذارش ڪيم ته يار اهو انٽرويو وارو وڊيو ڪنهن غلطي جي ڪري اسان کان ڊيليٽ ٿي ويو آهي جيڪڏهن مهرباني ڪري سگهين ته مونکي منهنجي امانت ڪاپي جي صورت ۾ واپس ڪري ڏي ، چوڻ لڳو سائين مان توهان کي هينئر ئي اهو وڊيو ڏيان ٿو مون پنهنجي کيسي ڏانهن نظر ڊوڙائي ته منهنجي کيسي ۾ يو ايس بي موجود هُئي سو همراهه سان گڏجي سندس گهر قاسم آباد حيدرآباد هليو ويس اتي همراهه مونکي هڪڙي زبردست ڪافي به پيئاري ۽ منهنجي يو ايس بي ۾ هي انٽرويو به ڪاپي ڪري ڏنائين مون سندس تمام گهڻا ٿورا مڃيا ۽ ويندي ويندي هڪڙو سوال ان کان پڇيو ته ادا توهان صرف فنڪاره پارس علي پارس جو ئي انٽرويو ڇو ڊائون لوڊ ڪيو؟ همراهه کلندي کلندي جواب ڏنو ته سائين مان پارس علي پارس جو ديوانگيءَ جي حد تائين فين آهيان، کيس موڪلائي گهر آيس يو ٽيوب جي مخصوص فارميٽ واري وڊيو کي ايني وڊيو ڪنورٽ واري سافٽ ويئر ذريعي ٻيهر اي وِي آئِي واري فارميٽ ۾ آندم يو ليڊ واري سافٽ ويئر ۾ هن جي دوباره هلڪي هلڪي ايڊيٽنگ ڪيم سنڌ سلامت جي بنايل نئين پرومو کي هن انٽرويو سان ڳنڍي هڪ هفتي کان توهان واسطي يو ٽيوب تي اپ لوڊ جي ڪوشش ۾ رڌل هُئس ڪڏهن هي انٽرويو 40 في صد اپ لوڊ ٿئي ته بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جي ڪري اپ لوڊنگ فيل ٿيو وڃي ڪڏهن 70 في صد اپ لوڊنگ تي پهچي ته بجلي جي بي وفائي جي ڪري هن وڊيو جي اپ لوڊنگ پنهنجي انجام کان پُڄڻ کان سواءِ ختم ٿيو وڃي دوستو توهان يقين ڪندا ته هڪ ڀيرو پارس علي پارس جو هي انٽرويو تقريبن 99 في صد اپ لوڊ ٿيو ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ 99 في صد مطلب منهنجي ساڍن چئن ڪلاڪن جي انتظار ۽ ڏکين لمحن جي مليا ميٽ ڪري ڇڏي ، دوستو رات 21 جولائي 2011 تي رات جو 12 وڳي هن وڊيو کي توهان دوستن واسطي اپ لوڊ تي لڳائي مان سُمهي پيس اڄ صُبح جو جڏهن ڏٺم ته پارس علي پارس جو هي وڊيو باقائده اپ لوڊ ٿيو پيو هو، بجلي جي بي وفائي کان بچي ويو هو ، رات شايد بجلي ٻارهين بجي کان پوءِ ڪانه ويئي هُئي. خير توهان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌين سان هي وڊيو شيئر پيو ڪريان ۽ خاص ڪري مان پارس علي پارس جو هي انٽرويو ارپيان ٿو اسان جي سنڌ سلامت جي جهوني انٽرنيشنل فقير علي علي کي ڇاڪاڻ ته مونکي باوثوق ذريعن کان خبر پئي آهي ته فنڪاره پارس علي پارس جي ذڪر تي جهوني علي علي جي دل ۾ ڪُڇ ڪُڇ ٿيندو آهي ، هاڻي اها خبر ڪيتري قدر درست آهي مولا ٿو ڄاڻي. زندگي رهي ته وري ڪنهن ٻي فنڪار يا فنڪاره جو انٽرويو توهان سان ضرور شيئر ڪندس .( دوستو هن وڊيو ۾ ٽيڪنيڪي حوالي سان کوڙ ساريون خاميون ضرور هونديون جنهن جو سبب مان باربار پنهنجي پهرين موڪليل وڊيوز جي پوسٽن ۾ ڪندو رهيو آهيان )[/justify]

    سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو سنڌ سلامت جي خالص پنهنجي پيشڪش ​






    [​IMG]

    سنڌ سلامت جو اصلي جهونو نثاراحمد ناز ۽ فنڪاره پارس علي پارس ( پارس علي پارس جي سالگره جي موقعي تي)​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جو هي ونڊ جيڪو علي علي کي ارپيل آهي تمام سٺو ۽ يادگار آهي۔ يقينن هن بجلي جي آزار صرف اوهان سان ئي نه پر اسان سان به ساڳيا مسئلا ڪيا آهن۔ پوء به اوهان جي حوصلي ۽ همت تي اوهان کي داد ڏيڻ گهرجي ۽ اوهان کي شاباسون آهن۔

