مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
منهنجي ڌرتي
اڄ موڪلائي پئي وڃي
ڪنهن جي ڪرسي خاطر
منهنجي ماءُ اڄ وڪاميون
پئي وڃي
ڏسو ڙي هي قهر ڪيڏو
ٿيو آ منهنجي ڌرتي مٿان
ناهي ڪون ڏسڻ وارو
نه ڪوئي ٻڌڻ وارو
ستا ڇو پيا هو
اٿــــو ڙي قــــوم جـــا غـيرتي
اڄ منهنجي ماءُ مونکان
موڪلايو پئي وڃي
ڪنهن شراب خاني
جي مالڪ جي هٿن
۾ ڏيو پئي وڃي
ڪنهن غدار ليڊر جي ڪري
اڄ خوار ٿيو پئي وڃي
ناهي ڪنهن کي ڏک هن
ڳالھ جو يا حسين
رات ڀٽائي آ خواب ۾ روئي
چيو اٿو سنڌ جا وارثو
اڄ سنڌ اوهان کان موڪلايو
پئي وڃي
اڄ سنڌ اوهان کان موڪلايو
پئي وڃي
شاعر؛مزمل چانڊيو