شرم اچڻ گهرجي اهڙي قسم جي غلط پروپيگنڊا ڪرڻ وارن کي خاص ڪري پهرين ويڊيو ۾ ڪنهن خاص مذهب تي اٽيڪ ڪئي وئي آهي
قلندر شهباز جو نظريو ڇا هو يا سندس شخصيت ڇا هئي انجي برعڪس، هن وقت قلندر جي درگاهه تي ڇا ٿو ٿئي؟
رنڊيون نچايون وڃن ٿيون
جسم فروشيءَ جو ڌنڌو عام جام ٿئي ٿو
شراب، چرس، ڀنگ، آفيم ۽ هيروئن جو واپار ٿئي ٿو
اسلحي جو واپار ٿئي ٿو
لونڊي بازي عام جام ٿئي ٿي
ڪوڙيون رسمون ۽ عجيب طرح جي مذهب جي پيروڪاري ڪئي وڃي ٿي
بدعت ۽ ڪفر جهڙا عمل ٿين ٿا ۔۔۔۔ وغيره وغيره
ابابا ان کان علاوه قلندر شهباز جي مزار تي ٿيندڙ چو ٻول يا جاهل ماڻهن جي بنا ثبوت جي ماڻهن کي فڙن لاڀ ڪندڙ ڳالهين کي ڪنهن دين جو حصو سمجهندڙ مهنجي نظر ۾ جاهل آهين ڪنهن جاهل شخص جي ڳاله تي ڳنڌ ڏئي ڪري بيههڻ ان کي هڪ عقيدو سمجهڻ عالم جو نه پر جاهل جو ڪم آهي اتي مزار تي موجود جاهل جن کي بسم الله چوڻ به نٿي اچي جي ڪنهن قلندر شهباز طرف اها ڳاله منسوب ڪئي ته هي تنور آهي هي غار آهي هي پينگهو آهي ان جو مطلب اهو نه آهي ته اهو ڪنهن جو عقيدو صحيح عقيدو آهي يا ڪنهن مسلمان جي ڪنهن مسلڪ جو عققيدو آهي جاهلاڻا ڳالهيون جاهلاڻا هونديون آهين جن جي نه ڪا اصل هوندي آهي نه ڪو حوالو اهڙي قسم جي ڳالهين کي ليلا مجنون جي قصن وانگر سمجهيو ويندو آهي انهن ڳالهين ڪري قلندر شهباز جهڙي ولي الله جي توهين ڪرڻ ڪهڙي قسم جي عدالت آهي غلط اهڙي قسم جا ماڻهون آهين جن غلط قصا گهڙيا آهين نه ڪي قلندرشهباز غلط آهين ۽ انهن جي مزار آهي مان پهريان به چيو ته غلط رسمن جي اصلاح ڪرڻ ايمان آهي نه ڪي ان ڳالهين کي وٺي ڪري ڪنهن تي اٽيڪ ڪرڻ ايمان آهي
هن ئي ڪري نبي ڪريم ﷺ پنهنجي قبر مبارڪ تي يهودي قوم وانگر قبر پرستي کان منع ڪرڻ جي تاڪييد ڪري ويا
بي شڪ جڏهن الله تعالى انسان ذات خلقي هئي ته هن وقت سڀ موحد هئا ، پوِ شرڪ جي ابتدا ٿي ته انبياء ڪرام مبعوث ٿيندا ويا ، سوال اهو آهي ته شرڪ ڪٿان کان شروع ٿيو جواب اهو ئي ملي ٿو ته شرڪ جي ابتدا قبر پرستي کان ٿي آهي ۔ هن ئي ڪري نبي ڪريم ﷺ پنهنجي قبر مبارڪ تي يهودي قوم وانگر قبر پرستي کان منع ڪرڻ جي تاڪييد ڪري ويا ۔ اسين ڏسون ٿا ته وري شرڪ جو بنياد ساڳي نموني هن قبرپرستي جي رستي کان پنهنجي ڄڙ پڪتي آهي ، هن مزار تي جيڪو ڪجه ٿئي پيو سو سڄي جو سڄو هن ئي ڳالھ جو نظارو پيش ڪري پيو ،
مان نٿو سمجهان ته ڪو قبر واري جي تبليغ اهائي هوندي جيڪي اهي حضرت انسان ڪري رهيا آهن ، پر هن جي نالي تي پنهنجا اختراع کي پنهنجو رنگ ڏئي سادي عوام کي گمراه ڪري رهيا آهن ۔ اهڙن غلط عقيدن ۽ شرڪيه اعمالن تي نشاندگي ڪرڻ ۽ انسان ذات کي هنن برائن ۽ شرڪ کان بچائڻ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي زمن ۾اچي ٿو ، سو اهو فريضو ادي بشير ادا ڪيو آهي ،
راشدي صاحب جو انداز ڪلام ڏاڍو سخت آهي ڳالهين ڳالهين ۾ اشارتن فرقيواريت ۽ تعصب جي جهلڪ ڏئي ٿو ، تنهن ڪري منهجي ذاتي را اها آهي اهڙي انداز سان فائدو گهٽ ۽ نقصان گهڻو آهي ، خود نبي ڪريم ﷺ کي قرآن مجيد ۾ الله تعالى حڪم فرمائن ٿا ته ، سهڻي ۽ احسن نموني پنهنجو پيغام اڳتي پهچايو ۔ سو ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته پنهنجو ديني پيغام کي اهڙي نموني پيش ڪريون جو اڳئي کي فائدو پنهنچي نه ڪي هن کي متنفر ڪجي ،
جزاڪ الله احسن الجزاء
سنڌ هجي يا پاڪستان پر ڪٿي به ڪنهن به ولي جي قبر ۽ قبو نظر نه اچڻ گهرجي انهن کي مسمار ڪيو وڃي نه رهندا ولي نه رهندو فيض
