سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    اڄ فيسبوڪ تي هڪ وڊيو ڪلپ ڏسڻ لاء ملي جنهن ۾ علامه طاهرالقادري اهي دليل ڏئي رهيو آهي ته سنڌ محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ ئي باب الاسلام هئي۔ وڌيڪ اوهان به ٻڌو ۽ تاريخ کان واقف ٿيو :[/JUSTIFY]

     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم مان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    ڪارائتي ڄاڻ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سائين محترم وساڻ صاحب، اسين پڻ اهو ئي چوندا آهيون ته محمد بن قاسم ته تلوار کڻي اچي سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو هو، باقي اسلام محمد بن قاسم کان گهڻو اڳ هت پهچي چڪو هو ۽ انجي تبليغ شروع ٿي چڪي هئي، قرآني تعليم شروع ٿي چڪي هئي ۔۔۔ الله جي رسول پاران موڪليل اصحابي ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه پاران موڪليل ساٿي جيڪي لاهوت لا مڪان کان ٿيندا مڪران کان ٿيندا اچي سنڌ ۾ پهتا هئا ۔۔۔

    پر جيئن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا انڪري حجاج بن يوسف ۽ سندس ڀائٽي محمد بن قاسم جي هٿ ۾ تلوار هئي انڪري انهن کي اهميت ملي وئي آهي ۔۔۔

    سنڌ صدين کان مهذب ۽ علم جو گهواريو رهيو آهي ۽ سنڌ هر قسم جي علم کي قبول ڪرڻ ۽ ان مان مستفيض ٿيڻ جي سگهه رکي ٿي ۔۔۔ پر هن موجوده پاڪستان جي نظام ۾ سنڌين جون متيون منجهي ويون آهن، ۽ هزارين خرابيون اچي ويون آهن ۔۔۔ الله جان ڇڏائي باقي مستقبل قريب ۾ سنڌ جي جان ڇٽندي نظر نٿي اچي ۔۔۔

    جيڏو تنهنجو نانءَ ، ٻاجهه به اوڏيائي منڱيان۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سائين بلڪل اوهان جي ڳاله س فيصد درست آهي سنڌ ۾ اسلام محمد بن قاسم کان پهريان پهچي چڪو هو سنڌين کي مسلمان بڻائڻ واري بهاني عربن جو سنڌي قوم کي لٽڻ ۽ انهن مٿان حڪومت ڪرڻ جي سپني کي سچ ڪرڻ لاء محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاه يقينن سنڌين کي غلام بڻائڻ جي سازش هئي جنهن ۾ هو ڪيترا ڪامياب ٿيا اهو تاريخ کان ڳجهو نه آهي باقي سنڌي قوم جي فطرت ۾ ئي مسلمانيپ واريون ريتون رسمون پاتيون وڃن ٿيو عربن جي قبضي جي ڪري سنڌي قوم ۾ جيڪي تبديلون آيون انهن تي روشني وجهڻ به ضروري آهي پر مون جهوني وٽ جي ٽايم هجي ها ته ضرور ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    ادا اها ڄاڻ بلڪل صحيح آهي۔۔۔ ڇو ته ان سلسلي ۾ امام حسين عالي مقام عليه السلام جو هڪ فرمان پاڻ کي ملي ٿو جڏهن پاڻ يزيدي لشڪر جي سپهه سالار عمر ابنِ سعد کي چيو ته مون کي رستو ڏنو وڃي ته مان سنڌ طرف وڃان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    دوستن جي راء جي مهرباني ۔۔۔

    مان موضوع کي ٻئي طرف نه پر اصل رخ ۾ آڻڻ لاء دوستن کي عرض ڪندس ته هتي دليل طور ڪتابن جا حوالا پيش ڪن ته بهتر رهندو :

    اسلام محمد بن قاسم کان گهڻو اڳ هت پهچي چڪو هو ۽ انجي تبليغ شروع ٿي چڪي هئي، قرآني تعليم شروع ٿي چڪي هئي ۔۔۔ الله جي رسول پاران موڪليل اصحابي ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه پاران موڪليل ساٿي جيڪي لاهوت لا مڪان کان ٿيندا مڪران کان ٿيندا اچي سنڌ ۾ پهتا هئا ۔۔.