    اوهان جو هي ڪم سچ ته لاجواب ۽ قابل قدر آهي۔ علي علي جا ڪمينٽس نه اچڻ سمجهه کان چڙهيل آهي۔ يا ته جهونو ڪنهن عجيب سوچ ۾ آهي ۔ پر اوهان جو کيس ڏنل تحفو زبردست آهي۔
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    سائين نثار احمد ناز هميشه وانگر ڪو نه ڪو اچانڪ ڌماڪو ڪندو آهي ۽ سنڌ سلامت جي ميمبرن لاء هميشه سر پرائز هوندي آهي سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو انٽريو به اسان لاء هڪ سرپرائيز کان گهٽ نه آهي محترمه پارس علي پارس جو انٽريو ۽ سائين نثار حمد ناز جا سوال ۽ محترمه جا جواب يقينن تمام سٺا لڳا خاص ڪري اخلاص سان پارس جا جواب يقينن دل کي ڇُهندڙ هئا ان کان وڌيڪ خوشي جي ڳالهه ته سائين نثاراحمدناز جن اهو انٽرويو مون کي اريپو آهي سائين جو اهو خلوص آهي ۽ محبت آهي جو جهوني سان رفته رفته پيار جو اظهار ڪندا رهندا آهين باقي ان ويڊيو ۾ هڪ ناجائزي ٿيل آهي ته پارس علي پارس جيتري خوبصورت آهي ان ويڊيو ۾ ان کي اوترو خوبصورت نه ڏيکاريو ويو آهي، ان جو سبب شايد ٽيڪنيڪي پرابلم جو هجڻ آهي ڇو ته ويڊيو جي روشني کي شايد هلڪو رکيو ويو آهي خير رفته رفته اهي ٽيڪنيڪي پرابلم حل ٿي ويندا انشاء الله باقي پارس جِي يا پارس جي انٽرو يو جي تعريف ڪهڙي ڪجي اها ته آهي ئي سڄي تعريف جي لائق ، جهڙي پارس پاڻ سندر آهي اهڙي طرح ان جو انٽرويو به سندر ماڻهن سندر ڪري پيش ڪيو آهي لک ٿورا سائين نثار ناز جا جن اسان تي اهو قرب ڪيو جو اسان سان اهو ويڊيو شيئر ڪيائون مهربانيون اوهان جون لک ٿورا
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    ادا محمد سليمان وساڻ جا ٿورا جو اسان جي موڪليل هن غريباڻي ونڊ کي تمام سُٺو ۽ يادگار لکيو ۔ توهان اسان جي حوصلا افزائي ڪري اسان کي شاباسون ڏنيون، ادا علي علي کي ته صرف هي ونڊ ارپي اٿم باقي توهان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين ۽ ساري دنيا جي سنڌين سان ته ونڊي اٿم ، علي علي وڏو استاد آهي پارس علي پارس جي انٽرويو جي هي پوسٽ کيس ارپي اٿم ته يقينن دل ۾ گد گد ٿيندو هوندو، ڇو ته ميڊم پارس علي پارس جي صرف ذڪر تي همراهه سڄو سارو سون ٿيو پوي هي ته پورو ساڍن نون منٽن جو انٽرويو آهي ميڊم پارس علي پارس جو سو انٽر نيشنل فقير اصل پاڻي پاڻي ٿي پيو هوندو۔ لک لائق ادا۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    جهوني علي علي جون مهربانيون جو هن اسان کي ڌماڪو ڪرڻ وارو لکيو آهي، يار ڌماڪا ته دهشتگرد ڪندا آهن اسان شاعر ماڻهو ته صرف پيار ورهائيندا آهيون، خلوص ورهائيندا آهيون ، قرب ورهائيندا آهيون، اسان جي پيار ورهائڻ کي ڌماڪا لکي اسان کي ڌماڪن جي ور چاڙهي ڇڏيو اٿس، علي علي وڏو استاد آهي هڪ طرف اسان جو هي انٽرويو ڏسي چئي پيو ته پارس جهڙي سُندر آهي اهڙو سُندر ماڻهن سنُدر انٽرويو ڪري پيش ڪيو آهي ٻي طرف وري ناجائزي جي ڳالهه ڪري هڪ دم اسان سان ناجائزي ڪئي اٿس گهٽ ۾ علي علي هڪڙي ڳالهه تي ته بيهي، پهرين ناجائزي جي ڳالهه لکي پيو ته جهڙي پارس خوبصورت آهي اوتري هن وڊيو ۾ کيس سُهڻو ڪري پيش نه ڪيو ويو آهي، ٻي طرف وري لکي پيو ته پارس جهڙي سُندر آهي اهڙو سُندر ماڻهن سُندر انٽرويو ڪري پيش ڪيو آهي ۔ لڳي ٿو جهونو علي علي پيري ۾ سٺيائجي ويو آهي پاڻ ته الائي سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان مليو آهي يا نه پر مونکي خبر آهي ته هي سنڌي فنڪاره ڪيتري قدر خوبصورت آهي باقي بندو وڏو بيمان آهي پارس جي خوبصورتي جي ڳالهه لکي ڇڏيائين ته منهنجي ڪئميرا ان کي سُٺو ايڪسپوز ڪونه ڪيو مان ته کيس ياد ئي ڪونه آيس ان سان گڏ مان به هُئس کيس منهنجي خوبصورتي يا بدصورتي نظر ئي ڪانه آئي ها بابا پارس علي پارس ته پارس آهي اها کيس سون ڪري وجهندي باقي اسان تي نظر ئي ڪانه پيس۔ ڇو ته اسان پوڙهن کڳن مان نه هُوند نه شڪر خير علي علي دل نه لاهي هاڻي جيڪو نئون انٽرويو وٺندس ته جهڙي پارس علي پارس پاڻ خوبصورت آهي ان انٽرويو ۾ به اهڙي خوبصورت ضرور کيس نظر ايندي۔ باقي علي علي جهڙو ماڻهو ڪٿي لکن ۾ پڌرو صفا پيارو ماڻهو مان صدقو مان واري۔ شال جڙيو هُجي۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    سائين نثار ناز سان پروگرام ٺاهڻو آهي ، الله چاهيو ته اسان جلد سنڌ جي مشهور هستين جو انٽرويو وٺنداسين، پارس کان به نئون انٽرويو وٺڻ جي ڪوشش ڪبي۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    ادا اسد مست تون خوش ته آهين نه؟ نڪو دُعا نڪو سلام، لڳي ٿو توهان اڄڪلهه پنهنجي مستي جي عروج تي آهيو، مستي مان وڌي سرمستي ۾ آهيو، خير شال توهان جي مستي سدائين برقرار رهي پر ڪڏهن ڪڏهن اسان جهونن کي به ياد رکندا ڪريو، حقيت ۾ مستن تي ڪهڙيون ميارون مست شال آباد هُجن، بلڪل ادا انٽرويو به وٺبا ضرور ڄام شوري جي وڏين هستين کان انٽرويو جو ٽائيم توهان وٺو ۽ اسان کي حُڪم ڪريو سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نينهن وارا نعرا هڻي اسان پهچي وينداسين۔ پارس علي پارس جو ٻيهر انٽرويو وٺبو ۽ ضرور وٺبو آخر جهوني علي علي جِي به دل رکڻي آهي بقول ادا محمد سليمان وساڻ جي ته جهوني علي علي جون حيدرآباد سان 32 دليون آهن، ڪاش انهن 32 دلين مان ان جي صرف هڪڙي دل مون جهوني نثار ناز سان به هُجي ها۔لک لائق ادا۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    اڄ ڪلهه جي هن تيز رفتار دور ۾ سائين جنهن انداز ۾ سنڌ سلامت فورم لا۽ جيڪا جاکوڙ ڪري رهيو آهي کيس

