انڊلٺي رنگن جھڙي زندگي خوبصورت احساس جو نان آھي !

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    [​IMG]

    آتم ميگهواڙ

    ڪائنات جي خوبصورتي تڏهن محسوس ٿئي ٿي جڏهن زندگي آهي، هي اها ئي زندگي آهي جنهن کي جيئڻ لاءِ انسان هميشه جتن ڪندو وتندو آهي، پوءِ اها ڪنهن کي خوشين جو بار محسوس ٿئي ٿي ته ڪنهن کي زندگي انڊ لٺي رنگن جيان لڳي ٿي ته ڪنهن لاءِ وري زندگي ڏکن ۽ ڏولاون جو بار بڻجي ويندي آهي. جڏهن انسان وٽ خوشين جا خزانا هوندا آهن ۽ زندگي آسائش سان گذري رهي هوندي آهي تڏهن زندگي جا رنگ وڌيڪ خوبصورت ۽ حسين لڳن ٿا، ڪي ماڻهو ته وري سڄي حياتي يا حياتي جو ڪجهه حصو درد ۽ پيڙاءُ ڀوڳيندي گذاري ڇڏين ٿا پر پوءِ به زندگي هر انسان لاءِ خوبصورت آهي، جتان مايوسي جي شروعات ٿئي ٿي اتان ئي زندگي انسان کي ڦِڪي لڳڻ شروع ٿيندي آهي ۽ اهي مايوس انسان وري موت کي ڀاڪر ڀري پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏين ٿا، هر انسان جو زندگي گذارڻ جو پنهنجو طور طريقو ۽ ڍنگ هوندو آهي، حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪير حياتي جي معنى کي سمجهي ته اها ان باغ مثل آهي جتي پکين جي چون چون جا آواز من کي موهين ٿا پر جيڪڏهن ڪير انهن خوبصورت آوازن کان خفا ٿئي ٿو ته سندس ئي بدنصيبي آهي. زندگي ڇا آهي ۽ اها ڪهڙي طريقي سان گذارڻ گهرجي؟ ان حوالي سان مشهور ليکڪا ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر تنوير جوڻيجو جو چوڻ آهي ته زندگي هڪ حقيقت ۽ هڪ سچائي جو نالو آهي، ان ۾ چڱائيون به هونديون آهن ته خرابيون به ان جو حصو آهن. تڪليفون، خوشيون ۽ ڏک اهي به زندگي جي خوبصورتي آهن، ڏکن جا لمحا ڊگها ٿي وڃن ٿا ۽ خوشين جا لمحا گهٽ لڳن ٿا، ماڻهو ڀلي ڏکن ۾ گهيريل هجي پر اهو به چاهيندو ته آئون اڃا جيئان، ماڻهو ڀلي ضعيف هجي پر جيئرو رهڻ جي خواهش پوءِ به جاڳي ٿي، اسين اکين سان جيڪو ڏسون ٿا ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي چوڌاري آهي اها ئي زندگي آهي، آئون حيران آهيان ته ان خوبصورت زندگي کي ڇڏي ماڻهو خودڪشي ڪيئن ٿا ڪن. مشهور شاعره ۽ ليکڪه شبنم گل جو چوڻ آهي ته زندگي الله تعاليٰ جي خوبصورت نعمت آهي، جيڪو ڪجهه اسان فطرت مان سکيو آهي، جيڪا انساني واڌ ويجهه، ونڊ ورڇ ۽ هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ آهي اها ئي خوبصورت زندگي آهي، اها اڪيلي سر نٿي گذاري سگهجي پر ان کي ٻئي جو تعاون گهرجي، جيئن ٻـُوٽي کي زرخيزي لاءِ مٽي، پاڻي، هوا ۽ اُس جي ضرورت هجي ٿي ۽ اهي شيون هو حاصل ڪري هو ميوو ڏئي ٿو منهنجي نظر ۾ به زندگي ائين ئي آهي، جيڪا محبت جي ونڊ ورڇ لاءِ آهي، اسان کي هڪ ٻئي جو ڏک ۽ سور ۾ ساٿ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته زندگي جي سونهن اجتماعيت ۾ آهي، ان کي مونجهارن ۽ نفرتن جي ور نه چاڙهجي، جيڪڏهن اسين مونجهارن ۾ رهون ته پوءِ زندگي جو مقصد ئي نٿو رهي، فطري سونهن کي دل جي گهراين سان محسوس ڪرڻ گهرجي، اڄ انسان ان کان پري ٿي ويو آهي تڏهن اهو مونجهارن ۾ رهي ٿو. شاعره ۽ ڪهاڻيڪار زيب نظاماڻي چيو ته زندگي جيئڻ ڏاڍي ڏکي آهي، اها حسين، ڏک جو نانءُ، اُس جهڙي تتل ۽ ڇانو جهڙي ٿڌي آهي، اها ئي زندگي بي وفا به آهي، زندگي اميرن لاءِ چمڪندڙ ۽ غريبن لاءِ پٿر آهي، اها