رضا بخاري نوجوان ٽهيء جي خوبصورت شاعرن مان هڪ آهي۔ رضا پنهنجي لفظن جي جادوگري خاص ڪري پنهنجي غزل سبب گهڻو مشهوري ماڻي آهي۔ رضا بخاري فيسبوڪ جي سرگرم دوستن مان هڪ آهي۔ رضا بخاري بابت رياضت ٻرڙو صاحب لکي ٿو:
رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن جي شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي.
سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) 2007ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ 2007ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، 2008ع کان بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو، جنهن سندس رهنمائي ڪئي آهي. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا هئائين جن کان پاسائتو ٿي ويو آهي. سندس 3 شعري مجموعا :
شاعري تنهنجو بدن“ (2004ع)
”هوا جي بانسري“ (2006ع) ۽
”چاندنيءَ جو آبشار“ (2011) ڇپيل آهن.
رضا بخاري مختلف ادبي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو آهي، خاص ڪنهن ادبي تنظيم سان لاڳاپو ڪو نه رکيو اٿائين. کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس.

سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ غزل، وايون ۽ هائيڪا پيش آهن۔
ڏسُ ته اکڙيون کڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ويرَ ڪيڏا وڌ يا
سنڌ وڪڻن پيا
واڪ پنهنجا هڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
سوڳ سارو سَمان
آ خزان ئي خزان
آسَ پن پن ڇڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ڳاءِ ڪجھ ڳاءِ تون
جيءَ جاڳاءِ تون
ننڊَ ڀوڳي گهڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ويرَ ڪيڏا وڌ يا
سنڌ وڪڻن پيا
واڪ پنهنجا هڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
سوڳ سارو سَمان
آ خزان ئي خزان
آسَ پن پن ڇڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ڳاءِ ڪجھ ڳاءِ تون
جيءَ جاڳاءِ تون
ننڊَ ڀوڳي گهڻي
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!
ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!!

غزل
شفق آھ ريٽو ڪفن شام جو
ڪري ڪير لاشو دفن شام جو!
ڪناري تي لهرن جي سينا زني
پڙهي مرثيو ٿو گگن شام جو
رکان ڇو نه هر شام ٻاري اکيون
ڪيو تو اچڻ جو وچن شام جو
کڻي ٿڪُ صدين جو لڙيو سجُ رضا!
ٽُٽي ڄاڻ وکريو بدن شام جو
ڪري ڪير لاشو دفن شام جو!
ڪناري تي لهرن جي سينا زني
پڙهي مرثيو ٿو گگن شام جو
رکان ڇو نه هر شام ٻاري اکيون
ڪيو تو اچڻ جو وچن شام جو
کڻي ٿڪُ صدين جو لڙيو سجُ رضا!
ٽُٽي ڄاڻ وکريو بدن شام جو

غزل
سامهون اڻ کٽ رستا آهن
ساڻُ وڻن جا پاڇا آهن
ماڻهو گُهمندڙ ڦرندڙ قبرون
چهرا تن جا ڪتبا آهن
اُڀ جي جهوليءَ ۾ ٻيو ڇاهي!
تنهنجا منهنجا ڳوڙها آهن
لفظن جا انبار لڳي ويا
ڪاغذ پو ڀي تنها آهن!
ڪِرچيون ڪِرچيون ٿي ويا مون ۾
رشتن جا آئينا آهن

غزل
خالي گهرَ سان ڳالهائي ٿي خاموشي
ديوارن کي وندرائي ٿي خاموشي
ڪمري ۾ تنهنجي تصويرَ ڏنو مُرڪي
وکريا رنگَ، غزلُ ڳائي ٿي خاموشي
تنهائيءَ کي تنهائي ٿي آٿت ڏي
خاموشيءَ کي ڳل لائي ٿي خاموشي
ڏينهن سمورو ڪيڏا ٿا آواز مَرن
آڌيءَ جو سي دفنائي ٿي خاموشي

وائي
آرسيءَ آڏو اچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان
هاءِ ڪيئن وکري ويا
رنگَ سپنن جا رچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان
دردَ جي برسات آ
۽ جُهڳي دل جي ڪچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان
گهاوَ جهڙي زندگي
آ رضا مون وٽ بچي
نيڻَ ٿو ٻوٽي ڇڏيان

ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا
تارن سان جرڪائي وئي
سانجهي اُڀ سُرمائيءَ کي
ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا
ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ ڇُلي
سمنڊ ٻُڌي ٿو وائيءَ کي
ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا
ڪو رنگين ڪري ويو آ
هن دل جي تنهائيءَ کي
ڳائي چنڊُ ڀٽائيءَ کي
ڇيڙي ٿي تنبور هوا