• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رضا بخاري رضا بخاريء جي شاعري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
e5fdyh.jpg



رضا بخاري نوجوان ٽهيء جي خوبصورت شاعرن مان هڪ آهي۔ رضا پنهنجي لفظن جي جادوگري خاص ڪري پنهنجي غزل سبب گهڻو مشهوري ماڻي آهي۔ رضا بخاري فيسبوڪ جي سرگرم دوستن مان هڪ آهي۔ رضا بخاري بابت رياضت ٻرڙو صاحب لکي ٿو:


رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن جي شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي.

سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) 2007ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ 2007ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، 2008ع کان بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.

رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو، جنهن سندس رهنمائي ڪئي آهي. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا هئائين جن کان پاسائتو ٿي ويو آهي. سندس 3 شعري مجموعا :

شاعري تنهنجو بدن“ (2004ع)
”هوا جي بانسري“ (2006ع) ۽
”چاندنيءَ جو آبشار“ (2011) ڇپيل آهن.

رضا بخاري مختلف ادبي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو آهي، خاص ڪنهن ادبي تنظيم سان لاڳاپو ڪو نه رکيو اٿائين. کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس.

سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ غزل، وايون ۽ هائيڪا پيش آهن۔


ڏسُ ته اکڙيون کڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!

ويرَ ڪيڏا وڌ يا
سنڌ وڪڻن پيا
واڪ پنهنجا هڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!

سوڳ سارو سَمان
آ خزان ئي خزان
آسَ پن پن ڇڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!

ڳاءِ ڪجھ ڳاءِ تون
جيءَ جاڳاءِ تون
ننڊَ ڀوڳي گهڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!


281226_151998941546263_100002084748611_295867_4365854_n.jpg



غزل

شفق آھ ريٽو ڪفن شام جو
ڪري ڪير لاشو دفن شام جو!

ڪناري تي لهرن جي سينا زني
پڙهي مرثيو ٿو گگن شام جو

رکان ڇو نه هر شام ٻاري اکيون
ڪيو تو اچڻ جو وچن شام جو

کڻي ٿڪُ صدين جو لڙيو سجُ رضا!
ٽُٽي ڄاڻ وکريو بدن شام جو​

185298_149268361819321_100002084748611_289356_1878178_n.jpg




غزل

سامهون اڻ کٽ رستا آهن
ساڻُ وڻن جا پاڇا آهن

ماڻهو گُهمندڙ ڦرندڙ قبرون
چهرا تن جا ڪتبا آهن

اُڀ جي جهوليءَ ۾ ٻيو ڇاهي!
تنهنجا منهنجا ڳوڙها آهن

لفظن جا انبار لڳي ويا
ڪاغذ پو ڀي تنها آهن!

ڪِرچيون ڪِرچيون ٿي ويا مون ۾
رشتن جا آئينا آهن

262309_140824479330376_100002084748611_264123_2588483_n.jpg


غزل

خالي گهرَ سان ڳالهائي ٿي خاموشي
ديوارن کي وندرائي ٿي خاموشي

ڪمري ۾ تنهنجي تصويرَ ڏنو مُرڪي
وکريا رنگَ، غزلُ ڳائي ٿي خاموشي

تنهائيءَ کي تنهائي ٿي آٿت ڏي
خاموشيءَ کي ڳل لائي ٿي خاموشي

ڏينهن سمورو ڪيڏا ٿا آواز مَرن
آڌيءَ جو سي دفنائي ٿي خاموشي

269652_137452739667550_100002084748611_255228_3845532_n.jpg


وائي

آرسيءَ آڏو اچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان

هاءِ ڪيئن وکري ويا
رنگَ سپنن جا رچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان


دردَ جي برسات آ
۽ جُهڳي دل جي ڪچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان


گهاوَ جهڙي زندگي
آ رضا مون وٽ بچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان

263541_136013483144809_100002084748611_251597_2029386_n.jpg


ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا


تارن سان جرڪائي وئي
سانجهي اُڀ سُرمائيءَ کي
ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا


ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ ڇُلي
سمنڊ ٻُڌي ٿو وائيءَ کي
ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا


ڪو رنگين ڪري ويو آ
هن دل جي تنهائيءَ کي
ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا

263903_134519256627565_100002084748611_247292_6291977_n.jpg
 
جواب: رضا بخاريء جي شاعري

رضا بخاري فيسبوڪ جي شاعري واري گروپ سنڌي شاعري ڪارنر جو به بانيڪار آهي جنهن ۾ رضا ۽ ملهار چانڊيو پاڻ ملهائيندا اچن۔


غزل

ويو وسامي شرار آ دل جو
هاڻ هر سُو غبار آ دل جو

خواهشن جا ڀڃي ٿو رانديڪا
خود کان ناراض ٻار آ دل جو

دردَ! مونکي ڪٿي وٺي آئين
هي ته ساڳيو ديار آ دل جو

پو ته هن کي رضا ڇڻڻ گُهرجي
جي گُلن ۾ شمار آ دل جو

270476_133832163362941_100002084748611_245000_24464_n.jpg



غزل

مون سان گڏُ ڪو آيو هو
يا منهنجو ئي سايو هو!

نيڻَ اڃا اُت ڳوليان ٿو
مون جت خواب وڃايو هو

گل تان اُڏري پوپٽڙو
گهاوَ مٿان ڇو آيو هو؟

ڇرڪي منَ جي خاموشي
مون ۾ ڪنهن ڳالهايو هو!