سڏڪا آهي ته ماءُ جي لولي به آهي. نامياري شاعره رخسانه پريت چيو ته زندگي جا کوڙ ڪارج هوندا آهن، ان کي وسعت ڏئي ڪائنات تائين ڦهلائجي، جيڪڏهن اها جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏجي ته اها وڏي معنى خيز بڻجي وڃي ٿي، زندگي انسان ذات لاءِ وقف ڪرڻ گهرجي، ماڻهو کي پاڻ پنهنجي داخلي ڪيفيتن ۾ گم نه ٿيڻ [​IMG]گهرجي پر اجتماعيت لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. نوجوان ليکڪه انيتا شاهه چيو ته زندگي جدوجهد جو نالو آهي، منهنجي نظر ۾ زنده صرف اهي شخص ۽ قومون آهن جيڪي هارائڻ بدران هار سان وڙهڻ ڄاڻن ٿا، هٿيار ڦٽا ڪري ويهندڙ ماڻهو کي آئون جيئرو ئي نٿي سمجهان. ليکڪه حميرا نور چيو ته منهنجي نظر ۾ زندگي الله سائين جي نعمت، رحمت ۽ هڪ تحفو آهي، جنهن جو ڪوبه مٽ ناهي ۽ نه ئي ان جو ڪو نعم البدل آهي، سٺي ماحول، سٺن رشتن ۽ محبت سان زندگي عظيم بڻجي ويندي آهي، اولاد، مٽ مائٽ، دوست ۽ ننڍپڻ جا ساٿي گڏ آهن ته زندگي ڪمال آهي، هن چيو ته منهنجي اڌ زندگي گونگن واري گذري، پر هاڻي سچ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي، ماڻهو کي زندگي ۾ ڀلي ڏک ملن پر سچ جو پاسو نه ڇڏڻ گهرجي. شاعره حسينا ساند چيو ته زندگي هڪ وڏو فلسفو آهي، اها مختلف رنگن جي ترتيب ڏنل آهي، اهي رنگ روپ بدلائيندا رهن ٿا، سٺي انسان جو فرض آهي ته انهن رنگن کي گڏ کڻي هلي، زندگي ۾ ايترو رنگ ڀرجي جو ڪوبه رنگ ڦڪو نه رهجي وڃي، پاڻ خوش رهي ته ٻين کي به خوشيون ڏئي، ڏکن کي هڪ پاسي رکڻ گهرجي، هن چيو ته جيئن هڪ گل هوندو آهي ته اهو ايترو خوبصورت نه لڳندو آهي جيترو جڏهن وڌيڪ گل گڏجي گلدان ۾ اچن ٿا ته پوءِ اهي وڌيڪ خوبصورت لڳن ٿا، ائين ئي ڪوشش ڪجي ته زندگي جي رنگن کي گڏ کڻي هلجي. ليکڪه ۽ سماجي ورڪر حسين مسرت شاهه چيو ته زندگي هڪ چئلينج آهي، جنهن ۾ هر قدم تبديلي ڏانهن وڃي ٿو، اها جدوجهد جو نالو آهي، جيڪا اڳتي وڌي ٿي ۽ ٻين تي اثر رکي ٿي. ليکڪه ۽ شاعره زاهده تاج ابڙو چيو ته زندگي خوبصورت [​IMG]احساس آهي، جيڪا ڪنهن حد تائين ڏکن ۽ سکن جي سيج آهي ۽ انهن ٻنهي جي ميلاپ کانپوءِ زندگي ايتري پياري بڻجي پوي ٿي جو اها وڻندي رهي ٿي، خوبصورت رشتا ۽ احساس زندگي کي خوبصورت بڻائين ٿا، اهي ٿورو پيار گهرن ٿا، ڪو پيار جي سٺي موٽ ڏئي ٿو ته زندگي خوبصورت بڻجي ويندي آهي.

    ڪاوش
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انڊلٺي رنگن جھڙي زندگي خوبصورت احساس جو نان آھي !

    ونڊڻ لئه مهرباني ادا عاشق۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انڊلٺي رنگن جھڙي زندگي خوبصورت احساس جو نان آھي !

    بهترين شيئرنگ ۔۔۔۔۔۔

    زندگيء جي خوبصورتيء بابت داناء سنڌياڻين جا خوبصورت خيال پڙهڻ لاء مليا۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انڊلٺي رنگن جھڙي زندگي خوبصورت احساس جو نان آھي !

    سيو ڪري ڇڏيو اوهان کي جلد ڪم اچڻ وارا آهن۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انڊلٺي رنگن جھڙي زندگي خوبصورت احساس جو نان آھي !

    بهترين ونڊ ادا ۔
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: انڊلٺي رنگن جھڙي زندگي خوبصورت احساس جو نان آھي !

    بهترين ونڊ ادا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو