عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
شهدادڪوٽ ويجهو آفريڪا جي شهر صوماليا جهڙي ٻارن جي شڪل جيان هڪ ڪٽنب جا 2 معصوم ٻارڙا خوراڪ جي گهٽتائي ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن. سندن گهر ڀاتي ٻارن جي حياتين جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن پر سسي ۾ ساهه هئڻ ڪري موت جو انتظار ڪري رهيا آهن. شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ پسند بروهي ۾ آفريڪا جي شهر صوماليا جهڙي ٻارن جي شڪل جهڙا 2 ٻارڙا خوراڪ جي گهٽتائي ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن. 5 کان 7 سالن جي عمر جا 2 ٻارڙا خوراڪ جي گهٽتائي جي ڪري ايترا ته ڪمزور ٿي ويا آهن، جو جسم ختم ٿي هڏائون پڃرو بڻجي ويو آهي. ۽ گهر ڀاتي ٻارن جي حياتين جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن، پر سسي ۾ ساهه هئڻ ڪري اکين اڳيان رکيون ويٺا آهن. ان سلسلي ۾ والدين جو چوڻ آهي ته ٻارڙا پيدائشي طور ٺيڪ ٺاڪ هئا پر 2007 ۽ 2010ع واري آيل ٻُڏن کان پوءِ کاڌ خوراڪ صحيح نموني نه ملڻ ڪري ٻارڙا ڪمزور ٿي ويا ۽ سندن شڪلون تبديل ٿي ويون ۽ اڄ اهي خوراڪ جي گهٽتائي ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب موت جي بستري تي پيل آهن. هوڏانهن هڪ مقامي تنظيم انسان دوست جي چيئرمين گهنور بروهي موجب ته ٻارن بابت ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، آءِ آر سي ۽ اي ڊي او هيلٿ قمبر شهدادڪوٽ کي نشاندهي ڪرڻ باوجود ڪا به امداد ڪو نه ڪئي وئي آهي. رڳو خالي دلاسا ڏنا ويا آهن. هن چيو ته معصوم ٻارڙن جي حالت ايتري ته رحم جوڳي آهي جو درد رکندڙ ماڻهو کين ڏسي نه سگهندا. هن چيو ته اين جي اوز ادارن وٽ ڪروڙين رپين جا فنڊز پيل آهن، جيڪي اجايو ڪمن تي خرچ ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري انهن اين جي اوز کي گهرجي ته اجايو ڪمن تي پئسا خرچ ڪرڻ بجاءِ انساني صحت تي خرچ ڪيا وڃن ۽ شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ پسند بروهي ۾ صوماليا شهر جي ٻارن جي شڪل جهڙن ٻارن جي زندگي بچائڻ لاءِ سياسي ڌرين سميت حڪومت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
وڌيڪ تفصيل ڪلڪ
وڌيڪ تفصيل ڪلڪ