    سلام آهي

    سائين کي پارس علي پارس جو انٽريو پيش ڪرڻ تي لک واڌايون هجن


    سدائين گڏ
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    مهربانيون فقير وحيد ڦلپوٽا جو اسان لا ايترا پيارا لفظ لکو ٿا، دوست اهو حوصلو توهان سڀني پيارن دوستن ته مونکي ڏنو آهي نه ته آئون ئي ٽي درجي وارو شاعر بس سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ اسان کي عشق جي ٻنڌڻن ۾ اهڙو ته قابو ڪيو آهي جو توهان دوستن سميت سنڌ سلامت کان دار ٿيڻ اسان لا هاڻي ممڪن ڪونهي توهان کي اسان جي محبتي ونڊ سُٺي لڳي توهان قرب وارا سلام موڪليا لک لائق وعليڪم السلام شال جڙيو هُجين ادا ۔
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    سائين نثار ناز دير دير سان ايندو آهي پر ڌماڪو ڪري ايندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پارس علي پارس جو تفصيلي انٽرويو پيش ڪري تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جهونا ئي جهونن جو خيال رکندا نه رکندا ته ٻيو ڪير رکندو نوجوان ته جهونن کي ليکن ئي ڪون

    بهترين لاجواب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو(نثاراحمدناز)

    محترم عرس پريا مون سمجهو هو ته مونکي ڌماڪا ڪرڻ وارو صرف جهونو علي علي سمجهندو آهي پر اڄ خبر پئي ڇوٽي ميان محترم محمد عرس پريو به مونکي ڌماڪا ڪندڙ سمجهندو آهي ، جنهن مان اهو ثابت ٿئي پيو ته بڙي ميان تو بڙي ميان ڇوٽي ميان سُبحان الله، خير مان ڌماڪا ڪندڙ ئي سهي ، پارس علي پارس جو انٽرويوکيس پسند آيو مهربانيون سندن، سنڌ سلامت جو اصلي جهونو نثار ناز سنڌ سلامت جي نقلي جهوني علي علي کي پنهنجو سمجهي ٿو ان ڪري ان جو خيال رکڻ اسان جي فرضن ۾ شمار آهي۔ لک لائق ادا محمد عرس پريا جو توهان اسان جون همت افزايون ڪيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو