صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ بشيراحمد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2011۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    مشهور صوفي لال قلندر جي قبر تي مچيل ميلي جا منظر ۽ ان جي حقيقت جي لا هن ويڊيوز کي ضرور ڏسندا

    1



    2


    3


    4


    5


    6


    7


    8


    9


    .....................................

    10


    11


    12


    13


    14


    15


    16


    17
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    شرم اچڻ گهرجي اهڙي قسم جي غلط پروپيگنڊا ڪرڻ وارن کي خاص ڪري پهرين ويڊيو ۾ ڪنهن خاص مذهب تي اٽيڪ ڪئي وئي آهي ان ڪري مهنجي خيال ۾ ان ويڊيو جي غلط ۽ ڪنهن خاص فرقي جي دشمني ۾ ئي نشر ڪيو وي آهي ۽ بڻايو وي آهي ان لاء ايترو ئي ڪافي آهي ته ڇا قلندر شهباز جي عيقدت رکڻ وارن جو ڪعبو قبلو ٻيو آهي ڇا ڇا اهي ان خانه خدا کي نٿا مڃن جو ان تقرير ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته انهن ڪعبي جي مقابلي ۾ قلندڙ شهباز جي مزاار ٺاهي آهي افسو س آهي اهڙي قسم جي ڪوڙ هڻڻدر ماڻهن تي غلط رمسن جي ازالو ڪرڻ جو اهو غلط طريقو آهي ن ڪري هي ويڊيو قابل اعتراض آهي ان کي ختم ڪيو وڄي ۽ اهڙي قسم جي ويڊيو شيئر ڪرڻ وارن کي هڪ دفعو ٻيهر ماحول خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۔۔۔ ان ويِڊيو ۾ آل سعود جي قبرن جي بي حرمتي انبياء جي قبرن کي مسمار ڪرڻ جي تعريف ڪرڻ وارن مان خير جي توقع رکڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ جي برابر آهين جن جو مقصد مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ا۽ انهن جي درميان نفرت پيدا ڪرڻ آهي افسوس انتظاميه جي ڪافي فردن اهي ويڊيو ڏسڻ باوجود به ان جي خلاف ايڪشن ناهي کنيو ۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    جيڪڏهن هنن وڊيوز کي هڪ نظريي جي عينڪ چاڙهي ڏسبو ته بيشڪ ڪافي ڏکيو آهي حضم ڪرڻ، پر جيڪڏهن هنن وڊيوز کي قرآن ۽ احاديث ۽ دين جي تعليمات تي پرکبو ته وڊيوز ۾ ظاهر ٿيندڙ منطر نجو سجو ڪوڙ ۽ ڌوڪو آهن، عثمان مرونديءَ جي قبرن کان علاوهه ڪافي صوفي بزرگن جو قبرون هاڻ، هڪ الڳ دين جي حيثيت اختيار ڪنديون وڃن ٿيون، جن کي نندڻ گهرجي ۔۔۔ صوفي بزرگ جيڪي انهن قبرن ۾ آرامي آهن انهن جو روح اهڙا عمل ڏسي روئيندو هوندو ته هنن ڇا چيو، ماڻهن ڇا سمجهيو ۽ هو اصل کي ڇڏي ڪوڙ جي پويان ڊوڙندا ٿا وتن ۽ اسان جهڙا ماڻهون انهن کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ خاطر جائز به قرار ٿا ڏين ۔۔۔

    قلندر شهباز جو نظريو ڇا هو يا سندس شخصيت ڇا هئي انجي برعڪس، هن وقت قلندر جي درگاهه تي ڇا ٿو ٿئي؟

     رنڊيون نچايون وڃن ٿيون
     جسم فروشيءَ جو ڌنڌو عام جام ٿئي ٿو
     شراب، چرس، ڀنگ، آفيم ۽ هيروئن جو واپار ٿئي ٿو
     اسلحي جو واپار ٿئي ٿو
     لونڊي بازي عام جام ٿئي ٿي
     ڪوڙيون رسمون ۽ عجيب طرح جي مذهب جي پيروڪاري ڪئي وڃي ٿي
     بدعت ۽ ڪفر جهڙا عمل ٿين ٿا ۔۔۔۔ وغيره وغيره

    مطلب اهڙي ڪهڙي خرابي آهي جيڪا انهن مزارن تي نٿي ڪئي وڃي ۔۔۔۔ انڪري جيڪڏهن اسانکي پنهنجي قوم کي صحي دڳ لائڻو آهي ته انهن مزارن تي ٿيندڙ رسمن ۽ ڪاروبارن کي بند ڪرائڻو پوندو ٻي صورت ۾ نه ته اسين قران شريف جا پوئلڳ چوائڻ جا حقدار ٿينداسون نه ئي وري رسول اڪرم جا سچا سپاهي ۽ نه ئي وري حضرت علي ڪرم الله وجهه جي تعليمات جا سچا پوئلڳ ۔۔۔۔

    باقي جهالت جي ڪا حد ناهي جيڪا اسانکي ڪجهه ماڻهن ۾ تعليم جي هوندي به نظر اچي ٿي ۽ خاص ڪري اهڙن جڳهه تي عام ۽ جام آهي ۔۔۔ انهن جهالتن جي وڪالت ڪرڻ ۔۔۔؟؟؟ عجيب شئي آهي ۔۔۔ بشير احمد جي پيش ڪيل هنن وڊيوز ۾ مونکي ڪو به ڪوڙ نظر نه آيو آهي ۔۔۔

