سنڌ سلامت جي نرالي ، نيازمند ميمبر ۽ اسان جي پياري دوست عرس پريو کي سنڌ سلامت تي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔ اسان جو هي دوست استاد بخاريء جي شاعريء جو عاشق آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جو ديوانو آهي۔ هڪ سال اڳ ساڻس سائين نثار ابڙو، علي علي ۽ ادا رشيد سمون جي موجودگيء ۾ ڪچهري ٿي هئي ۽ پوء هي ديوانو دوست اسان جي ساٿ ۾ اهڙو ته سمائجي ويو جو اسان کي به نصيحتون ڪري دڳ لائيندو آهي۔
جادوگر سان گڏ رهندي به جادوگري ڪونه سکي سگهيو آهي۔ پر هڪ ڳالهه ته ڪمپيوٽر کي ٺيڪ ڪرڻ جو نسخو شايد هن کان بهتر ڪنهن وٽ به ڪونه هوندو۔ دوستن سان دوستيون نڀائڻ جو به ڪوڏيو مڙس آهي۔ پر 1000 تحريرون لکڻ ۾ هڪ سال لڳائي ڇڏيائين پر ڪم پورو ڪري ويو۔
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد
محترم عرس پريو۔۔۔ٻه نالا آھن۔۔۔۔پريل عرس۔۔۔واھ واھ
سائين جن تمام سھڻا ۽ سٻاجھڙا ماڻھون آھن۔۔۔۔يا وري مونکي ائين لڳندو آھي۔۔۔سائين جن جي ھر پوسٽ استاد جي شاعري جي ھوندي آھي۔
عرس صاحب جن استاد جا وڏي ۾ وڏا فين آھن۔
سائين جن کي اسان پاران به لک لک واڌايون
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد
عرس پريو کي آ سنڌ سلامت جو پريو مڙس سمجهندو آهيان ۔۔۔ منهنجي ڏاڏا سائين جو نالو به محمد پريل هو ۽ ڳوٺ جا ماڻهون کيس پريو مڙس سڏيندا هئا ۔۔۔ پريي مڙس جي معني آهي، سچو، وفادار ۽ فهميدو ماڻهون جيڪو پنهنجي فهم ۽ سچائي سان ماحول کي صاف رکندو هجي ۔۔۔
عرس پريو پڻ سنڌ سلامت جو هڪ فهميدو ۽ سڄاڻ دوست آهي ۔۔۔ سنڌي ادب سان ۽ خاص ڪري استاد سان چاهه سندس بي انتها آهي، بلڪ آ سندس سبب ئي استاد بخاري کي گهڻو پڙهيو آهي ۽ سمجهيو آهي ۔۔۔ هي ماٺيڻو دوست حسن پرست ۽ عاشق مذاج پڻ آهي ۔۔۔ سهڻيون شڪليون کيس تمام گهڻو موهينديون آهن ۔۔۔
سنڌ سلامت جي دوستن کي هڪ مٺ ڪرڻ، ڪو رسي وڃي ته انکي پرچائڻ ۽ جي ڪو نئون دوست هجي ته انکي دل جي گهراين سان گل پيش ڪرڻ جو ڪم تمام سچائي سان ڪندو آهي ۔۔۔ انڪري ئي آ کيس پريو مڙس چوندو آهيان ۔۔۔
ملڻ جو اهڙو ته مٺڙو جي اصل ماکي جهڙو ۔۔۔ تمام سهڻو دوست آهي ۽ اسانکي سندس دوستي تي فخر آهي ۔۔۔ هي ته 1000 جو انگ آهي پر سندس سچائي سان پيش ڪيل هڪ هڪ ليک قيمتي آهي ۔۔۔
سلام دوست عرس پريا صاحب ۔۔۔ منهنجي پاران ڀاڪر ۽ مٺيون قبول پون ۔۔۔ اميد ته ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد
ننڍپڻ ۾ منهنجا چند پڳ مٽ يار هئا جيڪي اڄ ڇڙوڇڙ آهن ۔۔۔۔۔۔ بس هڪ عرس پريو ئي آهي جيڪو رابطي ۾ آهي۔۔۔
جڏهن سنڌ سلامت جو وجود ٿيو ته عرس انٽرنيٽ جي الف ب به نه ڄاڻندو هيو۔۔۔ هڪ دفعي ملاقات ۾ ڏٺائين ته سنڌي کي ايترو سولائي سان انٽرنيٽ تي لکي پڙهي حيران ٿي ويو۔۔۔
