انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل سيريز يادگار سريز رهي جنهن ۾ عالمي چيمين ڀارت کي چئن ئي ميچن ۾ شڪست آئي ۽ ڀارت پهرين نمبر کان تين نمبر تي جڏهن ته انگلينڊ ٻئي نمبر تي اچي ويو۔ هن سيريز جا ڪجهه اڻ وسرندڙ واقعا هيٺ ڏجن ٿا۔
هن سيريز ۾ ڪرڪيٽ جي 2000 وين ٽيسٽ ميچ لارڊز گرائوند تي کيڏي وئي۔
راهول ڊريوڊ ٽئين نمبر تي بئٽنگ ڪندي ڏهه هزار رنسون ڪندڙ دنيا جو پهريون بئٽسمين بڻجي ويو۔
ڌوني ۽ پروين ڪمار اٺين وڪيٽ جي شراڪت ۾ مئچ جي ٻنهي انگز ۾ 84 ۽ 75 رنسون ٺاهي اٺين وڪيٽ جو رڪارڊ ڪيو۔
راهول ڊريوڊ لارڊز ٽيسٽ ۾ 12363 رنسون ٺاهي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو۔
لارڊز ٽيسٽ ۾ راهول ڊريوڊ چوٿين اننگز ۾ 1440 رنسون ٺاهي سڀ کان وڌيڪ رنسون ڍاهيندڙ رانديگر ٿي ويو۔
ناٽنگهم ٽيسٽ ۾ سچن ٽنڊلڪر پرڏيهي ملڪن ۾ 100 ٽيسٽ ميڇون کيڏندڙ دنيا جو پهريون رانديگر ٿي ويو۔
راهول ڊريوڊ ۽ سچن ٽنڊلڪر جي جوڙي ٽيسٽ ميچن ۾ پارٽنرشپ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جي پارٽنرشپ سان گڏ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ رانديگر به بڻجي ويا۔
اوول ٽيسٽ ۾ اميت مشرا کي آئوٽ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ 150 وڪيٽون وٺندڙ انگلينڊ جون پنجون اسپنر بڻجي ويو۔
لارڊز ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ دنيا جي 2000 وين ٽيسٽ هئي۔ ياد رهي ته پهرين 1000 ٽيسٽ 107 سالن ۾ ٻي هزار ٽيسٽ 27 سالن جي عرصي ۾ کيڏي وئي۔
لارڊز ٽيسٽ ٻنهي ملڪن ۾ ٿيندڙ 100 وين ٽيسٽ ميچ هئي۔
لارڊز ٽيسٽ ڊنڪن فليچر جي ڪوچ جي حيثيت ۾ 100 وين ٽيسٽ ميچ هئي۔ هو دنيا جو پهريون ڪوچ آهي جنهن 100 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪوچنگ ڪئي آهي۔ 96 انگلينڊ ۽ 4 ڀارت جي ٽيم جي ڪوچ جي حيثيت سان۔
ڪيون پيٽرسن 6000 رنسون ٺاهي قنگلينڊ جو 12 هون رانديگر بڻجي ويو۔ جڏهن ته هو جلدي ۾ 6000 رنسون ڪندڙن جي لسٽ ۾ چوٿون رانديگر آهي۔
ناٽنگهم ٽيسٽ ۾ اسٽيورٽ براڊ هيٽ ٽرڪ حاصل ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو 36هون ۽ انگلينڊ جو 12 هون رانديگر بڻجي ويو۔
انگلينڊ برمنگهم ٽيسٽ ۾ 710 رنسون ستن وڪيٽن جي نقصان تي ڪري ٽيسٽ اننگز جو وڏو اسڪور ڪيو۔
وريندر سهواگ برمنگهم ٽيسٽ ۾ ٻنهي اننگز ۾ صفر تي آئوٽ ٿي ڪنگ پيئر حاصل ڪري دنيا جو ٻيو رانديگر بڻيو۔
اِي اين بيل ۽ ڪيون پيٽرسن اوول ٽيسٽ ۾ 309 جي پارٽنرشپ ڪري هندستان خلاف سڀ کان وڏي پارٽنرشپ ڪئي۔
اِي اين بيل اوول ٽيسٽ ۾ 5000 رنسون ٺاهي انگلينڊ جو 21 هون رانديگر بنجي ويو۔