انهن کي به مٽائڻ گهجري انهن کي به مسمار ڪيو وڄي اتي به ته ماڻهن کيجهنم جو رستو ڏيکاريو پيو وڃي
ادا ائون اوهان سان سهمت آهيان پر اها ڳالهه ڪير مڃي ئي نه ٿو نه! ڏسجي ته نبي ڪريم ﷺ کان مٿي ته ڪير ڪونهي نه؟ جيڪڏنهن انهي جي مزار تي اهو سڀ ڪرڻ کان منع آهي ته پوءِ اصحابين يا معزز هستين جي قبرن تي اهو سڀ ڇو؟ عقيدت ۽ احترام جتائڻ جا بيا به طريقا آهن۔
منهنجا دوستو سياسي بيان بازي يا خوامخواه جذباتي ٿيڻ جي بجا۽ جيڪڏهن سيدنا علي رضي الله عنه جي روايتن کي ئي ًغور ڪريو ها ته ايتري قدر جذباتيت جو اظهار نه ڪيو وڃي ها ، نظرياتي طور تي مون اهائي ڳالھ ڪئي جيڪا توهان هي مستند تعليمات ۾ لکيل آهي مون علمي طور تي اتفاق ۽ محبت جي ڳالھ ڪئي : انهن ويڊيوز ۾ اهائي ڳالھ ڪئي وئي جيڪا رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن کان ملي جيئن سيدنا علي جي هن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ٻيهر غور ضرور ڪندا :
1
قال الصادق عليه السلام : " كلما جعل على القبر من غير تراب القبر فهو ثقل على الميت" [من لا يحضره الفقيه: 1/135،وسائل الشيعة: 2/864]
اهل تشيع جي چار مستند ترين ڪتابن مان هڪ من لايحضرو الفقيھ به آهي ان ڪتاب جي حديث پڙهندا :
صادق عليه السلام فرمايو ته قبر تي مٽي کانسواءِ ٻيو ڪجھ رکيو وڃي ته اهو ميت تي بار هوندو آهي .
2
اهل تشيع جي مستند ڪتاب فروع الڪافي جي حديث آهي ته :
عن أبي عبد الله عليه السلام أن النبي صلى الله عليه وآله وسلم نهي أن يُزاد على القبر تراب لم يخرج منه. [ فروع الكافي: 3/203، وسائل الشيعة:2/ 864].
ابو عبدالله عليه السلام کان روايت آهي ته نبي جي قبر تي قبر مان نڪتل مٽي کانسواءِ واڌو ڪا شي رکڻ (جيڪا قبر ڪي کوٽائي مان ناهي نڪتي ) کان روڪيو آهي .
3
وقال أمير المؤمنين عليه السلام: " من جدد قبراً، أو مثل مثالاً فقد خرج من الإسلام" . (من لا يحضره الفقيه: 1/135، وسائل الشيعة: 2/868).
اميرالمومنين عليه السلام فرمايو جنهن قبر کي نئون ڪيو يا ڪو مجسمو ٺاهيائين ته اهو اسلام مان نڪري ويو .
4
عن أبي عبد الله عليه السلام قال : قال أمير المؤمنين عليه السلام : " بعثني رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم إلى المدينة فقال : لا تدع صورة إلاً محوتها ولا قبراً إلا سويته ولا كلباً إلا قتلته" [ وسائل الشيعة: 2/869، 3/ 62 وغيره].
ابوعبدالله عليه السلام بيان ڪري ٿو ته امير المومنين عليه السلام فرمايو ته : مون کي رسول اڪرم مديني موڪليو ته :ڪنهن به تصوير (مجسمي ) کي مٽائڻ ۽ قبر کي برابر ڪرڻ ۽ ڪتي کي قتل ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏجيئن
5. عن أبي عبد الله عليه السلام قال: قال أمير المؤمنين عليه السلام: " بعثني رسول الله صلى الله عليه وسلم في هدم القبور وكسر الصور". [ وسائل الشيعة. 2/870].
ابوعبدالله عليه السلام بيان ڪري ٿو ته امير المومنين عليه السلام فرمايو ته مون کي رسول اڪرم جن قبرن کي ڍاهڻ ۽ تصوير ۽ مجسمن کي ٽوڙڻ جي لاءِ موڪليو .
راشدي صاحب تي ناراض ٿيندڙ دوستن وٽن هنن حديثن جو ڪهڙو جواب آهي آئون اهو ئي چوندس راشدي صاحب جيڪو حسيني خاندان مان آهي انهي به پنهنجي بزرگن جي پيروي ڪندي سيدنا علي جي رضي الله عنه جي پيغام کي عام ڪيو آهي الله تعالي اسان سڀني کي دين جي صحيح سمجھ عطا فرمائي ۔
ادا بشير مان اڻ پڙهيل انسان آهيان [/CENTER][/COLOR][/SIZE]
[SIZE="5" مان پاڻ اسٽيج جو مقرر آهيان
[/SIZE]