پاڻ شايد اڃان به نيٽ تي قدم نه رکي ها پر سنڌ سلامت تي هلڪو تعارف پيش ڪرڻ جي موٽ ۾ ملندڙ محبت کيس مجبور ڪيو۔۔۔ ۽ اڄ ان شخص کي 1000 تحريرون مڪمل ڪندي مون کي به حيرت ٿي ٿئي ته مائوس جي ذريعي ڪلڪ ڪري لکندڙ اسان جو هي دوست نه صرف سنڌي لکڻ ۾ اڳرو پر سنڌ سلامت جي سمورن دوستن سان ملندي پنهنجو هڪ مقام جوڙي رکيو آهي۔۔۔
مان جڏهن سندس وٽ مهمان ٿيندو آهي ته کيس ڪمپيوٽر تي صرف سنڌ سلامت ئي هلائيندي ڏسندو آهيان ۔۔۔ پڇڻ تي ٻڌائيندو آهي ته سموري نيٽ سنڌ سلامت ۾ سمايل آهي۔۔۔ جتي نه صرف حاصل ڪرڻ سولو پر پنهنجي معلومات ونڊڻ به آسان آهي۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر پنهنجي دوستن ۾ به هر وقت سنڌ سلامت جي پرچارڪ ڪندڙ هي ساٿي اڳ کان اڳرو لڳندو آهي۔۔۔
سندس تحريرن کي ڏسي پڪ ٿي لڳي ته تعداد ۾ هڪ وڌيڪ زيرو جو اضافو لڳڻ ۾ دير نه لڳندي۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد
ادا عرس پريو سان اسان کي هڪ ملاقات جو شرف حاصل ٿيوآهي۔سائين جي ڳالهين ۽ تحرير مان انهن جو باهمٿ،بي لوث،محنتي ۽ پنهجي مقصد سان وفادر انسان جو وجود ّظاهر ٿئي ٿو۔هر وقت هو بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن۔پريو صاحب جهڙي شخصيت لاء هڪ هزار تحريرن جو سگ ميل پار ڪرڻ ڪا وڏي ڪاميابي نه آهي هو ڪئي هزار تحريرون لکڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔آلله پاڪ شل هنن جي قلم کي وڌيڪ طاقت بخشي ۽ زنگ لڳڻ کان بچائي۔اسان جي طرفان به انهن کي دل جي گهرائين سان مبارڪون آهن۔
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد
ادا عرس پريا صاحب اسان طرفان به اوهان کي 1000 تحريرن تي کوڙ ساريون واڌايون هجن ۔ اوهان جي فورم ۾ سٺيون خدمتون آهن ، اسان کي اوهان جي ساٿ تي ناز آهي ، شل ڄڙيو هجين ۔
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد
سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي جهوني جذباتي طرفان به کوڙ ساريون مبارڪون قبول هجن ادا عرس بابا چلتي رهو جيڪو ڪجه اوهان جي باري ۾ لکڻو هو وڏو ايڊمن لکي ويو مان لکندس ته ڪٿي سائين بشارت شآه کي نه ڪا پوائنٽ ملي وڃي ان ڪر ي بس تاڙيون ٿا وڄايون اوهان جي ان محنت تي باقي چپ ٻيٽيل آهين ههههههههههههههههههه الله خوش رکندئي بابا
جواب: سنڌ سلامت جي نرالي ۽ نيازمند دوست عرس پريو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد
ادا عرس پرِيي کي هن عاجز طرفان پڻ هڪ هزار تحريرن مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون سندن ڪافي تحريرون معلومات سان ڀرپور هونديون آهن ان سان گڏ فورم تي آيل مهمانن کي آجيان ڪرڻ ۾ پڻ پاڻ پيش پيش هوندا آهن اهڙن سنڌ دوستن کي سلام آهي جيڪي پنهنجي مفاد کي نه بلڪه قوم جي مفاد کي اهميت ڏين ٿا۔