    محترم علي اوهان چاهيو ته بيشڪ هنن وڊيوز کي ختم ڪري ڇڏيو، اوهان وٽ به ان جا حق آهن پر سچ کي هلڻ ڏيو ته سٺو آهي ۔۔۔ سنڌ کي سڌرڻ ڏيو ته لک ٿورا ۔۔۔ بري کي برو چوڻ ڏيو ۔۔۔

    وڌيڪ راز جا راڻا آهيو ۔۔۔۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    مهنجا سائين برو ڪم ڪهڙي جاڀ تي نٿو ٿي ؟ ڪهڙي جڳه آهي جتي برو ڪم نه ٿيندو اآهي ۽ برائي عام نه آهي خاص ڪري پاڪستان جي جاهل عوام ۾ ته سائين اسان جو مقصد عا عالمن جو مقصد جهالت ۽ برائي کي ختم ڪرڻ آهي يا ڪنهن خاص مسلڪ جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ آهي ؟ اوهان کي انهن ويڊيو ۾ ڪو ڪوڙ نظر نه آيو اوهان شايد پهرين ويڊيو جنهن جي هي لنڪ آهي اوهان سامهون پيش ڪيان ٿعو اوهان ان کي وري ضرور ملاحظه ڪندا

    ان ۾ اهو چيو ويو آهي ته ڪعبه جي مقابلي ۾ ماڻهن قلندر شهباز جي مزار ٺاهي آهي ۽ انهن مولا مشڪل ڪشا کي خدا مڃڃندا آهين جي اهو ڪوڙ نه پر سچ آهي ته پوء اوهان چو ٿا ته اسان مڃون ٿا ابابا ان کان علاوه قلندر شهباز جي مزار تي ٿيندڙ چو ٻول يا جاهل ماڻهن جي بنا ثبوت جي ماڻهن کي فڙن لاڀ ڪندڙ ڳالهين کي ڪنهن دين جو حصو سمجهندڙ مهنجي نظر ۾ جاهل آهين ڪنهن جاهل شخص جي ڳاله تي ڳنڌ ڏئي ڪري بيههڻ ان کي هڪ عقيدو سمجهڻ عالم جو نه پر جاهل جو ڪم آهي اتي مزار تي موجود جاهل جن کي بسم الله چوڻ به نٿي اچي جي ڪنهن قلندر شهباز طرف اها ڳاله منسوب ڪئي ته هي تنور آهي هي غار آهي هي پينگهو آهي ان جو مطلب اهو نه آهي ته اهو ڪنهن جو عقيدو صحيح عقيدو آهي يا ڪنهن مسلمان جي ڪنهن مسلڪ جو عققيدو آهي جاهلاڻا ڳالهيون جاهلاڻا هونديون آهين جن جي نه ڪا اصل هوندي آهي نه ڪو حوالو اهڙي قسم جي ڳالهين کي ليلا مجنون جي قصن وانگر سمجهيو ويندو آهي انهن ڳالهين ڪري قلندر شهباز جهڙي ولي الله جي توهين ڪرڻ ڪهڙي قسم جي عدالت آهي غلط اهڙي قسم جا ماڻهون آهين جن غلط قصا گهڙيا آهين نه ڪي قلندرشهباز غلط آهين ۽ انهن جي مزار آهي مان پهريان به چيو ته غلط رسمن جي اصلاح ڪرڻ ايمان آهي نه ڪي ان ڳالهين کي وٺي ڪري ڪنهن تي اٽيڪ ڪرڻ ايمان آهي وڌيڪ مان سنڌ سلامت جي ماحول کي خراب ڪرڻ نٿو چاهيان پر مان اها دعا ضرور ڪريان ٿو ته مون لي مذهبي جنون نه چڙهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ سنگت جي جيڪا مرضي
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    محترم علي صاحب ٿورو وضاحت ڪندئو ته ڪهڙي "مذهب" تي اٽيڪ آهي؟


    نثار صاحب گند ته هر جڳهه تي آهي۔ مدرسن مسجدن ۾ ملان ڇوڪرن سان بد فعليون پيا ڪن پوءِ ڇا نماز نه پڙهجي؟


    بلڪل علي صاحب توهان درست فرمايو۔ مزارن تي گند ڪندڙ اسان مان ناهن نه وري اهي اسان جي بزرگ هستين جا پوئلڳ آهن


    منهنجو تت: اسان ڪنهن کي به پنهنجو رهنما چونڊي سگهون ٿا۔ انهي جي جيئري توڙي فوت ٿيڻ کان پوءِ عزت احترام ۽ عقيدت اسان جو معاشراتي حق آهي۔ هاڻي رهي ڳالهه اهڙا فعل جيڪي دين ۾ نه هجن بلڪه رهندو گناه هجن انهن کي مثبت طريقي سان ۽ اصلاح جي با ادب طريقي سان نندڻ سٺي ڳالهه آهي۔ اها حقيقت آهي ته اسان مان اڪثر پڙهيا لکيا به درگاهن تي وڃي اهي فعل (شايد عقيدت جي انتها ۾) ڪن ٿا جيڪي جائز ناهن۔ بهرحال اهڙا وڊيو استعمال نه ڪندي به اصلاح ٿي سگهي ٿي۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    بي شڪ جڏهن الله تعالى انسان ذات خلقي هئي ته هن وقت سڀ موحد هئا ، پوِ شرڪ جي ابتدا ٿي ته انبياء ڪرام مبعوث ٿيندا ويا ، سوال اهو آهي ته شرڪ ڪٿان کان شروع ٿيو جواب اهو ئي ملي ٿو ته شرڪ جي ابتدا قبر پرستي کان ٿي آهي ۔ هن ئي ڪري نبي ڪريم ﷺ پنهنجي قبر مبارڪ تي يهودي قوم وانگر قبر پرستي کان منع ڪرڻ جي تاڪييد ڪري ويا ۔ اسين ڏسون ٿا ته وري شرڪ جو بنياد ساڳي نموني هن قبرپرستي جي رستي کان پنهنجي ڄڙ پڪتي آهي ، هن مزار تي جيڪو ڪجه ٿئي پيو سو سڄي جو سڄو هن ئي ڳالھ جو نظارو پيش ڪري پيو ،
    مان نٿو سمجهان ته ڪو قبر واري جي تبليغ اهائي هوندي جيڪي اهي حضرت انسان ڪري رهيا آهن ، پر هن جي نالي تي پنهنجا اختراع کي پنهنجو رنگ ڏئي سادي عوام کي گمراه ڪري رهيا آهن ۔ اهڙن غلط عقيدن ۽ شرڪيه اعمالن تي نشاندگي ڪرڻ ۽ انسان ذات کي هنن برائن ۽ شرڪ کان بچائڻ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي زمن ۾اچي ٿو ، سو اهو فريضو ادي بشير ادا ڪيو آهي ،

