رضا بخاري رضا بخاريء جي شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [JUSTIFY]رضا بخاري نوجوان ٽهيء جي خوبصورت شاعرن مان هڪ آهي۔ رضا پنهنجي لفظن جي جادوگري خاص ڪري پنهنجي غزل سبب گهڻو مشهوري ماڻي آهي۔ رضا بخاري فيسبوڪ جي سرگرم دوستن مان هڪ آهي۔ رضا بخاري بابت رياضت ٻرڙو صاحب لکي ٿو:[/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن جي شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي.

    سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) 2007ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ 2007ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، 2008ع کان بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.

    رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو، جنهن سندس رهنمائي ڪئي آهي. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا هئائين جن کان پاسائتو ٿي ويو آهي. سندس 3 شعري مجموعا :

    شاعري تنهنجو بدن“ (2004ع)
    ”هوا جي بانسري“ (2006ع) ۽
    ”چاندنيءَ جو آبشار“ (2011) ڇپيل آهن.

    رضا بخاري مختلف ادبي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو آهي، خاص ڪنهن ادبي تنظيم سان لاڳاپو ڪو نه رکيو اٿائين. کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس.
    [/JUSTIFY]


    سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ غزل، وايون ۽ هائيڪا پيش آهن۔


    ڏسُ ته اکڙيون کڻي
    ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!

    ويرَ ڪيڏا وڌ يا
    سنڌ وڪڻن پيا
    واڪ پنهنجا هڻي
    ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!

    سوڳ سارو سَمان
    آ خزان ئي خزان
    آسَ پن پن ڇڻي
    ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!

    ڳاءِ ڪجھ ڳاءِ تون
    جيءَ جاڳاءِ تون
    ننڊَ ڀوڳي گهڻي
    ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
    ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!


    [​IMG]


    غزل


    شفق آھ ريٽو ڪفن شام جو
    ڪري ڪير لاشو دفن شام جو!

    ڪناري تي لهرن جي سينا زني
    پڙهي مرثيو ٿو گگن شام جو

    رکان ڇو نه هر شام ٻاري اکيون
    ڪيو تو اچڻ جو وچن شام جو

    کڻي ٿڪُ صدين جو لڙيو سجُ رضا!
    ٽُٽي ڄاڻ وکريو بدن شام جو​


    [​IMG]



    غزل

    سامهون اڻ کٽ رستا آهن
    ساڻُ وڻن جا پاڇا آهن

    ماڻهو گُهمندڙ ڦرندڙ قبرون
    چهرا تن جا ڪتبا آهن

    اُڀ جي جهوليءَ ۾ ٻيو ڇاهي!
    تنهنجا منهنجا ڳوڙها آهن

    لفظن جا انبار لڳي ويا
    ڪاغذ پو ڀي تنها آهن!

    ڪِرچيون ڪِرچيون ٿي ويا مون ۾
    رشتن جا آئينا آهن

    [​IMG]


    غزل

    خالي گهرَ سان ڳالهائي ٿي خاموشي
    ديوارن کي وندرائي ٿي خاموشي

    ڪمري ۾ تنهنجي تصويرَ ڏنو مُرڪي
    وکريا رنگَ، غزلُ ڳائي ٿي خاموشي

    تنهائيءَ کي تنهائي ٿي آٿت ڏي
    خاموشيءَ کي ڳل لائي ٿي خاموشي

    ڏينهن سمورو ڪيڏا ٿا آواز مَرن
    آڌيءَ جو سي دفنائي ٿي خاموشي

    [​IMG]


    وائي

    آرسيءَ آڏو اچي
    نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان

    هاءِ ڪيئن وکري ويا
    رنگَ سپنن جا رچي
    نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان


    دردَ جي برسات آ
    ۽ جُهڳي دل جي ڪچي
    نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان


    گهاوَ جهڙي زندگي
    آ رضا مون وٽ بچي
    نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان

    [​IMG]


    ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
    ڇيڙي ٿي تنبور هوا


    تارن سان جرڪائي وئي
    سانجهي اُڀ سُرمائيءَ کي
    ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
    ڇيڙي ٿي تنبور هوا


    ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ ڇُلي
    سمنڊ ٻُڌي ٿو وائيءَ کي
    ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
    ڇيڙي ٿي تنبور هوا


    ڪو رنگين ڪري ويو آ
    هن دل جي تنهائيءَ کي
    ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
    ڇيڙي ٿي تنبور هوا

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رضا بخاريء جي شاعري

    رضا بخاري فيسبوڪ جي شاعري واري گروپ سنڌي شاعري ڪارنر جو به بانيڪار آهي جنهن ۾ رضا ۽ ملهار چانڊيو پاڻ ملهائيندا اچن۔


    غزل

    ويو وسامي شرار آ دل جو
    هاڻ هر سُو غبار آ دل جو

    خواهشن جا ڀڃي ٿو رانديڪا
    خود کان ناراض ٻار آ دل جو

    دردَ! مونکي ڪٿي وٺي آئين
    هي ته ساڳيو ديار آ دل جو

    پو ته هن کي رضا ڇڻڻ گُهرجي
    جي گُلن ۾ شمار آ دل جو

    [​IMG]


    غزل

    مون سان گڏُ ڪو آيو هو
    يا منهنجو ئي سايو هو!

