[JUSTIFY]پاڻ کي سنڌ جا نمائندا سمجهندڙ نڀاڳن هڪ مهينو اڳ ۾ ڪمشنري نظام نافذ ڪيو هو ان مهل ته وڏيون وڏيون ڍينگيون هنيائون پي ته اسان هڪ آمر جو نظام ڊاهي پٽ ڪيو آهي اسان سنڌ ڌرتي جي ماڻهن جي پراڻي مطالبي کي مان ڏيندي سموري سنڌ ۾ ڪمشنري نظام کي لاڳو ڪي...و آهي هڪ مهيني جي اندر اندر وري ڪهڙو واءُ وريو جو سموري سنڌ جي حقيقي وارثن جي مطالبن کي ديوار سان لڳائي وري پرويز مشرف جي قانون جنهن ۾ ننگا نهائو کُلا کائو واري چمڪ آهي کي وري دوباره نافذ ڪيوويو ايترو سنڌي عوام بي وقوف ڪونهي نڪو سنڌي قوم جي يادگيري ڪمزور آهي جو توهان جي ڀولڙن جيان لڳايل اونڌين سڀتين ڪلابازين کي سمجهي نه سگهي ڳالهه سڌي سئولي آهي ته موجوده حڪومت جيڪا سنڌين جي ووٽن تي چونڊجي آئي آهي انهن کي سنڌين جي پرواهه ذري برابر جي به ڪانهي هُو ڪالهه به رڳو لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ ۾ پورا هُئا ۽ اڄ به انهي لساني تظيم جي مطالبن تي ڳوڏا کوڙيو جيجل سنڌ جي مفادن جي سودي بازي ڪرڻ ۾ پورا آهن ڪو شرم حيا ڪونهي سنڌ جي اطلاعات واري وزير کي جيڪو ڪالهه تائين انهي لساني تنظيم کي گاريون ڏيندو وتندو هو اڄ وري لوسڻ جو نڪ لڳائي لساني تنظيم جي جي هر مطالبي کي پورو ڪرڻ ۾ پورو آهي هڪ مهيني جي اندر هو کير سان ڌوپجي ويا جو هاڻي انهن جي ٻولي ڳالهائي انهن کي مان ڏيئي سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪري وري ڪمشنري نظام کي رول بيڪ ڪري هڪڙي آمر جي نظام کي سموري سنڌ تي وري مها آمر بڻجي توهان مڙهي ڇڏيو۔ اسان جي سنڌي قوم توهان جي هر مڪروهه عمل کي سمجهي چُڪي آهي بند ڪريو پنهنجون بي حيائيون بند ڪريو ڀولڙن جيان ٽُپا ڏيڻ، جيجل ماءُ جي سودي بازي ڪرڻ وارو جيجل امڙ سنڌ جي پُٺي ۾ خنجر وهائڻ وارا غدارو ڪن کولي ٻُڌي ڇڏيو ته سنڌي قوم هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪي آهي، توهان سنڌي قوم جي قهر ۽ غذب کان بچي ڪونه سگهندا.[/JUSTIFY] ديس مُنهنجي جو لُٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان، دل ۾ لُنڊيون من جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم بندگي جو باب سنڌ آ دين مُنهنجو هر ڌرم سوچ مُنهنجي جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم(نثارناز)
جواب: شرم توکي مگر نٿو اچي ڪشمور کان ڪراچي تائين توھان، سنڌ جون ٻنيون وڪيون جي توھان سنڌي ھئا توھان سنڌ جا تيل وڪيا، ريل وڪيا، گيس وڪيا، ويسَ وڪيا، زمين جا خزانا وڪيا، ڪُل ڪارخانا وڪيا، اَڱر وڪيا، سڱر وڪيا، ڀريل گدام وڪيا، صبح ۽ شام وڪيا، ڪوئلا وڪيا، مسئلا وڪيا، ڀاڻ وڪيا کاڻ وڪيا، موتي ۽ ھيرا وڪيا، سون جا سويرا وڪيا، درگاھون وڪيون، مارن جون پناھون وڪيون، ڳوٺ وڪيا ڪوٽ وڪيا، شھر وڪيا بحر وڪيا، ٿر وڪيا بَر وڪيا، جبل جھنگ وڪيا، سنڌ جا رنگ وڪيا، سنڌ جا سمنڊ ست وڪيا، ٻيٽ ڊيلٽا ھٽ وڪيا، باقي سنڌ اسان لاءِ خالي بچي، باقي سرحد سوالي بچي؟ اھا به ھڪو ھڪ وڪڻي ڇڏيو، وڪڻي ڇڏيو تڪڻي ڇڏيو، ڇو جو اسان نڌڻڪا آھيون، ڇو جو اسان ڪَڻا ڪَڻا آھيون، سڄي دنيا ۾، مان سمجھان ٿو، سؤ ڏيڍ کرب پتي ھوندا، انھن مان پندرھن ويھ، توھانجو اشتھار ڏسندا، اچي سنڌ تي واڪ ڏيندا، توھان کان اچي سنڌ وٺندا، توھان جا خزانا ڀرجي ويندا، توھان جا کِيسا ڀرجي ويندا، پوءِ توھان جھاز خريدي، سڄي دنيا ۾ گھمندا وتو، ھر مُلڪ ۾ محل وٺندا وتو، پنھنجن مائٽن ٻارن کي، پنھنجي دوست ڀاڱي ڀائيوارن کي، عياشيون ڪرائيندا وتو، پنھنجون ڌيون پرڻائيندا وتو، ھتي رھيل، بچيل ڪچيل، سيٺ وڏيرا سردار ڪامورا، وڏي ورديءَ پوليس وارا، نون حاڪمن جا طبلچي ٿيندا، جيئن ھُيا انگريزن جا، ڌاريا دھلچي ٿيندا، جيئن ھُيا انگريزن جا، ڌاريا دھلچي ٿيندا، جيئن ھُيا سابق حاڪمن جا، باقي رھياسون اسان، سنڌي ھاري ناري، پورھيت ڪمي ڪاري، سنڌي قوم قديم، تاريخن ۾ عظيم، موھن جي دڙي کان مون تائين، بچندڙ وڌندڙ ترقي ڪندڙ سنڌي ٻولي، اسان جي پورھيت ماءُ جي لولي، جيستائين اسان سان آھي، تيسين اسان سان ڪجھ ٿيڻو ناھي، اسان کي، نوان حاڪم غلام سمجھندا، اسان پاڻ کي، انھن جو غلام ٿيڻ نه ڏينداسي، جياپي جي جنگ جوٽينداسي، جنگ شروع کان، جاري آھي، جاري رھندي، جيئڻ ڪارڻ جنگ ڪنداسي، بچڻ خاطر وڏا وس ڪنداسي، پراڻا نظام ڊاھينداسي، نوان نظام ڏينداسي، قومي رنگ رنڱاوت جا، محبت ۽ مساوات جا. ملڪ نديم
جواب: شرم توکي مگر نٿو اچي سنڌي ڀائرن جو شهر آ ڪراچي مٺين مائرن جو شهر آ ڪراچي هتان جو امن ڇو بگاڙيو ويو آ گلابي چمن ڇو اجاڙيو ويو آ رت ساڻ رنڱجي وئي آهي ڌرتي امن جو پکيئڙو اڏاريو ويو آ دهشتن جو بڻيو هر پهر آهي ساٿي مارن پيارڙن جو شهر آ ڪراچي چو طرف دشمنن آ ديرو ڄمايو اٿو نوجوانو انهن کي ڀڄايو جيجل امڙجي عزت جي خاطر ڏيو قربانيون ۽ ڪيو سرڙا حاضر امن لاءِ يارو قدم ڪو وڌايو “اداسي” ڇڏي آهي هر شيءِ آڇي سنڌين جو ئي ورثو شهر آ ڪراچي مٺين مائرن جو شهر آ ڪراچي. ..................................... نٿو جو سنڌ جئه لڙي نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي۔ سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي۔ برابري سراسري اسان گهرون ٿا ايتري، پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون هيتري آزاد قوم جيتري آزاد قوم جيتري جو سچ انهي تان سڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي ٿي انتها ڪِيس جِي ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي ڇڏي ڏي ريت ريس جي ۽ پُريون به وينديون پيسجي آجنگ جيس جيس جي آجنگ جيس جيس جي اٿي نه جو تڙي کڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي ٻڌين نٿو کٻي سڄي نقارو جنگ پيو وڄي گهڻين هٿين ڇپر کڄي هلي نه جنهن هينئون هڄي ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي دڙي تي داڦ بيهي ڌڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ مان لڏ وڃي هي ملڪ منشي ٿيو مَکي ڇوي پيو پکڻ پکي جڏهن به قوم آ ڪکي لکين لهي آيا لکي سنڌو جي سرڪ جنهن چکي پي جان سان نٿو جڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي۔ ”ابراهيم منشي“]
جواب: شرم توکي مگر نٿو اچي سائين شرم ڪنهن غيرت مند کي ايندو آهي هنن جو شرم هنن جي غيرت پيسو آهي لعنت آهي اهڙي دولت تي جا ماءُ کي گهاءُ ڏيڻ بدلي ملي سهڻا ماءُ کي اهنج پهچائين هنن جا تاريخ رقم ڪئي آهي تاريخ جي لعنت هنن مٿان ڪڏهن نه لهندي هنن وٽ پنهنجي هن عمل جي پڇتاءو جو تدارڪ وارو به ڪو رستو ناهي رهيو۔ يعني هنن کي اسان مان ڪنهنج به پرواه ناهي ۔