• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڌرتي اڄ موڪلائي پئي وڃي

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

منهنجي ڌرتي
اڄ موڪلائي پئي وڃي
ڪنهن جي ڪرسي خاطر
منهنجي ماءُ اڄ وڪاميون
پئي وڃي
ڏسو ڙي هي قهر ڪيڏو
ٿيو آ منهنجي ڌرتي مٿان
ناهي ڪون ڏسڻ وارو
نه ڪوئي ٻڌڻ وارو
ستا ڇو پيا هو
اٿــــو ڙي قــــوم جـــا غـيرتي
اڄ منهنجي ماءُ مونکان
موڪلايو پئي وڃي
ڪنهن شراب خاني
جي مالڪ جي هٿن
۾ ڏيو پئي وڃي
ڪنهن غدار ليڊر جي ڪري
اڄ خوار ٿيو پئي وڃي
ناهي ڪنهن کي ڏک هن
ڳالھ جو يا حسين
رات ڀٽائي آ خواب ۾ روئي
چيو اٿو سنڌ جا وارثو
اڄ سنڌ اوهان کان موڪلايو
پئي وڃي
اڄ سنڌ اوهان کان موڪلايو
پئي وڃي

شاعر؛مزمل چانڊيو
 
جواب: منهنجي ڌرتي اڄ موڪلائي پئي وڃي

روئيندي روئيندي نير کٽي ويا لهو اچي ويو لڙڪن ۾
مان ڪيئين کلندي کير پيان منهنجي سنڌڙي آهي سڏڪن ۾
 
جواب: منهنجي ڌرتي اڄ موڪلائي پئي وڃي

سنڌ جي موجوده صورتحال ته هر سنڌي ڏکيارو آهي ۽ خاص طور تي سنڌ جا حساس شاعر ۽ نوجوان ته مورڳو شدت غم مان جيڪا مذاحمتي شاعري ڪري رهيا آهن انجو ڪو مثال ناهي ۔۔۔ سهڻو مزمل پڻ انهن حساس نوجوانن مان آهي جيڪي سنڌ جي بي وسي ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي بيغرتيءَ تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن ۔۔۔

تمام سهڻو نظم ۔۔۔ اتساهيندڙ لفظ

جيئي سنڌ سدا جيئي سنڌ
 
جواب: منهنجي ڌرتي اڄ موڪلائي پئي وڃي

ادا مزمل هر سنڌي کي اهو ڏک آهي ته پنهنجا ئي پنهنجا نه آهن
 
جواب: منهنجي ڌرتي اڄ موڪلائي پئي وڃي

اڄ سنڌ اوهان کان موڪلايو
پئي وڃي
اڄ سنڌ اوهان کان موڪلايو
پئي وڃي


اڙي يار اهڙي ڳالهه به ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ ڪانه ٿي موڪلائي پر اسان جو حال ناهي ۔۔۔۔۔۔۔

هي سٺو موقعو آهي جنهن ذريعي اسان سڀ سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سگهون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top