• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دوستو اڄ ڪراچي جي تقسيم جون ڳالهيون هلن ٿيون

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
دوستو اڄ ڪراچي جي تقسيم جون ڳالهيون هلن ٿيون .
پنجاب پنهنجي روايت عياري تي لهي آيو آهي . جنهن پنجاب ڪالھ تائين پاڪستان ۾ اصولي صوبن اصولي صوبن ٺاهڻ جن جو مقصد انتظامي صوبا آهي يعني ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ صوبن ٺهڻ جي ڳالھ ٿي ڪئي ۽ اڄ انهن جو چيف منسٽر اڄ ٿو چوي ته پاڪستان جي هر صوبي کي ٽوڙيو وڃي بلخصوص هن ڪراچي و حيدرآباد جو ناو کنيو آهي ته حيدرآباد و ڪراچي کي به عليحده صوبو بڻايو وڃي . جڏهن ته پنجاب جي سڄي پاليسي هميشه کان سنڌ جي ٻين صوبن خلاف رهي آهي. پاڻ کي ملڪ جي صوبن جو وڏو ڀاءُ چورائيندڙ جنهن جي حقيقت ان ڀاءُ واري آهي جيڪو قصو قرآن ۾ آهي ته هڪ همراه 100 رڍون ڇڏي مري ويو کيس کي ٻه پُٽ هيا . وڏي پٽ 99 رڍون کنيون ۽ ننڍي ڀاءُ کي هڪ رڍ ڏنائين ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ان وري ننڍي ڀاءُ کي چيو ته تون هڪ رڍ به مونکي ڏي ته منهنجو 100 پورو ٿئي. هي وڏو ڀڀاءُ جيڪو ملڪ جي سڄي معيشيت تي قابض آهي جڏهن هن پنهنجي گهر ۾ چڱايون نه ڪيون مثال هنن سرئيڪي علائقن ۾ جي حالات پيدا ڪيا اتان جي عوام عليحده صوبي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ته هن جڏهن پنهنجي وجود جو ٽٽڻ يقيني محسوس ڪيو آهي ته ان چيو ٺيڪ آهي ڀلي پاڪستان جا ضلعا ٺهن پر ڪراچي و حيدرآباد کي به عليحده صوبو ٺاهيو وڃي . جڏهن ته هتي اهڙو ڪو مطالبو ناهي ڪيو ويو جيئي مهاجر جو مطالبو تبديل ٿي چڪو آهي . ماهجر قومي مومنٽ متحده قومي مومينٽ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي . هي وري سنڌي مهاجر کي ويڙهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي . هنن کي خبر آهي ته جي مهاجرن عليحده صوبي جي گهر ڪئي ته سنڌ جي عوام سر تي ڪفن ٻڌي نڪري پويدي پر اهو ٿيڻ نه ڏيندي. ان حالت ۾ هن ان وڏيري جي سوچ جو ثبوت ڏنو آهي ته جي هاري پاڻ ۾ وڙيهل رهندا تته ان جي خلاف آواز ڪير اٿارڻ جوڳو نه رهندو. فقيرن غ درويشن جو چوڻ آهي ته فقير فاقه ڪشي ان لاءِ ڪندا آهن ته جيئن سندن نفس بک جي طرف مائل رهي جي هن پيٽ ڍاول هوندو ته هن جو نفس گناه جي طرف ويندو. سو هنن پنجاب جي آمرن جي سوچ هميشه صوبن جي طرف ان لاءِ اهڙي رهي آهيته جيئن هي الجهيل رهن جيئن ڪو هنن جي غبنن کي نه ڏسي سگهي.هونءِ ته هر حڪومت عوام سان اهڙو حشر ڪيو آهي پر هنن رائيونڊ جي شهزادن جو شروع کاناهڙو وطيرو رهيو آهي
جي ڪراچي سنڌ کان عليحده ٿي وڃي ته سنڌ ۾ ٻيو انهن شهرن جو ڪو متبادل شهر به ڪونهي جو ان کي ڪراچي جي جاءِ ڏني وڃي جڏهن ته پنجاب جو هر شهر ٻئي شهر جو متبادل هجي جي فيصل آباد يا گجرانواله کي ياملتان کي لاهور جو متبادل بڻايو وڇي ته اهي شهر ۽ اهڙا ٻيا به ڪئي شهر لاهور جا متبادل ٿي سگهن ٿا.
هڪ ته هي ڪم جيڪو هن وقت ڪرايو ٿو وڃي سو ڪم به نالي ماتر سنڌي حڪمرانن هٿان ڪرايو ٿو وڇي ته جيئن سڀاڻي اگر ڪجھ به ٿئي ته سندن دامن آلوده نه رهي سڀاڻي هي سنڌي قوم جي ووٽ بينڪ تي به همدردي جو اظهار ڪري قابض ٿي وڃن.اهڙيون ڪئي گهنائنيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن درِ پرده الائي ڪڪهڙا منصوبا پيا ٺهن . ليڪن اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن به ڪراچي جيڪا سنڌ جي سينڌ آهي ان کي ڪوڙائڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي.
 