    حوالا هن طرح ڏنل آهن .

    تاريخ يعقوبي ج 1، ص 256

    ابن عساڪر، تاريخ دمشق الڪبير ج 32 ۽ ص 292

    خطيب بغدادي تاريخ بغداد جلد 10، صفحو 51.

    ڇا هي ڪتاب ڪٿان ملي سگهن ٿا؟؟؟ جيئن انهن ۾ اهي حوالا ڏسي سگهجن۔ منهنجو گهڻن دوستن سان دليلي بحث ٿيو آهي (فتني ۽ ڪيني ورو بحث نه ) ان لاء هي ڪتاب گهرجن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سنڌ صوفين جي ڌرتي تي اسلام گهڻو اڳ اچي چڪو هيو پر تاريخ دانن اسان کي اهو ئي ٻڌايو ته اسلام محمد بن قاسم کان پوء آيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    الله جي رسول پاران موڪليل اصحابي ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه پاران موڪليل ساٿي جيڪي لاهوت لا مڪان کان ٿيندا مڪران کان ٿيندا اچي سنڌ ۾ پهتا هئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهن جو ٿورو تفصيل ٻڌائيندا ته تمام ڀلو
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سائين ناياب ونڊ آهي ۔
     
  9. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    [/color]
    ادا سليمان ا تاريخ يعقوبي ۽ تاريخ بغداد جي ورڊ فائل توهان کي اماڻي سگهجي ٿي ،تاريخ دمشق في الوقت ميسر نه ٿي سگهي آهي ۔

    تاريخ بغداد جي انهن صفحي تي هڪ تفصيلي قصو لکيل آهي جنهن ۾ هڪ شخص جو سنڌ ۽ ٻي شخص جو افريڪا مان اچڻ جو ذڪر آهي ۽ انهن شخصن جي اچڻ کي سيدنا علي رضي الله عنه حديث جي مطابق پنهنجي وفات جي علامت قرار ڏني ۔ واقعو ڪافي تفصيلي آهي ۽ واقعي جي صحت سند جي تحقيق ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿي سگهي ٿي ۔
    تاريخ يعقوبي ۾ به ساڳيو واقعو هنن لفظن سان موجود آهي؛
    ولما اشتدت علته قدم عليه وفدان أحدهما من السند والآخر من إفريقية فلما بلغه قدومهما قال: أنا ميت بعد ثلاث. قال عيسى بن علي فقلت: بل يطيل الله بقاءك فقال: حدثني أخي إبراهيم عن أبي وأبيه عن أبي هاشم عبد الله بن محمد بن علي بن أبي طالب عن أبيه عن جده: أنه يقدم علي في مدينتي هذه في يوم واحد وافدان: أحدهما وافد السند والآخر وافد أهل إفريقية فلا يمضي بعد ذلك ثلاثة أيام حتى أغيب في لحدي ويورث الأمر بعدي. ثم نهض وقال: لا ترم مكانك حتى أخرج إليك.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    .....................................

