ڪلهه جڏنهن برساتن پوڻ کان چار ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ملڪاڻي جي هڪ ڪئمپ ۾ پهتو ته ماڻهن سوچيو پئي ته پي پي پي سنڌ ۾ تازو جيڪو مان وڃايو آهي، انهي جي ازالي لاءِ مرزا صاحب ڪنهن وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندو ۽ ماڻ هن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندو پر هتي ته گنگا ابتي وهي وئي!
هڪ ٻوڏ متاثر: سائين اسان پاڻي ۾ ٻڏون ٿا
مرزا : ته آئون وري ڪهڙو آسمان تي پيو هلان. سڀ ٻڏا پيا آهيون. ن.
60 ساله پوڙهو شخص : سائين اسان جو الهه تلهه پاڻي ۾ لڙهي ويو ڪجه مدد ڪر.
مرزا : چئين ته مائي وٺي ڏيان. شادي ڪندين؟
يونس ملڪاڻي (سنڌسلامت جو سينيئر ميمبر ۽ هڪ سوشل ايڪٽيوسٽ :
سائين مون وٽ ٻوڏ متاثرين جا صحيح انگ اکر
آهن ته ڪيترا گهر ڪريا آهن ۽ ڪيترا متاثر ٿيا
آهن…….
مرزا : اوهان ته ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. آئون اوهان جو ٻيڙو
ٻوڙيندس.
۽ انهي کان پوءِ مرزا روانو ٿي ويو. شايد سندس ٽي اي ڊي اي ٺهي چڪو هو.