    نيڻَ اڃا اُت ڳوليان ٿو
    مون جت خواب وڃايو هو

    گل تان اُڏري پوپٽڙو
    گهاوَ مٿان ڇو آيو هو؟

    ڇرڪي منَ جي خاموشي
    مون ۾ ڪنهن ڳالهايو هو!

    خاڪ اُڏاڻي لفظن جي
    شاعرَ پاڻُ جلايو هو

    [​IMG]


    غزل

    کيس محبوبَ هو چيو صحرا
    ۽ اُهو شخص ٿي ويو صحرا

    عڪس پنهنجو ڏسي پيس ڇرڪي
    آئيني ۾ سُتل هيو صحرا

    چند ڳوڙها پيئڻ جي لئه آيو
    ۽ اکين ۾ ٽِڪي پيو صحرا

    وقت بي وقت ٿا رڙن مون ۾
    بي چئي پياسَ، بي چيو صحرا

    رات ڪهڙي وسي وئي بارش
    جنهن سڄي شهر کي ڪيو صحرا

    [​IMG]



    هائيڪو


    ڪائي ياد کڻي
    نيري پاڻيءَ تي پئي
    ڳاڙهي شام ڇڻي

    [​IMG]



    غزل

    پويون پل آ
    خواب رُٺل آ

    اُڀ جي ٻڪ ۾
    چنڊ ٽُٽل آ

    پُرنم چهرو
    ڦول ڀنل آ

    هئه سچُ تنها
    ۽ مقتل آ

    جاڳن پاڇا
    شهر سُتل آ

    [​IMG]


    غزل

    جو به تنهنجي نظر ۾ لٿو
    حيرتن جي نگر ۾ لٿو

    لڙڪُ احساس ٿي ويو مگر
    ڪين مونکان اکر ۾ لٿو

    منهنجي منزل به گڏ ويو کڻي
    شخصُ جو اڌ سفر ۾ لٿو

    زندگانيءَ جي ڳولا ڪندي
    اڄ رضا ڀي قبر ۾ لٿو

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    غزل

    نه جي سگهجن کڻي پرڙا
    ڏنئه ڪهڙا ڌڻي! پرڙا

    اکيون منهنجون اُڏامن ٿيون
    پيا سپنا بڻي پرڙا

    ٽُٽو جيئن رات جو پڃرو
    پُڳو سورج هڻي پرڙا

    کُليا آڪاش جا رستا
    ويا جنهن پل ڇڻي پرڙا

    [​IMG]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رضا بخاريء جي شاعري

    [justify]رضا بخاري ريڊيو لاڙڪاڻو تان احسان دانش سان گڏ ادبي پروگرام به پيش ڪندو آهي۔ سندس شاعري ڪومل جذبن ۽ احساسن جي ترجمان آهي۔ هو پنهنجي اندر جي ڳالهه کي لفظن جو روپ ڏئي پيش ڪرڻ خوب ڄاڻي
    [/justify]


    غزل

    وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾
    اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

    وڃين ڪاڏي پيو پوپٽ؟
    اڳيان پن ڇڻ آ رستي ۾

    اکين ۾ ڪاغذي سپنا
    مٿان سانوڻ آ رستي ۾

    کـلي اڄ ڀي گــهلي ناهي
    هوا کي وڻ آ رستي ۾

    رضا لئه ٺوڪرون جڳ جون
    پٿر ڪو ڄڻ آ رستي ۾

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [/color][/b][/size]


    غزل

    رات هو آڪاش ۾ ميڙو متل
    ڏينهن ٿيندي ئي اڪيلو ٿي ويو!

    وڻَ انائن جا وڌي ڪيڏا ويا!
    شهرُ هو اڳُ، هاڻ ٻيلو ٿي ويو

    سمنڊ سوچن جو تري ڪاٿي پُڳو
    خيالُ شاعر لئه بتيلو ٿي ويو

    دل رضا هيسيل ڪنهين جهرڪيءَ جيان
    دردُ هر ڪوئي گليلو ٿي ويو

    [​IMG]
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: رضا بخاريء جي شاعري

    سائين سليمان لک قرب...سنڌ جي نوجوان شاعر جي شاعري ھن موضوع ۾ موتين وانگر مڙھي اوھان رکي آھي.....لاجواب
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رضا بخاريء جي شاعري

    مهرباني ادا عاشق سولنگي ۔۔۔۔۔۔۔

    رضا بخاري جي شاعري به تمام گهڻي وڻندڙ آهي ۔ موتين جهڙا لفظ آهن جن کي مالها ۾ پوئي پيش ڪيو آهي رضا بخاري۔ اسان ته بس سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ ڪري اوهان سان ونڊي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو