• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2mdp36e.jpg


سنڌ سلامت جي نرالي ، نيازمند ميمبر ۽ اسان جي پياري دوست عرس پريو کي سنڌ سلامت تي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔ اسان جو هي دوست استاد بخاريء جي شاعريء جو عاشق آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جو ديوانو آهي۔ هڪ سال اڳ ساڻس سائين نثار ابڙو، علي علي ۽ ادا رشيد سمون جي موجودگيء ۾ ڪچهري ٿي هئي ۽ پوء هي ديوانو دوست اسان جي ساٿ ۾ اهڙو ته سمائجي ويو جو اسان کي به نصيحتون ڪري دڳ لائيندو آهي۔

جادوگر سان گڏ رهندي به جادوگري ڪونه سکي سگهيو آهي۔ پر هڪ ڳالهه ته ڪمپيوٽر کي ٺيڪ ڪرڻ جو نسخو شايد هن کان بهتر ڪنهن وٽ به ڪونه هوندو۔ دوستن سان دوستيون نڀائڻ جو به ڪوڏيو مڙس آهي۔ پر 1000 تحريرون لکڻ ۾ هڪ سال لڳائي ڇڏيائين پر ڪم پورو ڪري ويو۔

سندس لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون ته سدائين خوش هجي ۽ لکندو رهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

سائين اسان جون به دعائون ادي عرس پريو سان گڏ آهن۔ ۽ اميد آهي ته ادو عرس پريو هميشه ائين ئي سنڌ سلامت لا ڪم ڪندو رهندو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

منهنجي پاران به اسان جي پياري دوست عرس پريو کي لک لک واڌايون قبول هجن، دوستن سان دوستي نڀائڻ ڪير هن دوست کان سکي، سچو، محبتي، مخلص ۽ محسن جهڙيون صفتون هن پياري دوست ۾ سمايل آهن۔
سنڌ امڙ سان سچائي، وفاداري ۽ محبت ۾ سڀن کان اڳرو آهي، مونکي ادي عرس جي دوست هئڻ تي انتهائي فخر آهي، ڌڻي کيس هميشه خوش ۽ سلامت رکي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

منهنجي طرفان به مبارڪون هجن
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

سليمان وساڻ سميت سڀني دوستن جي جون مهربانيو
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

محترم عرس پريو۔۔۔ٻه نالا آھن۔۔۔۔پريل عرس۔۔۔واھ واھ
سائين جن تمام سھڻا ۽ سٻاجھڙا ماڻھون آھن۔۔۔۔يا وري مونکي ائين لڳندو آھي۔۔۔سائين جن جي ھر پوسٽ استاد جي شاعري جي ھوندي آھي۔
عرس صاحب جن استاد جا وڏي ۾ وڏا فين آھن۔
سائين جن کي اسان پاران به لک لک واڌايون
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

عرس پريو کي آ سنڌ سلامت جو پريو مڙس سمجهندو آهيان ۔۔۔ منهنجي ڏاڏا سائين جو نالو به محمد پريل هو ۽ ڳوٺ جا ماڻهون کيس پريو مڙس سڏيندا هئا ۔۔۔ پريي مڙس جي معني آهي، سچو، وفادار ۽ فهميدو ماڻهون جيڪو پنهنجي فهم ۽ سچائي سان ماحول کي صاف رکندو هجي ۔۔۔

عرس پريو پڻ سنڌ سلامت جو هڪ فهميدو ۽ سڄاڻ دوست آهي ۔۔۔ سنڌي ادب سان ۽ خاص ڪري استاد سان چاهه سندس بي انتها آهي، بلڪ آ سندس سبب ئي استاد بخاري کي گهڻو پڙهيو آهي ۽ سمجهيو آهي ۔۔۔ هي ماٺيڻو دوست حسن پرست ۽ عاشق مذاج پڻ آهي ۔۔۔ سهڻيون شڪليون کيس تمام گهڻو موهينديون آهن ۔۔۔

سنڌ سلامت جي دوستن کي هڪ مٺ ڪرڻ، ڪو رسي وڃي ته انکي پرچائڻ ۽ جي ڪو نئون دوست هجي ته انکي دل جي گهراين سان گل پيش ڪرڻ جو ڪم تمام سچائي سان ڪندو آهي ۔۔۔ انڪري ئي آ کيس پريو مڙس چوندو آهيان ۔۔۔

ملڻ جو اهڙو ته مٺڙو جي اصل ماکي جهڙو ۔۔۔ تمام سهڻو دوست آهي ۽ اسانکي سندس دوستي تي فخر آهي ۔۔۔ هي ته 1000 جو انگ آهي پر سندس سچائي سان پيش ڪيل هڪ هڪ ليک قيمتي آهي ۔۔۔

سلام دوست عرس پريا صاحب ۔۔۔ منهنجي پاران ڀاڪر ۽ مٺيون قبول پون ۔۔۔ اميد ته ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ماشاءَ الله

دوست عرس پريو واقعي ملڻ ۾ مٺو۔۔ سادگي وارو انداز ۽ سٺو دوست پڻ آهي۔

سندس تحريرون دوستن جي همٿ افزائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن۔