    راشدي صاحب جو انداز ڪلام ڏاڍو سخت آهي ڳالهين ڳالهين ۾ اشارتن فرقيواريت ۽ تعصب جي جهلڪ ڏئي ٿو ، تنهن ڪري منهجي ذاتي را اها آهي اهڙي انداز سان فائدو گهٽ ۽ نقصان گهڻو آهي ، خود نبي ڪريم ﷺ کي قرآن مجيد ۾ الله تعالى حڪم فرمائن ٿا ته ، سهڻي ۽ احسن نموني پنهنجو پيغام اڳتي پهچايو ۔ سو ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته پنهنجو ديني پيغام کي اهڙي نموني پيش ڪريون جو اڳئي کي فائدو پنهنچي نه ڪي هن کي متنفر ڪجي ،

    جزاڪ الله احسن الجزاء
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    ادا ائون اوهان سان سهمت آهيان پر اها ڳالهه ڪير مڃي ئي نه ٿو نه! ڏسجي ته نبي ڪريم ﷺ کان مٿي ته ڪير ڪونهي نه؟ جيڪڏنهن انهي جي مزار تي اهو سڀ ڪرڻ کان منع آهي ته پوءِ اصحابين يا معزز هستين جي قبرن تي اهو سڀ ڇو؟ عقيدت ۽ احترام جتائڻ جا بيا به طريقا آهن۔
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟



    سائين افتخار اصل ۾ احسن انداز تڏنهن پيدا ٿيندو آهي جڏنهن دل ۾ اخلاص هجي ۽ ٻين جي اصلاح مقصود هجي پر جڏنهن دل ۾ عناد ڀريل هجي ته پوء انسان جارحانه رويو اختيار ڪندو آهي مان پاڻ اسٽيج جو مقرر آهيان مون کي انهن لب و لهجن جي خبر آهي راشدي صاحب ۽ انهن جي هم خيال ادي بشير جو منصوبو اهو ئي آهي جنهن جي پاڻ ابتدائي ويڊيو ۾ راشدي صاحب اعلان به ڪيو آهي ته آل سعود اولآڀ صحابه ۽ جنت البقيع جي قبرن کي مسمار ڪيو اهو چئي ڪري ٻڌائڻ ٿا چاهين ته سنڌ هجي يا پاڪستان پر ڪٿي به ڪنهن به ولي جي قبر ۽ قبو نظر نه اچڻ گهرجي انهن کي مسمار ڪيو وڃي نه رهندا ولي نه رهندو فيض ۽ نه رهندي ڪا برائي ته برا ڪم مسجدن ۾ به ڪن ٿا اهي ئي ملا پيا ڪن مهنجي خيال ۾ مسجدن کي به مسمار ڪرڻ گهرجي نه رهندي مسجد نه رهندي برائي اهڙي طرح مدرسن ۾ برا ڪم ٿين پيا طالبن کي خودڪش حملن جي تربيت ڏني پئي وڄي انهن کر برين واش ڪيو پيو وڃي انهن سان بد فعلي ڪئي پئي وڃي انهن کي به مٽائڻ گهجري انهن کي به مسمار ڪيو وڄي اتي به ته ماڻهن کيجهنم جو رستو ڏيکاريو پيو وڃي ۔ نبڀي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن مسمانن کي تلقين ڪئي ته مسلمان کي قبر ۾ دفن ڪيو ُڄي ان جي قبر ٺاهي وڃي گهٽ ۾ گهٽ ايتري قبر ٺاهي وڄي جو اها خبر پئجي سگهي ته هي مسلان جي قبر آهي تاڪهي ان جو احترام ڪيو وڄي ان جي بي حرمتي نه وڃي ۔ پر اڃ جو ملو اچي ڪري نبي جي قول جي خللاف انهن قبرن کي مسمار ڪرڻ جي ڳاله پيو ڪري مسلامان جي قبر جي بي حرمتي جي ڳاله پيو ڪري جنت البقيع قبرستان جيڪو نبي ڪريم صلي الله عليه وآلي وسلم جن جي ازماني کان وٺي هو ان کي آل سعود مسمار ڪيو ڇا نبي ڪريم صلي الله عليه واآله وسلم جن جي زماني ۾ اهي قربون نه هيون پاڻ ڪريمن کي اها خبر نه هئي ته هي قبرون جائز آهين يا نا جازئ هنن کي مسمار هئڻ گهرجي افسوس جو مسلماننن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس يار ڳاله ڪجي به ته ڪهڙي ڪجي ۔۔۔۔۔۔
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    اسا فيض ته انهن جيترو جيئري پهچايو سو پهچايو هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ڪوئي ڪنهن کي فيض نه ٿو پهچائي۔ ها ان جا ڪيل عمل جيڪڏنهن اپجائجن ته فيض ئي فيض ملندو۔ سو جي اهي جن جي قبرن تي اڄ مزارون آهن ۽ عقيدت ۾ ميلا لڳن ٿا۔ ڏسجي ته اهي جڏنهن زنده هئا ته ڪهڙين ڪههڙين ولين جي مزارن تي ويندا هئا ۽ اتي ڇا ڇا ڪندا هئا۔ اهو ئي ڪجي ته بهتر۔

    ها اهو ته قڀعي عقل جو ڪم ناهي ته جتي گند هجي ان کي ضاف ڪرڻ بجاءِ مسمار ڪجي۔ ۽ جنت البقيع جي مسمار ٿين جو اشو بي نوعيت جو آهي۔ گهٽ ۾ گهٽ اهو فعل ڪنهن به ملڪ ۾ مزارون ڊاهڻ لاءِ جواز ته ڪنهن به صورت ۾ ناهي۔
     
  10. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    سنڌ سلامت جو نائب منتظم جي انتهائي افسوسناڪ زبان استعمال ڪري هن ٿريڊ ۾پراڻي روش جي مطابق فرقيواريت جو رنگ ڏيڻ چاهي ٿو
    اعلي انتظاميه کي گذارش آهي ته انهي جو نوٽيس وٺي

    سائين نثار جي بقول جيڪڏهن تعصب جي پٽي هٽائي ڪري ڏسبو ته انهن ويڊيوز ۾ هڪ سچائي بيان ڪئي آهي جنهن کان انڪار ناممڪن آهي
    بزرگن جي قبرن جي ڀرپاسي رنڊي بازي ۽ چڪلا برداشت آهي پر سخت انداز ۾ اصلاح ڏکي ٿي لڳي ۔

    مسجدن کي اڏڻ ۽ انهن کي آباد ڪرڻ جو حڪم قرآن مجيد ۾ موجود آهي جيڪڏهن اتي ڪو ڪڌو ڪم ٿيو آهي ته انهي ڪم کي ختم ڪيو ويندو پر بزرگن جي مزارن تي ميلن ، تماشن ۽ رنڊي بازي جو ڪهڙو شرعي ثبوت آهي !!!!!!!!؟
    مسجد جهڙي مقدس جڳھ کي ميلي جهڙي جڳھ سان تشبيھ ڏيڻ به انتهائي افسوسناڪ آهي
    حديث مبارڪ ۽ اهل سنت جي فقھ جي مطابق قبرن تي مقبرن اڏڻ کان روڪيو ويو آهي ، انڪري مقبرن کي مسمار ڪرڻ رسول اڪرم جن پيروي آهي انهي کي ڪو غلط رنگ ڏيڻ جو ڪوشش نه ڪريو ۔
     
  11. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    گهڻو اڳ اهڙي ئي قسم جو حج لنواري شريف ۾ لنواري وارا پير ڪرائيندا هئا. بعد ۾ انگريز حڪومت انهن تي پابندي لڳائي، جيڪا هينئر تائين لڳل آهي. پر هي قلندر لال جا عقيدتمند ته اڳين کان به ٻه هٿ اڳتي نڪري ويا ۽ سموريون حدون ئي ٽپي ويا. ڪفر ۽ شرڪ جا اهڙا اهڙا طريقا ايجاد ڪري ڇڏيا اٿن، جو خود شيطان کي تعجب ٿيندو هوندو. اسان جي اڄوڪي حڪمرانن کان اُهي بي دين انگريز چڱا هيا، جن ايڏو وڏو ڪارنامو انجام ڏنو. انهيءَ جي ابتڙ اسان جا اڄوڪا اعلي حڪام انهيءَ گند کي ڦهلائڻ ۾ اهڙن جاهل ماڻهن جو ساٿ ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.

    جڏهن لنواري شريف ۾ حج شروع ڪيو ويو هيو ته انهيءَ دور جي عالمن سخت نوٽيس ورتو ۽ لنواري جو حج روڪرائڻ لاءِ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ڪجهه جهڙپون به ٿيون، جن ۾ ڪافي خون خرابو ٿيو. نتيجي ۾ انگريزن انهيءَ حج تي پابندي لڳائي ڇڏي. اڄ به جڏهن اهڙي قسم جي برائيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪي ماڻهو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن ته اها ڳالهه قبر جي پوڄارين کي هضم نٿي ٿئي ۽ ڪي ماڻهو ته ميانه روي جو درس ڏئي رهيا آهن. اهڙن ماڻهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته شرڪ ۽ ڪفر جهڙي بڇڙي برائي کي (جنهن کي قرآن پاڪ ۾ ”ظلم عظيم“ چيو ويو آهي) روڪڻ لاءِ جهاد ڪرڻ هر پڪي سچي مسلمان جو اولين فرض آهي.

    ادي بشير احمد کي شاباس آهي، جنهن هي ويڊيو پيش ڪري، پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. رب پاڪ سندس درجا بلند ڪري.
     
