• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ملڪاڻي-بدين ۾ ٻوڏ متاثرين سان ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تذليل!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ڪلهه جڏنهن برساتن پوڻ کان چار ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ملڪاڻي جي هڪ ڪئمپ ۾ پهتو ته ماڻهن سوچيو پئي ته پي پي پي سنڌ ۾ تازو جيڪو مان وڃايو آهي، انهي جي ازالي لاءِ مرزا صاحب ڪنهن وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندو ۽ ماڻ هن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندو پر هتي ته گنگا ابتي وهي وئي!


هڪ ٻوڏ متاثر: سائين اسان پاڻي ۾ ٻڏون ٿا
مرزا : ته آئون وري ڪهڙو آسمان تي پيو هلان. سڀ ٻڏا پيا آهيون. ن.


60 ساله پوڙهو شخص : سائين اسان جو الهه تلهه پاڻي ۾ لڙهي ويو ڪجه مدد ڪر.
مرزا : چئين ته مائي وٺي ڏيان. شادي ڪندين؟


يونس ملڪاڻي (سنڌسلامت جو سينيئر ميمبر ۽ هڪ سوشل ايڪٽيوسٽ :
سائين مون وٽ ٻوڏ متاثرين جا صحيح انگ اکر
آهن ته ڪيترا گهر ڪريا آهن ۽ ڪيترا متاثر ٿيا
آهن…….

مرزا : اوهان ته ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. آئون اوهان جو ٻيڙو
ٻوڙيندس.


۽ انهي کان پوءِ مرزا روانو ٿي ويو. شايد سندس ٽي اي ڊي اي ٺهي چڪو هو.
 
جواب: ملڪاڻي-بدين ۾ ٻوڏ متاثرين سان ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تذليل!

متحده وارن وٽ نه هليس ته هاڻ پنهنجن تي ئي ڪاوڙ ڏمديندو
 
جواب: ملڪاڻي-بدين ۾ ٻوڏ متاثرين سان ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تذليل!

ذوالفقار مرزا ۽ حڪومتي وزيرن کي اسان ئي ووٽ ڏنو آهي۔ پر اسان ڪڏهن به سندن گهيرو ناهي ڪيو۔ يا وري اسان ان جي قابل ناهيون ٿي سگهيا۔ مرزا جو اهڙو رويو ڪو نئين ڳالهه ناهي ، هو سدائين پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان بد ڪلامي ۽ بد تميزي وارو رويو رکندو آهي۔

جيڪڏهن هو ڪجهه نه به ڪري ها پر سٺي نموني ڳالهه ٻڌي ها ۽ ماڻهن کي همت ٻڌرائي هان ته شايد ماڻهو ايڏو ناراص نه ٿين ها ۔۔۔۔۔۔ پر مرزا اسان سڀني جو هيرو هو ۔۔۔ ۽ شايد ڪو هڪڙو بيان ڏئي وري هيرو ٿئي ۔ ڇو ته اسان تنگ نظر آهيون ۽ ڊگهي سوچ جا مالڪ ناهيون۔
 
جواب: ملڪاڻي-بدين ۾ ٻوڏ متاثرين سان ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تذليل!

ادا ملڪاڻي توهان جو ٻيڙو الله تاريندو پر هُنن جو ٻيڙو غرق ٿي چڪو آهي، هنن جو جنازو سنڌ مان نڪري چڪو آهي، هاڻ ڀل واويلا ڪن، رليف پيڪج ڏين، يا وري نصرت ڀٽو جو لاش آڻي هاءِ گهوڙا ڪري هي اليڪشن کٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن، ڪجهه نه ٿيندو هنن جو جنازو سنڌ مان نڪري چڪو۔۔۔۔
 
Back
Top