خاڪ اُڏاڻي لفظن جي
شاعرَ پاڻُ جلايو هو

263330_153823618030462_100002084748611_300251_2606628_n.jpg



غزل

کيس محبوبَ هو چيو صحرا
۽ اُهو شخص ٿي ويو صحرا

عڪس پنهنجو ڏسي پيس ڇرڪي
آئيني ۾ سُتل هيو صحرا

چند ڳوڙها پيئڻ جي لئه آيو
۽ اکين ۾ ٽِڪي پيو صحرا

وقت بي وقت ٿا رڙن مون ۾
بي چئي پياسَ، بي چيو صحرا

رات ڪهڙي وسي وئي بارش
جنهن سڄي شهر کي ڪيو صحرا

262770_132106263535531_100002084748611_237384_5691289_n.jpg



هائيڪو


ڪائي ياد کڻي
نيري پاڻيءَ تي پئي
ڳاڙهي شام ڇڻي

254944_130827716996719_100002084748611_230805_3878165_n.jpg



غزل

پويون پل آ
خواب رُٺل آ

اُڀ جي ٻڪ ۾
چنڊ ٽُٽل آ

پُرنم چهرو
ڦول ڀنل آ

هئه سچُ تنها
۽ مقتل آ

جاڳن پاڇا
شهر سُتل آ

248299_128437870569037_100002084748611_217105_6079820_n.jpg


غزل

جو به تنهنجي نظر ۾ لٿو
حيرتن جي نگر ۾ لٿو

لڙڪُ احساس ٿي ويو مگر
ڪين مونکان اکر ۾ لٿو

منهنجي منزل به گڏ ويو کڻي
شخصُ جو اڌ سفر ۾ لٿو

زندگانيءَ جي ڳولا ڪندي
اڄ رضا ڀي قبر ۾ لٿو

250464_128437753902382_100002084748611_217103_6997369_n.jpg



251774_128437660569058_100002084748611_217102_577164_n.jpg


254129_126892870723537_100002084748611_207545_4997187_n.jpg


غزل

نه جي سگهجن کڻي پرڙا
ڏنئه ڪهڙا ڌڻي! پرڙا

اکيون منهنجون اُڏامن ٿيون
پيا سپنا بڻي پرڙا

ٽُٽو جيئن رات جو پڃرو
پُڳو سورج هڻي پرڙا

کُليا آڪاش جا رستا
ويا جنهن پل ڇڻي پرڙا

185263_155907491155408_100002084748611_307668_6204843_n.jpg
 
جواب: رضا بخاريء جي شاعري

رضا بخاري ريڊيو لاڙڪاڻو تان احسان دانش سان گڏ ادبي پروگرام به پيش ڪندو آهي۔ سندس شاعري ڪومل جذبن ۽ احساسن جي ترجمان آهي۔ هو پنهنجي اندر جي ڳالهه کي لفظن جو روپ ڏئي پيش ڪرڻ خوب ڄاڻي

غزل

وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾
اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

وڃين ڪاڏي پيو پوپٽ؟
اڳيان پن ڇڻ آ رستي ۾

اکين ۾ ڪاغذي سپنا
مٿان سانوڻ آ رستي ۾

کـلي اڄ ڀي گــهلي ناهي
هوا کي وڻ آ رستي ۾

رضا لئه ٺوڪرون جڳ جون
پٿر ڪو ڄڻ آ رستي ۾

254557_2105163226882_1179567033_32659142_3855131_n.jpg


250577_126892790723545_100002084748611_207544_3886610_n.jpg


252068_126892570723567_100002084748611_207541_7196001_n.jpg


249242_124940627585428_100002084748611_195778_3538788_n.jpg


222152_122200344526123_100002084748611_179191_6714955_n.jpg


207261_116887161724108_100002084748611_142676_2518882_n.jpg


216159_117051401707684_100002084748611_143898_3973410_n.jpg

[/color][/b][/size]


غزل

رات هو آڪاش ۾ ميڙو متل
ڏينهن ٿيندي ئي اڪيلو ٿي ويو!

وڻَ انائن جا وڌي ڪيڏا ويا!
شهرُ هو اڳُ، هاڻ ٻيلو ٿي ويو

سمنڊ سوچن جو تري ڪاٿي پُڳو
خيالُ شاعر لئه بتيلو ٿي ويو

دل رضا هيسيل ڪنهين جهرڪيءَ جيان
دردُ هر ڪوئي گليلو ٿي ويو

284441_152996591446498_100002084748611_298126_4573402_n.jpg
 
جواب: رضا بخاريء جي شاعري

سائين سليمان لک قرب...سنڌ جي نوجوان شاعر جي شاعري ھن موضوع ۾ موتين وانگر مڙھي اوھان رکي آھي.....لاجواب
 
جواب: رضا بخاريء جي شاعري

سائين سليمان لک قرب...سنڌ جي نوجوان شاعر جي شاعري ھن موضوع ۾ موتين وانگر مڙھي اوھان رکي آھي.....لاجواب

مهرباني ادا عاشق سولنگي ۔۔۔۔۔۔۔

رضا بخاري جي شاعري به تمام گهڻي وڻندڙ آهي ۔ موتين جهڙا لفظ آهن جن کي مالها ۾ پوئي پيش ڪيو آهي رضا بخاري۔ اسان ته بس سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ ڪري اوهان سان ونڊي آهي۔
 
Back
Top