  12. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    اهل تشيع جي مستند ڪتابن جي طرف مراجعت ڪيم ته معلوم ٿيو ته قبرن ۽ مقبرن جو حڪم انهن وٽ به اهوئي آهي جيڪو اهل سنت وٽ آهي بحمد الله علي ذالڪ . انهن جي معروف ۽ مستند ڪتابن مان ڪجھ حديثون پيش خدمت آهن
    1
    قال الصادق عليه السلام : " كلما جعل على القبر من غير تراب القبر فهو ثقل على الميت" [من لا يحضره الفقيه: 1/135،وسائل الشيعة: 2/864]
    اهل تشيع جي چار مستند ترين ڪتابن مان هڪ من لايحضرو الفقيھ به آهي ان ڪتاب جي حديث پڙهندا :
    صادق عليه السلام فرمايو ته قبر تي مٽي کانسواءِ ٻيو ڪجھ رکيو وڃي ته اهو ميت تي بار هوندو آهي .
    2
    اهل تشيع جي مستند ڪتاب فروع الڪافي جي حديث آهي ته :
    عن أبي عبد الله عليه السلام أن النبي صلى الله عليه وآله وسلم نهي أن يُزاد على القبر تراب لم يخرج منه. [ فروع الكافي: 3/203، وسائل الشيعة:2/ 864].
    ابو عبدالله عليه السلام کان روايت آهي ته نبي جي قبر تي قبر مان نڪتل مٽي کانسواءِ واڌو ڪا شي رکڻ (جيڪا قبر ڪي کوٽائي مان ناهي نڪتي ) کان روڪيو آهي .

    3
    وقال أمير المؤمنين عليه السلام: " من جدد قبراً، أو مثل مثالاً فقد خرج من الإسلام" . (من لا يحضره الفقيه: 1/135، وسائل الشيعة: 2/868).

    اميرالمومنين عليه السلام فرمايو جنهن قبر کي نئون ڪيو يا ڪو مجسمو ٺاهيائين ته اهو اسلام مان نڪري ويو .
    4
    عن أبي عبد الله عليه السلام قال : قال أمير المؤمنين عليه السلام : " بعثني رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم إلى المدينة فقال : لا تدع صورة إلاً محوتها ولا قبراً إلا سويته ولا كلباً إلا قتلته" [ وسائل الشيعة: 2/869، 3/ 62 وغيره].
    ابوعبدالله عليه السلام بيان ڪري ٿو ته امير المومنين عليه السلام فرمايو ته : مون کي رسول اڪرم مديني موڪليو ته :ڪنهن به تصوير (مجسمي ) کي مٽائڻ ۽ قبر کي برابر ڪرڻ ۽ ڪتي کي قتل ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏجيئن


    5. عن أبي عبد الله عليه السلام قال: قال أمير المؤمنين عليه السلام: " بعثني رسول الله صلى الله عليه وسلم في هدم القبور وكسر الصور". [ وسائل الشيعة. 2/870].
    ابوعبدالله عليه السلام بيان ڪري ٿو ته امير المومنين عليه السلام فرمايو ته مون کي رسول اڪرم جن قبرن کي ڍاهڻ ۽ تصوير ۽ مجسمن کي ٽوڙڻ جي لاءِ موڪليو .
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    ادا عبد الحفيظ جاني شرڪ جي تعريف ڇا آهي ؟ نمبر ٻيو ته قلندر شهباز تي اشهد ان لا اله الا الله پڙهڻ وارا اچن ٿا يا ڪي ٻيا؟ جي اشهد ان لا اله الا الله چوڻ وارا اچن ٿا ۽ اتي اهو ڪلمو پڙهن ٿا ته شرڪ ڪرڻ جو الزام هڻڻ انهن تي اهو ڪنهن مومن يا ڪنهن مسلمان تي تهمت برا بر آهي ۽ التهمت اشد من الزنا آهي ۔۔۔ باقي نه مون اڃ تائين اهو ٻڌو آهي ته ڪو ڪنهن پري يا ولي ته وڄن واري اهو چيو آهي تها اهو ولي مهنجو خدا آهي اهو مهنجو رب آهي نه ئي اهو چيو آهي ته هي مهنجو رازق خالق مالڪ وغيره آهي ۔۔۔ جي نه ته شرڪ ڪنهن بنا تي ٿيو ؟؟؟؟ باقي اتي غلط رسمن جو هجڻ جو اهاو مقصد نه آهي ته ان پير تي ئي نه وڄي ان ولي تي وڄڃڻ ڇڏي ڏجي ان جي قبر کي مٽائي ڇڏڻ گهرجي جي مٽائڻ جي ڳاله آهي ته مسجد هجي يا مندر ڪهڙي جاء تي اهو ظالم انسان برائي نٿو ڪري ؟؟؟ پوء انهن سڀني شين کي ختم ڪرڻ گهرجي ؟؟؟ مهنجي خيال ۾ ته راشدي صاحب ۽ ان جي حوارين جي راء مطابق ائين هئڻ گهرجي پر ۔۔۔ خير دوست غلڀ رسمن جو ازالو ڪرڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ ۽ انههن ماڻهن کر روڪڻ گهرجي انهن کي صحيح طريقي جي رهمنائي ڪرڻ گهرجي نه ڪي انهن کي ڪافر ڪافر مشرم چئي ڪري انهن مٿان خود ڪش حملا ڪري انهن کي ختم ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ مهنجا دوست طالبان ۽ انهن جي هم خيال ماڻهن کان دنيا نفرت ان ڪري ئي ڪري ٿي جو هو شدت پسند آهين ۔ انهن وٽ سمجهائڻ جو احسن انداز ئي ناهي انهن وٽ نرمي نه آهي ااهي پهنجي کيسي ۾ ماڻهن لاءڪفر ۽ شرڪ جي فتوا کنيو گهمندا پيا وتن انهن ئي ڳالهين ڪري انهن اسلام ۽ مسلمانن کي دنيا سامهون بدنام ڪيو آهي ۔۔۔ اهي قبرون جيڪي نبي ڪريم جن جي زماني کان موجود هنيون انهن کي انهن ملن اچي ڪيرايو انهن جي بي حرمتي ڪئي ،۔۔ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جن قربن کي نه ڪيرا يو مسمار نه ڪيو انهن ڇو ڪيرا انهن کي نبي جي دين جي نه پر پهنجي ۔۔۔۔ خير ۔۔۔ مهنجا دوستو قبر جي پوڄا ڪندڙ ڪو مسلمان مون کي ڏيکاريو جي اوهان ڪنهن کي ڏٺو آهي يا ان ڪجي واتانا اوهان ٻڌو آهي ته هو قبر کي خدا مڃڃيندو هجي يار ان کي پهنجي رب سان شريڪ ڪندو هجي ؟منه ته ڪنهن تي بهتان بازي جي آر ڪري واوليا ء الله جي قبرن جي زيارت ڪرڻ کي روڪڻ لاء اولياء الله جي قبرن تي وڄڻ ۽ حاضري ڀرڻ وارن تي هرو ڀرو فتواون واري دروازي کي بند ڪيو مهنجا برادر بشير صاحب جي اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهون اوهان وٽ اچن ولي الله جي دربار تي نه وڃن ته اوهان پهنجي عمل سان ڪردار سان انهن کي پهنجي قريب آڻيون انهن جي غلط رسمن جي نشاندهي ڪريو نه ڪي انهن تي فتوا هڻون ااهو به ڪنهن جاهل انسان جي ڳاله تي ڳنڌ ڏئي ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  14. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    آءُ علي علي سان سهمت آهيان۔ اهڙي قسم جي غلط پروپيگنڊا هن فورم تي نه ٿيڻ کپي خاص ڪري پهرين ويڊيو ۾ ڪنهن خاص مذهب تي اٽيڪ ڪئي وئي آهي ان ڪري ان ويڊيو جي غلط ۽ ڪنهن خاص فرقي جي دشمني ۾ ئي نشر ڪيو وي آهي ۽ بڻايو ويو آهي۔ لڳي ائين رهيو آهي ته بشير احمد صاحب ڪنهن خاص فرقي جي تبليغ ڪرڻ لاءِ هن فورم کي استعمال ڪري رهيو آهي۔

