ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
دوستو اڄ ڪراچي جي تقسيم جون ڳالهيون هلن ٿيون .
پنجاب پنهنجي روايت عياري تي لهي آيو آهي . جنهن پنجاب ڪالھ تائين پاڪستان ۾ اصولي صوبن اصولي صوبن ٺاهڻ جن جو مقصد انتظامي صوبا آهي يعني ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ صوبن ٺهڻ جي ڳالھ ٿي ڪئي ۽ اڄ انهن جو چيف منسٽر اڄ ٿو چوي ته پاڪستان جي هر صوبي کي ٽوڙيو وڃي بلخصوص هن ڪراچي و حيدرآباد جو ناو کنيو آهي ته حيدرآباد و ڪراچي کي به عليحده صوبو بڻايو وڃي . جڏهن ته پنجاب جي سڄي پاليسي هميشه کان سنڌ جي ٻين صوبن خلاف رهي آهي. پاڻ کي ملڪ جي صوبن جو وڏو ڀاءُ چورائيندڙ جنهن جي حقيقت ان ڀاءُ واري آهي جيڪو قصو قرآن ۾ آهي ته هڪ همراه 100 رڍون ڇڏي مري ويو کيس کي ٻه پُٽ هيا . وڏي پٽ 99 رڍون کنيون ۽ ننڍي ڀاءُ کي هڪ رڍ ڏنائين ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ان وري ننڍي ڀاءُ کي چيو ته تون هڪ رڍ به مونکي ڏي ته منهنجو 100 پورو ٿئي. هي وڏو ڀڀاءُ جيڪو ملڪ جي سڄي معيشيت تي قابض آهي جڏهن هن پنهنجي گهر ۾ چڱايون نه ڪيون مثال هنن سرئيڪي علائقن ۾ جي حالات پيدا ڪيا اتان جي عوام عليحده صوبي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ته هن جڏهن پنهنجي وجود جو ٽٽڻ يقيني محسوس ڪيو آهي ته ان چيو ٺيڪ آهي ڀلي پاڪستان جا ضلعا ٺهن پر ڪراچي و حيدرآباد کي به عليحده صوبو ٺاهيو وڃي . جڏهن ته هتي اهڙو ڪو مطالبو ناهي ڪيو ويو جيئي مهاجر جو مطالبو تبديل ٿي چڪو آهي . ماهجر قومي مومنٽ متحده قومي مومينٽ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي . هي وري سنڌي مهاجر کي ويڙهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي . هنن کي خبر آهي ته جي مهاجرن عليحده صوبي جي گهر ڪئي ته سنڌ جي عوام سر تي ڪفن ٻڌي نڪري پويدي پر اهو ٿيڻ نه ڏيندي. ان حالت ۾ هن ان وڏيري جي سوچ جو ثبوت ڏنو آهي ته جي هاري پاڻ ۾ وڙيهل رهندا تته ان جي خلاف آواز ڪير اٿارڻ جوڳو نه رهندو. فقيرن غ درويشن جو چوڻ آهي ته فقير فاقه ڪشي ان لاءِ ڪندا آهن ته جيئن سندن نفس بک جي طرف مائل رهي جي هن پيٽ ڍاول هوندو ته هن جو نفس گناه جي طرف ويندو. سو هنن پنجاب جي آمرن جي سوچ هميشه صوبن جي طرف ان لاءِ اهڙي رهي آهيته جيئن هي الجهيل رهن جيئن ڪو هنن جي غبنن کي نه ڏسي سگهي.هونءِ ته هر حڪومت عوام سان اهڙو حشر ڪيو آهي پر هنن رائيونڊ جي شهزادن جو شروع کاناهڙو وطيرو رهيو آهيجي ڪراچي سنڌ کان عليحده ٿي وڃي ته سنڌ ۾ ٻيو انهن شهرن جو ڪو متبادل شهر به ڪونهي جو ان کي ڪراچي جي جاءِ ڏني وڃي جڏهن ته پنجاب جو هر شهر ٻئي شهر جو متبادل هجي جي فيصل آباد يا گجرانواله کي ياملتان کي لاهور جو متبادل بڻايو وڇي ته اهي شهر ۽ اهڙا ٻيا به ڪئي شهر لاهور جا متبادل ٿي سگهن ٿا.
هڪ ته هي ڪم جيڪو هن وقت ڪرايو ٿو وڃي سو ڪم به نالي ماتر سنڌي حڪمرانن هٿان ڪرايو ٿو وڇي ته جيئن سڀاڻي اگر ڪجھ به ٿئي ته سندن دامن آلوده نه رهي سڀاڻي هي سنڌي قوم جي ووٽ بينڪ تي به همدردي جو اظهار ڪري قابض ٿي وڃن.اهڙيون ڪئي گهنائنيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن درِ پرده الائي ڪڪهڙا منصوبا پيا ٺهن . ليڪن اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن به ڪراچي جيڪا سنڌ جي سينڌ آهي ان کي ڪوڙائڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي.