نثارناز
سينيئر رڪن
پاڻ کي سنڌ جا نمائندا سمجهندڙ نڀاڳن هڪ مهينو اڳ ۾ ڪمشنري نظام نافذ ڪيو هو ان مهل ته وڏيون وڏيون ڍينگيون هنيائون پي ته اسان هڪ آمر جو نظام ڊاهي پٽ ڪيو آهي اسان سنڌ ڌرتي جي ماڻهن جي پراڻي مطالبي کي مان ڏيندي سموري سنڌ ۾ ڪمشنري نظام کي لاڳو ڪي...و آهي هڪ مهيني جي اندر اندر وري ڪهڙو واءُ وريو جو سموري سنڌ جي حقيقي وارثن جي مطالبن کي ديوار سان لڳائي وري پرويز مشرف جي قانون جنهن ۾ ننگا نهائو کُلا کائو واري چمڪ آهي کي وري دوباره نافذ ڪيوويو ايترو سنڌي عوام بي وقوف ڪونهي نڪو سنڌي قوم جي يادگيري ڪمزور آهي جو توهان جي ڀولڙن جيان لڳايل اونڌين سڀتين ڪلابازين کي سمجهي نه سگهي ڳالهه سڌي سئولي آهي ته موجوده حڪومت جيڪا سنڌين جي ووٽن تي چونڊجي آئي آهي انهن کي سنڌين جي پرواهه ذري برابر جي به ڪانهي هُو ڪالهه به رڳو لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ ۾ پورا هُئا ۽ اڄ به انهي لساني تظيم جي مطالبن تي ڳوڏا کوڙيو جيجل سنڌ جي مفادن جي سودي بازي ڪرڻ ۾ پورا آهن ڪو شرم حيا ڪونهي سنڌ جي اطلاعات واري وزير کي جيڪو ڪالهه تائين انهي لساني تنظيم کي گاريون ڏيندو وتندو هو اڄ وري لوسڻ جو نڪ لڳائي لساني تنظيم جي جي هر مطالبي کي پورو ڪرڻ ۾ پورو آهي هڪ مهيني جي اندر هو کير سان ڌوپجي ويا جو هاڻي انهن جي ٻولي ڳالهائي انهن کي مان ڏيئي سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪري وري ڪمشنري نظام کي رول بيڪ ڪري هڪڙي آمر جي نظام کي سموري سنڌ تي وري مها آمر بڻجي توهان مڙهي ڇڏيو۔ اسان جي سنڌي قوم توهان جي هر مڪروهه عمل کي سمجهي چُڪي آهي بند ڪريو پنهنجون بي حيائيون بند ڪريو ڀولڙن جيان ٽُپا ڏيڻ، جيجل ماءُ جي سودي بازي ڪرڻ وارو جيجل امڙ سنڌ جي پُٺي ۾ خنجر وهائڻ وارا غدارو ڪن کولي ٻُڌي ڇڏيو ته سنڌي قوم هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪي آهي، توهان سنڌي قوم جي قهر ۽ غذب کان بچي ڪونه سگهندا.
ديس مُنهنجي جو لُٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان،
دل ۾ لُنڊيون من جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم
بندگي جو باب سنڌ آ دين مُنهنجو هر ڌرم
سوچ مُنهنجي جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم(نثارناز)
ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان،
دل ۾ لُنڊيون من جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم
بندگي جو باب سنڌ آ دين مُنهنجو هر ڌرم
سوچ مُنهنجي جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم(نثارناز)