پياري دوست عرس پريو کي مون پاران به 1000 تحريرن جي تڪميل تي مبارڪون هجن۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادي عرس پريي کي 1000 تحريرن تي مبارڪون هجن۔

ابا دير ٿي آهي پر دل ۾ نه ڪجان اڄ ئي وارو مليو آهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ننڍپڻ ۾ منهنجا چند پڳ مٽ يار هئا جيڪي اڄ ڇڙوڇڙ آهن ۔۔۔۔۔۔ بس هڪ عرس پريو ئي آهي جيڪو رابطي ۾ آهي۔۔۔
جڏهن سنڌ سلامت جو وجود ٿيو ته عرس انٽرنيٽ جي الف ب به نه ڄاڻندو هيو۔۔۔ هڪ دفعي ملاقات ۾ ڏٺائين ته سنڌي کي ايترو سولائي سان انٽرنيٽ تي لکي پڙهي حيران ٿي ويو۔۔۔
پاڻ شايد اڃان به نيٽ تي قدم نه رکي ها پر سنڌ سلامت تي هلڪو تعارف پيش ڪرڻ جي موٽ ۾ ملندڙ محبت کيس مجبور ڪيو۔۔۔ ۽ اڄ ان شخص کي 1000 تحريرون مڪمل ڪندي مون کي به حيرت ٿي ٿئي ته مائوس جي ذريعي ڪلڪ ڪري لکندڙ اسان جو هي دوست نه صرف سنڌي لکڻ ۾ اڳرو پر سنڌ سلامت جي سمورن دوستن سان ملندي پنهنجو هڪ مقام جوڙي رکيو آهي۔۔۔
مان جڏهن سندس وٽ مهمان ٿيندو آهي ته کيس ڪمپيوٽر تي صرف سنڌ سلامت ئي هلائيندي ڏسندو آهيان ۔۔۔ پڇڻ تي ٻڌائيندو آهي ته سموري نيٽ سنڌ سلامت ۾ سمايل آهي۔۔۔ جتي نه صرف حاصل ڪرڻ سولو پر پنهنجي معلومات ونڊڻ به آسان آهي۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر پنهنجي دوستن ۾ به هر وقت سنڌ سلامت جي پرچارڪ ڪندڙ هي ساٿي اڳ کان اڳرو لڳندو آهي۔۔۔

سندس تحريرن کي ڏسي پڪ ٿي لڳي ته تعداد ۾ هڪ وڌيڪ زيرو جو اضافو لڳڻ ۾ دير نه لڳندي۔۔۔

منهنجا دوست۔۔۔۔۔ شل سکيو رهين۔۔۔۔۔!
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا پريا مڙس توهان کي فقير پاران به توهان کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد

هجي

ڪڏهن روبرو ٿئي توهان کي ڀاڪر ضرور پائبو


الله پاڪ اوهان کي خوش رکي

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عرس پريو سان اسان کي هڪ ملاقات جو شرف حاصل ٿيوآهي۔سائين جي ڳالهين ۽ تحرير مان انهن جو باهمٿ،بي لوث،محنتي ۽ پنهجي مقصد سان وفادر انسان جو وجود ّظاهر ٿئي ٿو۔هر وقت هو بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن۔پريو صاحب جهڙي شخصيت لاء هڪ هزار تحريرن جو سگ ميل پار ڪرڻ ڪا وڏي ڪاميابي نه آهي هو ڪئي هزار تحريرون لکڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔آلله پاڪ شل هنن جي قلم کي وڌيڪ طاقت بخشي ۽ زنگ لڳڻ کان بچائي۔اسان جي طرفان به انهن کي دل جي گهرائين سان مبارڪون آهن۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عرس پريا صاحب اسان طرفان به اوهان کي 1000 تحريرن تي کوڙ ساريون واڌايون هجن ۔ اوهان جي فورم ۾ سٺيون خدمتون آهن ، اسان کي اوهان جي ساٿ تي ناز آهي ، شل ڄڙيو هجين ۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي جهوني جذباتي طرفان به کوڙ ساريون مبارڪون قبول هجن ادا عرس بابا چلتي رهو جيڪو ڪجه اوهان جي باري ۾ لکڻو هو وڏو ايڊمن لکي ويو مان لکندس ته ڪٿي سائين بشارت شآه کي نه ڪا پوائنٽ ملي وڃي ان ڪر ي بس تاڙيون ٿا وڄايون اوهان جي ان محنت تي باقي چپ ٻيٽيل آهين ههههههههههههههههههه الله خوش رکندئي بابا
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عرس پرِيي کي هن عاجز طرفان پڻ هڪ هزار تحريرن مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون سندن ڪافي تحريرون معلومات سان ڀرپور هونديون آهن ان سان گڏ فورم تي آيل مهمانن کي آجيان ڪرڻ ۾ پڻ پاڻ پيش پيش هوندا آهن اهڙن سنڌ دوستن کي سلام آهي جيڪي پنهنجي مفاد کي نه بلڪه قوم جي مفاد کي اهميت ڏين ٿا۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عرس پريو کي اسان جي طرفان به مبارڪون ۔
 
Back
Top