    اسان انتظاميه اپيل ٿا ڪيون ته هن ويڊيو کي قابل اعتراض سمجهي ان کي ختم ڪيو وڃي ۽ اهڙي قسم جي ويڊيو شيئر ڪرڻ وارن کي هڪ دفعو ٻيهر ماحول خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۔۽ نفرت ڦيلائيندڙن کي هن فورم تي اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي۔ مهرباني
     
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    بابا هتي ته ويڙھ لڳي پئي آهي ٻنهي طرفن کان تير تلوارون پيون هلن گهڻن جي زخمي ٿيڻ جا نشان نظر پيا اچن ، بحرحال ڇا چئجي ڇا لکجي جي ڪو سمجهڻ لاءِ تيار نه هجي جڏهن ته ادا علي علي پنهنجي جاءِ تي مدلل دليل پڻ ڏنا آهن ۔ آءُ هڪ ٻئي پَهَلو ڏي ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو ۔ اوهان جي ڪنهن علائقائي رسمن ڏي غور ڪندؤ ته انهن جو عللائقن ۾ وڏو هٿ رهيو آهي ۔ جي اسان ڏاج جي رسم ڏسون ته اسان کي سمجھ ۾ ايندو هي عربن جي نه بلڪه هندن جي رسم آهي يا هندستان جيڪوان وقت خطو هو ان خطي جي رسم هئي جا اڄ هندو توڙي مسلمان سڀ ملهائين پيا ۔ مهندي جي رسم سا به هندستان جي رسم هئي سا به اسلام ۾ ملهائجي پئي ۔ اهڙي ريت سان ڪئي رسمون هيون جيڪي عرب ۾ ٿينديون هيون ليڪن انهن رسمن جي خاتمي جو نالو دين ناهي انهن رسمن جي اصلح جو نالو دين آهي جيئن ڪعبي جو حج اسالم کان پهريان اگاڙو ٿي ڪيو ويندو هو ڪعبي جو حج غلط نه هو نه اها رسم جڏهن ان رسم جي اصلاح ٿي ته اها رسم عبادت ٿي ۔ ڏسو ها هڪ حقيقت آحي ته ڪنهن قوم جي هئيت و ماهيت بدلجڻ ۾ صدين جو سفر درڪار هوندو آهي هوندو هو ۔ تاريخدان پڻ اهو چون ٿا ته جنهن قوم يا علائقي ۾ موجو رسمون جي انهن رسمن کي باقي رکندڙ يا انهن رسمن جي لاءِ ڪو پاڻ نه پتوڙي ته انهن رسمن کي ان علائقي مان ختم ٿيڻ لاءِ گهٽ م گهٽ ٽي سو سال جو عرصو درڪار رهيو آهي اچ ان جي تبديلي جا گهڻا پهلو جلد تبديل ٿين ٿا اهو هڪ عليحده موضوع آهي۔
    دراصل ٽي مڪتبِ فڪر دنيا ۾ رائج آهن ۔
    1۔مڪتبِ تحفظِ روايات
    2۔مڪتبِ تحفظِ انقلاب
    3۔مڪتبِ تحفظِ اصلاح و معاشره
    بس آءُ ايترو چوندس انساني معاشرن ۾ انهن سڀني شين جا تحفظي مڪاتب آهن جڏهن انقلاب ايندو آهي تڏهن اهو روايات جي لتاڙ ڪندو آهي انهن جي هئيت کي نيت و نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي نتيجي ۾ معاشرن ۾ ٽوڙ ڦوڙ جنم وٺندي آهي جتان ڊڪٽيٽر شپ جي راه هموار ٿيندي آهي ۔
    ليڪن سنتِ خاتمي مرتبت ۾ عجيب اسرار آهي ڪعبي جو طواف غلط ٿيندو هو حضور اڪرم اهڙو رستو پيدا ڪيو جنهن نه معاشري ۾ ٽوڙ ڦوڙ کي جنم ڏنو نه ڊڪٽيٽر شپ جي راه هموار ٿي ۔
    بلڪه اهڙي صورت نڪتي جو روايت به باقي رهي ۽ ان جي اصلاح به ٿي وئي ۔
    آءُ اهو چوڻ ٿو چاهيان ته اسان جي علماءِ کي نه فقط فتوى ڏي۾ گهرجن بلڪ انه جي اصلاح اهڙي نموني سان ڪرڻ گهجي جو معاشري ۾ ڪو بگاڙ پيدا نه ٿئي ۔
    اسان جنهن علائقي يا خطي جا رهواسي آهيون اتي بزرگنجي مزارن کي وڏي عقيدت و احترام سان ڏٺو ويندو آهي ۔ انهن تي اهڙي قسم جا فتوى هڻي ڪوا هو نه سمجهي ته انجون ذميداريون پوريون ٿي ويون۔
    باقي ادي علي علي جو احتجاج و دلائل پنهنجي جاءِ تي بلڪل ٺيڪ آهن۔ اوهان وڊيوز ۾ ڏسو ته مولوي ڇا ٿو چوي شيعا حضرت علي کي الله چوندا اهن حضرت علي عه جي روضي کي حج جو درجو ڏيندا آهن ۔ اوهان شيعه ڪتب جي حوالي سان پڻ سائين بشير محترم جا حواله پڻ موجود آهن اسان جي ڏسون ته هن فرقيواريت کي هوا ڏئي اسان دين سان ڀلائي يا دشمني ڪري رهيا آهيون
    اسان ٻن فقرن جا ڀائر هڪ گهر ۾ رهي سگهون ٿا ليڪن دين جي لاءِ هڪ ٻئي سان سهمت نه ٿا رهي سگهون

