عاشق سولنگي
سينيئر رڪن


آتم ميگهواڙ
ڪائنات جي خوبصورتي تڏهن محسوس ٿئي ٿي جڏهن زندگي آهي، هي اها ئي زندگي آهي جنهن کي جيئڻ لاءِ انسان هميشه جتن ڪندو وتندو آهي، پوءِ اها ڪنهن کي خوشين جو بار محسوس ٿئي ٿي ته ڪنهن کي زندگي انڊ لٺي رنگن جيان لڳي ٿي ته ڪنهن لاءِ وري زندگي ڏکن ۽ ڏولاون جو بار بڻجي ويندي آهي. جڏهن انسان وٽ خوشين جا خزانا هوندا آهن ۽ زندگي آسائش سان گذري رهي هوندي آهي تڏهن زندگي جا رنگ وڌيڪ خوبصورت ۽ حسين لڳن ٿا، ڪي ماڻهو ته وري سڄي حياتي يا حياتي جو ڪجهه حصو درد ۽ پيڙاءُ ڀوڳيندي گذاري ڇڏين ٿا پر پوءِ به زندگي هر انسان لاءِ خوبصورت آهي، جتان مايوسي جي شروعات ٿئي ٿي اتان ئي زندگي انسان کي ڦِڪي لڳڻ شروع ٿيندي آهي ۽ اهي مايوس انسان وري موت کي ڀاڪر ڀري پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏين ٿا، هر انسان جو زندگي گذارڻ جو پنهنجو طور طريقو ۽ ڍنگ هوندو آهي، حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪير حياتي جي معنى کي سمجهي ته اها ان باغ مثل آهي جتي پکين جي چون چون جا آواز من کي موهين ٿا پر جيڪڏهن ڪير انهن خوبصورت آوازن کان خفا ٿئي ٿو ته سندس ئي بدنصيبي آهي. زندگي ڇا آهي ۽ اها ڪهڙي طريقي سان گذارڻ گهرجي؟ ان حوالي سان مشهور ليکڪا ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر تنوير جوڻيجو جو چوڻ آهي ته زندگي هڪ حقيقت ۽ هڪ سچائي جو نالو آهي، ان ۾ چڱائيون به هونديون آهن ته خرابيون به ان جو حصو آهن. تڪليفون، خوشيون ۽ ڏک اهي به زندگي جي خوبصورتي آهن، ڏکن جا لمحا ڊگها ٿي وڃن ٿا ۽ خوشين جا لمحا گهٽ لڳن ٿا، ماڻهو ڀلي ڏکن ۾ گهيريل هجي پر اهو به چاهيندو ته آئون اڃا جيئان، ماڻهو ڀلي ضعيف هجي پر جيئرو رهڻ جي خواهش پوءِ به جاڳي ٿي، اسين اکين سان جيڪو ڏسون ٿا ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي چوڌاري آهي اها ئي زندگي آهي، آئون حيران آهيان ته ان خوبصورت زندگي کي ڇڏي ماڻهو خودڪشي ڪيئن ٿا ڪن. مشهور شاعره ۽ ليکڪه شبنم گل جو چوڻ آهي ته زندگي الله تعاليٰ جي خوبصورت نعمت آهي، جيڪو ڪجهه اسان فطرت مان سکيو آهي، جيڪا انساني واڌ ويجهه، ونڊ ورڇ ۽ هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ آهي اها ئي خوبصورت زندگي آهي، اها اڪيلي سر نٿي گذاري سگهجي پر ان کي ٻئي جو تعاون گهرجي، جيئن ٻـُوٽي کي زرخيزي لاءِ مٽي، پاڻي، هوا ۽ اُس جي ضرورت هجي ٿي ۽ اهي شيون هو حاصل ڪري هو ميوو ڏئي ٿو منهنجي نظر ۾ به زندگي ائين ئي آهي، جيڪا محبت جي ونڊ ورڇ لاءِ آهي، اسان کي هڪ ٻئي جو ڏک ۽ سور ۾ ساٿ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته زندگي جي سونهن اجتماعيت ۾ آهي، ان کي مونجهارن ۽ نفرتن جي ور نه چاڙهجي، جيڪڏهن اسين مونجهارن ۾ رهون ته پوءِ زندگي جو مقصد ئي نٿو رهي، فطري سونهن کي دل جي گهراين سان محسوس ڪرڻ گهرجي، اڄ انسان ان کان پري ٿي ويو آهي تڏهن اهو مونجهارن ۾ رهي ٿو. شاعره ۽ ڪهاڻيڪار زيب نظاماڻي چيو ته زندگي جيئڻ ڏاڍي ڏکي آهي، اها حسين، ڏک جو نانءُ، اُس جهڙي تتل ۽ ڇانو جهڙي ٿڌي آهي، اها ئي زندگي بي وفا به آهي، زندگي اميرن لاءِ چمڪندڙ ۽ غريبن لاءِ پٿر آهي، اها سڏڪا آهي ته ماءُ جي لولي به آهي. نامياري شاعره رخسانه پريت چيو ته زندگي جا کوڙ ڪارج هوندا آهن، ان کي وسعت ڏئي ڪائنات تائين ڦهلائجي، جيڪڏهن اها جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏجي ته اها وڏي معنى خيز بڻجي وڃي ٿي، زندگي انسان ذات لاءِ وقف ڪرڻ گهرجي، ماڻهو کي پاڻ پنهنجي داخلي ڪيفيتن ۾ گم نه ٿيڻ


ڪاوش