جواب: دوستو اڄ ڪراچي جي تقسيم جون ڳالهيون هلن ٿيون

ڪراچي جيڪا سنڌ جي سينڌ آهي ان کي ڪوڙائڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي.

ادا مر ويسون مرويسون پر ڪراچي ڪون ڏيسون،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، جي ڪراچي الڳ ٿي وئي ته پوء بچو ڇا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهانجي ڳالهه بلڪل درست آهي ته پنجاب کي ورهائڻ سان لاهور جو متبادل ملي سگهي ٿو پر سنڌ ۾ ڪراچيء جو ڪو متبادل ڪون آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء اسان ڪراچي ڏيون به ڇو انهن کي جنهن کي اسان جيء ۾ جايون ڏنيون اهي اڄ مالڪيء جا دعويدار آهن
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آئي ٽانڍو کڻڻ بورچياڻي ٿي وئي

هي وقت سجاڳيء جو آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: دوستو اڄ ڪراچي جي تقسيم جون ڳالهيون هلن ٿيون

اسان بس سنڌ سلامت تي ۽ فيس بڪ تي انقلابي شاعري ۽ ڪمينٽس پوسٽ ڪري سگھون ٿا۔
 
مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي ۔۔۔

هڪ طرف سنڌ جا وفاق پرست ته ٻي طرف ڌاريا ته ٽين طرف پاڪستان ايسٽبلشمنٽ ۽ مٿان وري بري حالت سنڌ جي قومپرستن جي ۔۔۔ روئڻ روئجي ته ڪنهنجو روئجي؟ تازو پ پ پ جنهن کي سنڌين هميشه اکين ۾ جايون ڏنيون آهن، انهن به ته ايم ڪيو ايم سان ملي ڪري سنڌ جي انتظامي ورڇ ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔ ۽ سنڌ جي ورهائڻ واري راهه آسان ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔؟

مطلب سنڌ هر طرف کان گهيري ۾ آهي ۽ سنڌ ڌڻي اگهور ننڊ ۾ بلڪ ائين کڻي چئجي ته ڀاڙ جا ٿمڀا ٿي پيا آهن ۔۔۔۔ الله ئي وارث آهي سنڌ جو۔۔۔

اوهانجي چنتا سنڌ دوستيءَ واري آهي ۔۔۔ جي اها چنتا سڀ ڪري هڪ مٺ ٿي دما دم ڪن ته هوند سنڌ جا چور ڀڄي وڃن
 
مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين
سان گڏ ڌاڙي ۾​
ادا سنڌ جا ساٿيو۔۔۔ حڪومت جي ان فيصلي تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، هي اهو فيصلو آهي جنهن سنڌ جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آهي، محترم دوست ڏاڏل شينو صاحب اهيا ڳالهه به سو سيڪڙو سچ آهي ته هميشه پنجاب سنڌ صوبي لاء اهڙا جتن ڪندو رهيو آهي جن جي ڪري سنڌ هميشه سواء افسوس ۽ روئڻ جي ڪجهه به ناهي ڪيو جنهن ڳالهه تي پڻ افسوس آهي، ادا ڏاڏل توهان وڌيڪ لکيو آهي ته ”””””” اڄ انهن جو چيف منسٽر اڄ ٿو چوي ته پاڪستان جي هر صوبي کي ٽوڙيو وڃي بلخصوص هن ڪراچي و حيدرآباد جو ناو کنيو آهي ته حيدرآباد و ڪراچي کي به عليحده صوبو بڻايو وڃي . جڏهن ته پنجاب جي سڄي پاليسي هميشه کان سنڌ جي ٻين صوبن خلاف رهي آهي. پاڻ کي ملڪ جي صوبن جو وڏو ڀاءُ چورائيندڙ جنهن جي حقيقت ان ڀاءُ واري آهي جيڪو قصو قرآن ۾ آهي ته هڪ همراه 100 رڍون ڇڏي مري ويو کيس کي ٻه پُٽ هيا . وڏي پٽ 99 رڍون کنيون ۽ ننڍي ڀاءُ کي هڪ رڍ ڏنائين ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ان وري ننڍي ڀاءُ کي چيو ته تون هڪ رڍ به مونکي ڏي ته منهنجو 100 پورو ٿئي. هي وڏو ڀڀاءُ جيڪو ملڪ جي سڄي معيشيت تي قابض آهي””””” ادا ڌاريا ته هميشه ڌاريه آهن انهن مان ڪهڙي اميد رکجي، انهن ۾ اميد رکڻ ته ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي مگر ڏک ته ان ڳالهه جو آهي ته هن اسان جي پنهنجن جي حڪومت هوندي اسان کي اهڙا ڏينهن ٿا ڏسڻا پون ۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو مان به تمام پنهنجن سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين سان حڪومت جي ان فيصلي تي تمام گهڻا ڏکارو آهيان ، ۽ ان فيصلي جي مذمت ڪريان ٿو،
 
دوستو جي هاڻي نه ته ڪڏهن به نه جي پاليسي اختيار ڪريو هر پليٽ فارم تان اٿو منهنجي هڪ صلاح آهي اوهان هن فورم جي زريع جتي به هن ڌرتي تان قربان ٿيڻ جو پروگرام ٺاهيو اسان پنهنجو سر هٿ تي کڻي سڀني سان گڏ سڀ کان پهريان قربان ٿيڻ جي لاءِ گڏ آهيون ۔ باقي خدا جو قسم هن امڙ جي ورهاڱي کان پوءِ ته جي ته ڪو نه سگهبو۔ جي سڏڪي سڏڪي مرون ان کان بهتر اهي ته ڪنهنسان مٿو ٽڪرائي مري وڃون گهٽ ۾ گهٽ ساسان جي چوٽ ته ان کي به ياد رهي ۔ يقين ڪريو هن امڙ جي ورهاڱي جي تصور کان به وجود ڪنپڻ ٿو لڳي ائين نه ٿئي ته ويل ٽري وڃي ۔ هٿ مليندا رهون۔
وسلام

.....................................

اسان بس سنڌ سلامت تي ۽ فيس بڪ تي انقلابي شاعري ۽ ڪمينٽس پوسٽ ڪري سگھون ٿا۔

سائين افسوس جهڙي ڳالھ آهي ميان سومرا صاحب اوهان اڳيان ٿيو اسان اوهان جي پٺيان يقين ڪيو اوهان جتي به چاهيواسان حاضر آهيون ليڪن خدا را ائين غيرن جيان دل آزاري ۽ همت کي نه ٽوڙيو۔ بحرحال هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي ڳالھ ڪندو اسان اوهان کي ڇا ٿا چئي سگهون سهڻل۔

سائين ممتاز جي اوهان دل کي ڏاريندڙ جيجل ماءُ جي حوالي سان ڪلام ونڊ ڪريو۔
سائين جي روئڻ سان هي ڌرتي ٽٽڻ کان بچي وڃي ته اسان سڄي رات روئڻ لاءِ تيار آهيون سمجھ ۾ اهو نه ٿو اچي ته شروعات ڪٿان ڪجي ڇا پاڻ کي باھ ڏئي شروعات يا ڪو ٻيو ڪم ڪجي جنهن سان امڙ ورهاڱي کان بچي پوي۔

هِن جمن هُن جنم
 
Back
Top