    منعفت ايڪ هي جس قوم ڪي نقصان ڀي ايڪ
    ايڪ هي سڀ ڪا نبي ايمان ڀي ايڪ
    حرم پاڪ ڀي الله ڀي قرآن ڀي ايڪ
    ڪڇ بڙي بات هوتي جو هوتي مسلامن ڀي ايڪ
    • قلب ۾ سوز نهين روح ۾ احساس نهي
    • ڪڇ ڀي پيغامِ محمد ڪا تمهين پاس نهين
    ملت حجاز ڪي هي مصروفِ فرقه بندي
    نادان لُٽ رهي هين سورج ڪي روشيني ۾

    واه نه ڪرنا اپني زبان فرقه بندي ڪي ليئي
    ڪه ڇُپ ڪي بيٺا هي هنگامهءِ محشر ينهان[​
    /SIZE]
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    اهڙي پروپيگنڊه تي افسوس کان سواءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو؟؟؟

    قلندر (رح) هجي يا ڪوئي ٻيو بزرگ، انهن جي درگاهن تي بدعتن کي عروج ڏيڻ وارا پئسي جا پوڄاري آهن نه ڪي اهي ڪنهن مسلڪ سان وابسته آهن، ان ڪري ادا بشير جي هن طريقي جي انتهائي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو۔۔ هي ساڳي طالبان واري سوچ جي عڪاسي آهي،
    مولا علي عه جي هڪ فرمان وانگر جيڪو پاڻ خارجين کي چيو هئائون ته ” اوهان جي دعوى درست آهي پر اوهان جي نيت ٺيڪ نه آهي“ اهڙي طرح هتي ته ٻئي شيون ٺيڪ نه آهن، نه ئي دعوى ٺيڪ آهي نه ئي وري نيت
     
  17. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    منهنجا دوستو سياسي بيان بازي يا خوامخواه جذباتي ٿيڻ جي بجا۽ جيڪڏهن سيدنا علي رضي الله عنه جي روايتن کي ئي ًغور ڪريو ها ته ايتري قدر جذباتيت جو اظهار نه ڪيو وڃي ها ، نظرياتي طور تي مون اهائي ڳالھ ڪئي جيڪا توهان هي مستند تعليمات ۾ لکيل آهي مون علمي طور تي اتفاق ۽ محبت جي ڳالھ ڪئي : انهن ويڊيوز ۾ اهائي ڳالھ ڪئي وئي جيڪا رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن کان ملي جيئن سيدنا علي جي هن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ٻيهر غور ضرور ڪندا :

    1
    قال الصادق عليه السلام : " كلما جعل على القبر من غير تراب القبر فهو ثقل على الميت" [من لا يحضره الفقيه: 1/135،وسائل الشيعة: 2/864]
    اهل تشيع جي چار مستند ترين ڪتابن مان هڪ من لايحضرو الفقيھ به آهي ان ڪتاب جي حديث پڙهندا :
    صادق عليه السلام فرمايو ته قبر تي مٽي کانسواءِ ٻيو ڪجھ رکيو وڃي ته اهو ميت تي بار هوندو آهي .
    2
    اهل تشيع جي مستند ڪتاب فروع الڪافي جي حديث آهي ته :
    عن أبي عبد الله عليه السلام أن النبي صلى الله عليه وآله وسلم نهي أن يُزاد على القبر تراب لم يخرج منه. [ فروع الكافي: 3/203، وسائل الشيعة:2/ 864].
    ابو عبدالله عليه السلام کان روايت آهي ته نبي جي قبر تي قبر مان نڪتل مٽي کانسواءِ واڌو ڪا شي رکڻ (جيڪا قبر ڪي کوٽائي مان ناهي نڪتي ) کان روڪيو آهي .

    3
    وقال أمير المؤمنين عليه السلام: " من جدد قبراً، أو مثل مثالاً فقد خرج من الإسلام" . (من لا يحضره الفقيه: 1/135، وسائل الشيعة: 2/868).

    اميرالمومنين عليه السلام فرمايو جنهن قبر کي نئون ڪيو يا ڪو مجسمو ٺاهيائين ته اهو اسلام مان نڪري ويو .
    4
    عن أبي عبد الله عليه السلام قال : قال أمير المؤمنين عليه السلام : " بعثني رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم إلى المدينة فقال : لا تدع صورة إلاً محوتها ولا قبراً إلا سويته ولا كلباً إلا قتلته" [ وسائل الشيعة: 2/869، 3/ 62 وغيره].
    ابوعبدالله عليه السلام بيان ڪري ٿو ته امير المومنين عليه السلام فرمايو ته : مون کي رسول اڪرم مديني موڪليو ته :ڪنهن به تصوير (مجسمي ) کي مٽائڻ ۽ قبر کي برابر ڪرڻ ۽ ڪتي کي قتل ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏجيئن


    5. عن أبي عبد الله عليه السلام قال: قال أمير المؤمنين عليه السلام: " بعثني رسول الله صلى الله عليه وسلم في هدم القبور وكسر الصور". [ وسائل الشيعة. 2/870].
    ابوعبدالله عليه السلام بيان ڪري ٿو ته امير المومنين عليه السلام فرمايو ته مون کي رسول اڪرم جن قبرن کي ڍاهڻ ۽ تصوير ۽ مجسمن کي ٽوڙڻ جي لاءِ موڪليو .


    راشدي صاحب تي ناراض ٿيندڙ دوستن وٽن هنن حديثن جو ڪهڙو جواب آهي آئون اهو ئي چوندس راشدي صاحب جيڪو حسيني خاندان مان آهي انهي به پنهنجي بزرگن جي پيروي ڪندي سيدنا علي جي رضي الله عنه جي پيغام کي عام ڪيو آهي الله تعالي اسان سڀني کي دين جي صحيح سمجھ عطا فرمائي ۔
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    ادا بشير مان اڻ پڙهيل انسان آهيان مون کي ٿورو سمجهائيندا ته اوهان هي احاديث (جن جو جواب مان اوهان کي ڏيندس) اوهان قبر ٺاهڻ جي باري ۾ پيش ڪيون آهين يا قبر مٿان گنبذ ۽ قبو ٺاهڻ جي باري ۾ آنديون آهين ۔۔؟؟اوهان ڪنهن مهل ڪهڙي پٽڙي تي پيا وڄو ته ڪنهن مهل ڪهڙي پٽڙي تي سو بس هڪ طرف ٿي ڪري رهمنائي ڪندا ۔۔۔۔۔۔
    باقي مهنجو به هڪڙو سوال آهي ته ڇا ڪنهن به قبر مٿان قبو ٺاهڻ حرام آهي ۽ ڇا انهن کي مٽائڻ ۽ ڊاهڻ گهرجي؟ جي ڪڏنهن ڪنهن جي وس ۾ هجي اهو ڪم ڪرڻ ۽ اهو اهو ڪم نه ڪري ته اهو ڪافر آهي مشرڪ آهي يا گنگهار آهي ؟ پليز جواب ڏيندا ​
     
  19. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟


    ادا علي اسٽيج جا مقرر ٿي ڪري اهڙيو ڳالھيون نه ڪريو ۔
    بي شڪ مون گناهگار امامن جي انهن حديثن کي بيان ڪيو آهي
    پر ادا مون تي ناراض ٿيندي امامن جي انهن قولن جو جواب نه لکندا
    ڇاڪاڻ جو حديثن تي عمل ڪبو نه وري انهن جو جواب
    منهنجي خيال ۾ ته امامن سڳورن جا فرمان ايتري قدر سادا آهن ۽ جامع آهن جو برابري جي طور تي هڪ عام ۽ هڪ خاص انسان جي سمجهاڻي جي لا ڪافي آهن ۔
    قبر کي پختو ڪرڻ يا ان تي مقبر ا اڏڻ جو ڪو به شرعي ثبوت موجود نه آهي ، انڪري انهن جي اصلاح جو ڪم اسلامي حڪومت آهي جو جيئن رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن انهن جي اصلاح جو ڪم سيدنا علي جي سپرد ڪيو۔
     
  20. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: صوفي لال قلندر جي مزار تي ميلو يا حج ؟

    مان سخت لفظ ۾ ھن ٿريڊ جي مخالفت ڪندي اھو چوندس ته ھن ٿريڊ کي مھرباني ڪري رمو ڪيو ونڃي۔
    اختلافي موضوع ونڊ ڪندڙن کي سخت منع ڪئي ونڃي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو