نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو اڄ مان پارس علي پارس جو انٽرويو توهان سان ونڊ پيو ڪريان ، دوستو هي وِڊيو تقريبن ڏيڊ سال اڳ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ونڊ ڪيو هُئم ، هي انٽرويو منهنجي ۽ سنڌ سلامت جي مين ڪئميرا مين محترم عبدالغفور سمون جي مشترڪا ڪاوش هُئي، دوستو جيئن ته منهنجي هڪڙي ٽيڪنيڪلي غلطيءَ جي ڪري فنڪاره پارس علي پارس جو هي انٽرويو انهن ويهن اهم ترين سنڌ سلامت جي وڊيوز مان هڪ هو جيڪي يو ٽيوب تان مونکان ڊيليٽ ٿي ويا، توهان اندازو لڳايو ته يڪا ويهه وڊيوز ڪيڏا نه قميتي هوندا جيڪي خالص سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيش ڪش هُئا، انهن ويهن وڊيوز تي اسان جي ڪيڏي نه محنت ٿي هوندي ، انهن وڊيوز جي ايڊيٽنگ کان وٺي اپ لوڊنگ جا ڪيڏا نه ڏکيا مرحلا طئه ٿيا هوندا ائين سمجهو اسان جي شب روز محنتن جي نتيجي ۾ اهي ويهه وڊيو اپ لوڊ ٿيا هُئا يوٽيوب ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي، انهي عظيم نقصان جو ڏُک مونکي يا ڄمار ضرور رهندو ، زندگي سموري ڌوپ ڇانءُ جو کيل آهي، ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن سبب جي هڪڙي معمولي غلطي به وڏي نقصان جو پيش خيمو ثابت ٿيندي آهي اهڙو ئي وڏو نقصان انهن ويهن وڊيوز جو ڊيليٽ ٿيڻ هو، ساٿيو گذريل هفتي هڪڙي دعوت جي سلسلي ۾ منهنجو سنڌ جي شهر حيدرآباد وڃڻ ٿيو اتي هڪڙي اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ سان ملاقات ٿِي حالي احوالي ٿياسين جڏهن ان ماڻهوءَ کي خبر پئي ته منهنجو تعلق دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت سان آهي ته هو تمام گهڻو خوش ٿيو چوڻ لڳو ته سائين مون توهان کي هاڻ سُڃاتو توهان جي سنڌ جي سلامت جي هڪڙي امانت مون وٽ به موجود آهي، مون سمجهيو ته شايد هن وٽ سنڌ سلامت جو هن سال جو ڪيلينڊر هوندو پر جڏهن هن چيو ته سائين سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو ڏيڊ سال پهرين جيڪو توهان انٽرويو ڪيو هو سو مون وٽ موجود آهي، مون انهن ڏينهن ۾ يوٽيوب تان ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سيو ڪري ڇڏيو هو اڙي واهه مونکان ڇرڪ نڪري ويو، همراهه کي گُذارش ڪيم ته يار اهو انٽرويو وارو وڊيو ڪنهن غلطي جي ڪري اسان کان ڊيليٽ ٿي ويو آهي جيڪڏهن مهرباني ڪري سگهين ته مونکي منهنجي امانت ڪاپي جي صورت ۾ واپس ڪري ڏي ، چوڻ لڳو سائين مان توهان کي هينئر ئي اهو وڊيو ڏيان ٿو مون پنهنجي کيسي ڏانهن نظر ڊوڙائي ته منهنجي کيسي ۾ يو ايس بي موجود هُئي سو همراهه سان گڏجي سندس گهر قاسم آباد حيدرآباد هليو ويس اتي همراهه مونکي هڪڙي زبردست ڪافي به پيئاري ۽ منهنجي يو ايس بي ۾ هي انٽرويو به ڪاپي ڪري ڏنائين مون سندس تمام گهڻا ٿورا مڃيا ۽ ويندي ويندي هڪڙو سوال ان کان پڇيو ته ادا توهان صرف فنڪاره پارس علي پارس جو ئي انٽرويو ڇو ڊائون لوڊ ڪيو؟ همراهه کلندي کلندي جواب ڏنو ته سائين مان پارس علي پارس جو ديوانگيءَ جي حد تائين فين آهيان، کيس موڪلائي گهر آيس يو ٽيوب جي مخصوص فارميٽ واري وڊيو کي ايني وڊيو ڪنورٽ واري سافٽ ويئر ذريعي ٻيهر اي وِي آئِي واري فارميٽ ۾ آندم يو ليڊ واري سافٽ ويئر ۾ هن جي دوباره هلڪي هلڪي ايڊيٽنگ ڪيم سنڌ سلامت جي بنايل نئين پرومو کي هن انٽرويو سان ڳنڍي هڪ هفتي کان توهان واسطي يو ٽيوب تي اپ لوڊ جي ڪوشش ۾ رڌل هُئس ڪڏهن هي انٽرويو 40 في صد اپ لوڊ ٿئي ته بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جي ڪري اپ لوڊنگ فيل ٿيو وڃي ڪڏهن 70 في صد اپ لوڊنگ تي پهچي ته بجلي جي بي وفائي جي ڪري هن وڊيو جي اپ لوڊنگ پنهنجي انجام کان پُڄڻ کان سواءِ ختم ٿيو وڃي دوستو توهان يقين ڪندا ته هڪ ڀيرو پارس علي پارس جو هي انٽرويو تقريبن 99 في صد اپ لوڊ ٿيو ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ 99 في صد مطلب منهنجي ساڍن چئن ڪلاڪن جي انتظار ۽ ڏکين لمحن جي مليا ميٽ ڪري ڇڏي ، دوستو رات 21 جولائي 2011 تي رات جو 12 وڳي هن وڊيو کي توهان دوستن واسطي اپ لوڊ تي لڳائي مان سُمهي پيس اڄ صُبح جو جڏهن ڏٺم ته پارس علي پارس جو هي وڊيو باقائده اپ لوڊ ٿيو پيو هو، بجلي جي بي وفائي کان بچي ويو هو ، رات شايد بجلي ٻارهين بجي کان پوءِ ڪانه ويئي هُئي. خير توهان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌين سان هي وڊيو شيئر پيو ڪريان ۽ خاص ڪري مان پارس علي پارس جو هي انٽرويو ارپيان ٿو اسان جي سنڌ سلامت جي جهوني انٽرنيشنل فقير علي علي کي ڇاڪاڻ ته مونکي باوثوق ذريعن کان خبر پئي آهي ته فنڪاره پارس علي پارس جي ذڪر تي جهوني علي علي جي دل ۾ ڪُڇ ڪُڇ ٿيندو آهي ، هاڻي اها خبر ڪيتري قدر درست آهي مولا ٿو ڄاڻي. زندگي رهي ته وري ڪنهن ٻي فنڪار يا فنڪاره جو انٽرويو توهان سان ضرور شيئر ڪندس .( دوستو هن وڊيو ۾ ٽيڪنيڪي حوالي سان کوڙ ساريون خاميون ضرور هونديون جنهن جو سبب مان باربار پنهنجي پهرين موڪليل وڊيوز جي پوسٽن ۾ ڪندو رهيو آهيان )
سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو انٽرويو سنڌ سلامت جي خالص پنهنجي پيشڪش

سنڌ سلامت جو اصلي جهونو نثاراحمد ناز ۽ فنڪاره پارس علي پارس ( پارس علي پارس جي سالگره جي موقعي تي)