    سيدنا عمر فاروق جي زماني ۾ 12 صحابي سنڌ ۽ هند جي مخلتف علائقن ۾ آيا سيدنا عثمان جي زماني ۾ پنج صحابين جي تشريف آوري ٿي ، سيدنا علي رضي الله عنه جي زماني ۾ ٽن صحابي جي تشريف آوري ٿي سيدنا معاويه جي زماني ۾چارصحابه ڪرام آيا .
    ياد رهي ته اهي سڀ سڳورا انهن جهادي قافلن سان آيا هئان جن هند ۽ سنڌ تي ڪاهون ڪيون .
    انهن ڪاهن مان واضح ٿئي ٿو سنڌ ۽ هند کي فتح ڪرڻ خلفاء راشدين جي مقصد هو .
    ڇا قوميت جا گيت ڳائيندڙ انهن صحابين سڳورن کي به محمد بن قاسم جئيان ڦورو قرار ڏيندا !!؟؟؟
    بهرحال ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته گذريل دورن ۾ سنڌ اسلام جو هڪ علمي مرڪز رهي آهي . الله تعالي اهي ماضي جون رونقون بحال ڪري جو سنڌ وري علوم القرآن ۽ علوم حديث جو گهواري بنجي وڃي .
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    ابن عساڪر 100 جلد ۾ ڇبجي چڪي آهي ليڪن قيمت ايتري اٿس جو وٺڻ کان ڳالهه ڳري آهي باقي ڪا اليڪٽرانڪ ڪافي هٿ اچي ته بهتر۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    ادا بشير احمد مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان تفصيلي حوالا ڏنا آهن ۔۔

    منهنجي هن موضوع موڪلڻ جو مقصد قطعي طور ڪا مخالفت ڪرڻ يا ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ يا اجائي نفرت وڌائڻ ناهي۔ مان صرف وڊيو ۾ آيل انهن تاريخي واقعن بابت وڌيڪ تفصيل وٺڻ پئي گهريا۔ هن وڊيو ڪلپ ۾ اهو ٻڌايل آهي ته حضور جن تبليغ اسلام لاء 5 اصحاب موڪليا هئا۔

    اوهان جي مهرباني جو اوهان حوالو ڏنو۔ اسلام امن ۽ سلامتي سان گڏ زندگيء کي احسن طريقي سان گذارڻ جا اصول سيکاري ٿو ۽ دنيا جو سڀ کان بهترين مذهب آهي۔

    مان اميد ڪندس ته سڀ دوست ڀائرن وانگر ۽ سٺي نموني پنهنجي راء ڏيڻ سان گڏ حوالا به ڏيندا۔ اوهان جيڪڏهن ورڊ فائل موڪليوته اوهان جي مهرباني ٿيندي۔
     
  12. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    ادا سليمان بالڪل توهان جي نيڪ نيتي تي شڪ نٿو ڪري سگهجي توهان ۡخود موضوع جو رخ ڦيرائيندڙ ساٿين کي تنبيٍھ ڪري چڪا آهيو ۔ منهنجي پوسٽ نمبر 9 ۾ ٻه الڳ پوسٽون آهن جيڪي ۡخود ڪار طريقي سان جوائن ٿي ويون آهن فورم جي اپگريڊنگ کانپو مون وٽ ڪنهن به پوسٽ ۾ ترميم جي آپشن ۾ ڪافي مسئلو ٿي رهيو
    باقي آئون ورڊ فائل اپلوڊ ڪري توهان کي لنڪ ڏيان ٿو ۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    وي بليٽن جي اپڊيٽنگ ۾ هڪ مسئلو اچي رهيو هو، آٽوميٽڪ ڊبل پوسٽ ٿيڻ جو، تنهنڪري ادا رشيد ڪا تبديلي آندي هئي۔ ان سان ڊبل پوسٽ ته رڪجي وئي پر اوهان جيڪڏهن ٻه تحريرون گڏ موڪليندا ته اهي مرج ٿي وينديون۔ ان تي به ڪم ڪري رهيا آهيون۔

    ٻيو ته ترميم جو مسئلو مون وٽ به آهي پر ان جو هڪ حل آهي ته تحرير جي ترميم تي ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان آساني سان ترميم ڪري سگهجي ٿي۔ تنهنڪري اوهان آئنده تحرير جي ترميم تي ڊبل ڪلڪ ڪندا ڪريو۔

    اوهان جي مهرباني ٿيندي، جڏهن فائل اپلوڊ ٿئي ته لنڪ ڏجو۔
     
  14. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    تاريخ بًغداد
    [ تاريخ بغداد - الخطيب البغدادي ]
    الكتاب : تاريخ بغداد
    المؤلف : أحمد بن علي أبو بكر الخطيب البغدادي
    الناشر : دار الكتب العلمية - بيروت
    عدد الأجزاء : 14

    ڊاونلوڊ لنڪ
    ادا سليمان توهان جو حوالو ورڊ فائلز جي ٻارنهين پارٽ ۾ آهي مون ان هاء لائيٽ ڪري ڇڏيو آهي ۔

    .....................................

    الكتاب : تاريخ اليعقوبي
    المؤلف : أحمد بن أبي يعقوب بن جعفر بن وهب بن واضح الكاتب المعروف باليعقوبي
    ڊاون لوڊ لنڪ
    حوالو ورڊ فائل جي پارٽ 2 ۾ آهي .
     
  15. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سائين تمان بهترين ونڊ ڪئي آهي توهان
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    مهرباني ادا بشير احمد

    خبر ناهي ڇو مون وٽ ziddu جا لنڪ ڪونه ٿا کلن۔ ٿي سگهي ٿو ته منهنجي نيٽ سان ڪو مسئلو هجي۔ مان آفيس مان کولڻ جي ڪوشش ڪندس۔
     
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ۾اسلام مُحمدبن قاسم کان به گهڻو اڳ پُهچي چُڪو هو

    سنڌ۾اسلام مُحمدبن قاسم کان به گهڻو اڳ پُهچي چُڪو هو

    اسلام محمد بن قاسم کان گهڻو اڳ هت پهچي چڪو هو ۽ انجي تبليغ شروع ٿي چڪي هئي، قرآني تعليم شروع ٿي چڪي هئي ۔۔۔ الله جي رسول پاران موڪليل حضرت علي ڪرم الله وجهه پاران موڪليل ساٿي جيڪي لاهوت لا مڪان کان ٿيندا مڪران کان ٿيندا اچي سنڌ ۾ پهتا هئا ۔۔. حوالا هن طرح ڏنل آهن . تاريخ يعقوبي ج 1، ص 256 ٻيو آهي ابن عساڪر، تاريخ دمشق الڪبير ج 32 ۽ ص 292 ٽيو حوالو ڏنل آهي خطيب بغدادي تاريخ بغداد جلد 10، صفحو 51. والله اعلم بثواب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سوچ اها ڪرڻ گهرجي ته آخر ڇو محمد بن قاسم کي باب السلام سنڌ سڏيو ٿو وڃي ۔
    وسلام
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    ڏاڏل سائين اهائي ڳالهه هتي بحث هيٺ اچڻ گهرجي پر دوستن جي سخت سوچ سبب ڊڄون پيا۔ اسان جا ڪيترائي دوست مون سميت ڪڏهن ڪڏهن جذبات ۾ اچي ذاتيات ڏي هليا وڃون ٿا جيڪو سراسر غلط آهي۔ جڏهن بحث ڪجي ته دليل ڏجن نه ڪي جذباتي ڳالهيون۔ ٻيو ته ڪوشش ڪري هميشه سٺن لفظن سان ۽ مثبت انداز سان ڳالهيون ڪجن۔

    اميد ته سڀ دوست ان ڳالهه جو خاص خيال رکندا۔ موضوع اهو ناهي ته محمد بن قاسم ڪير هو يا ڇا هو پر موضوع اهو هو ته سنڌ ۾ اسلام محمد بن قاسم کان اڳ ئي هيو ۽ اسلام جي تبليغ هلندڙ هئي۔ ان باري ۾ دليل ڏنا وڃن۔

    مهربانيون دوستن جون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سائين جڏهن حقيقتون سامهون اينديون ته ڪجھ ڳالهيون اهڙيون به ٿينديون جن سان انساني جذبات کي ٌيس پهچندي پر جي مقصد تينگاه هوندي ۽ اسان شخصيت پرستي کان ٻاهر نڪرندا سين ته ڪا ڳالھ سمجح ۾ايندي۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو