• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انگلينڊ : ڀارت ٽيسٽ سيريز 2011 جون يادگيريون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل سيريز يادگار سريز رهي جنهن ۾ عالمي چيمين ڀارت کي چئن ئي ميچن ۾ شڪست آئي ۽ ڀارت پهرين نمبر کان تين نمبر تي جڏهن ته انگلينڊ ٻئي نمبر تي اچي ويو۔ هن سيريز جا ڪجهه اڻ وسرندڙ واقعا هيٺ ڏجن ٿا۔

هن سيريز ۾ ڪرڪيٽ جي 2000 وين ٽيسٽ ميچ لارڊز گرائوند تي کيڏي وئي۔

راهول ڊريوڊ ٽئين نمبر تي بئٽنگ ڪندي ڏهه هزار رنسون ڪندڙ دنيا جو پهريون بئٽسمين بڻجي ويو۔

ڌوني ۽ پروين ڪمار اٺين وڪيٽ جي شراڪت ۾ مئچ جي ٻنهي انگز ۾ 84 ۽ 75 رنسون ٺاهي اٺين وڪيٽ جو رڪارڊ ڪيو۔

راهول ڊريوڊ لارڊز ٽيسٽ ۾ 12363 رنسون ٺاهي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو۔

لارڊز ٽيسٽ ۾ راهول ڊريوڊ چوٿين اننگز ۾ 1440 رنسون ٺاهي سڀ کان وڌيڪ رنسون ڍاهيندڙ رانديگر ٿي ويو۔

ناٽنگهم ٽيسٽ ۾ سچن ٽنڊلڪر پرڏيهي ملڪن ۾ 100 ٽيسٽ ميڇون کيڏندڙ دنيا جو پهريون رانديگر ٿي ويو۔

راهول ڊريوڊ ۽ سچن ٽنڊلڪر جي جوڙي ٽيسٽ ميچن ۾ پارٽنرشپ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جي پارٽنرشپ سان گڏ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ رانديگر به بڻجي ويا۔

اوول ٽيسٽ ۾ اميت مشرا کي آئوٽ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ 150 وڪيٽون وٺندڙ انگلينڊ جون پنجون اسپنر بڻجي ويو۔

لارڊز ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ دنيا جي 2000 وين ٽيسٽ هئي۔ ياد رهي ته پهرين 1000 ٽيسٽ 107 سالن ۾ ٻي هزار ٽيسٽ 27 سالن جي عرصي ۾ کيڏي وئي۔

لارڊز ٽيسٽ ٻنهي ملڪن ۾ ٿيندڙ 100 وين ٽيسٽ ميچ هئي۔

لارڊز ٽيسٽ ڊنڪن فليچر جي ڪوچ جي حيثيت ۾ 100 وين ٽيسٽ ميچ هئي۔ هو دنيا جو پهريون ڪوچ آهي جنهن 100 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪوچنگ ڪئي آهي۔ 96 انگلينڊ ۽ 4 ڀارت جي ٽيم جي ڪوچ جي حيثيت سان۔

ڪيون پيٽرسن 6000 رنسون ٺاهي قنگلينڊ جو 12 هون رانديگر بڻجي ويو۔ جڏهن ته هو جلدي ۾ 6000 رنسون ڪندڙن جي لسٽ ۾ چوٿون رانديگر آهي۔

ناٽنگهم ٽيسٽ ۾ اسٽيورٽ براڊ هيٽ ٽرڪ حاصل ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو 36هون ۽ انگلينڊ جو 12 هون رانديگر بڻجي ويو۔

انگلينڊ برمنگهم ٽيسٽ ۾ 710 رنسون ستن وڪيٽن جي نقصان تي ڪري ٽيسٽ اننگز جو وڏو اسڪور ڪيو۔

وريندر سهواگ برمنگهم ٽيسٽ ۾ ٻنهي اننگز ۾ صفر تي آئوٽ ٿي ڪنگ پيئر حاصل ڪري دنيا جو ٻيو رانديگر بڻيو۔

اِي اين بيل ۽ ڪيون پيٽرسن اوول ٽيسٽ ۾ 309 جي پارٽنرشپ ڪري هندستان خلاف سڀ کان وڏي پارٽنرشپ ڪئي۔

اِي اين بيل اوول ٽيسٽ ۾ 5000 رنسون ٺاهي انگلينڊ جو 21 هون رانديگر بنجي ويو۔
 
جواب: انگلينڊ : ڀارت ٽيسٽ سيريز 2011 جون يادگيريون

انهي ۾ هڪ اضافو اِهو به آهي ته

انڊيا جي ٽيم چئني ٽيسٽ مئچن جي ڪنهن به اننگز ۾ 300 کان مٿي اسڪور نه ڪيو۔
 
جواب: انگلينڊ : ڀارت ٽيسٽ سيريز 2011 جون يادگيريون

انهي ۾ هڪ اضافو اِهو به آهي ته

انڊيا جي ٽيم چئني ٽيسٽ مئچن جي ڪنهن به اننگز ۾ 300 کان مٿي اسڪور نه ڪيو۔

جي ها انڊيا جي ٽيم صرف چوٿين ميچ جيڪو اوول ۾ کيڏيو ويو هو ، ان جي پهرين انگز ۾ 300 رنسون ڪيون۔ سندن اسڪور ڪجهه هيئن رهيو:

پهرين ٽيسٽ لارڊز :

پهرين اننگز : 286

ٻي انگز : 261

ٻي ٽيسٽ ناٽنگهم:

پهرين اننگز : 288

ٻي انگز : 158

ٽين ٽيسٽ برمنگهم:

پهرين اننگز : 224

ٻي انگز : 244


چوٿين ٽيسٽ اوول :

پهرين اننگز : 300

ٻي انگز : 283
 
جواب: انگلينڊ : ڀارت ٽيسٽ سيريز 2011 جون يادگيريون

هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

انڊيا وارا رانديگر گهڻي ڪرڪيٽ سبب ٿڪل ۽ آئوٽ ڪلاس پئي لڳا۔

انڊيا جي ٽيم سٺن بئٽسمينن تي مشتمل آهي۔ ڪم بيڪ ڪرڻ جي سٺي صلاحيت آهي هن ٽيم ۾۔
 
جواب: انگلينڊ : ڀارت ٽيسٽ سيريز 2011 جون يادگيريون

ادا انڊيا ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپو خواب خرگوش جا مزا ماڻڻ لڳو هيو۔ جنهن کي انگليڊ ٺيڪ ٺاڪ طريقي سان جاڳايو۔
 
جواب: انگلينڊ : ڀارت ٽيسٽ سيريز 2011 جون يادگيريون

ادا انڊيا ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپو خواب خرگوش جا مزا ماڻڻ لڳو هيو۔ جنهن کي انگليڊ ٺيڪ ٺاڪ طريقي سان جاڳايو۔

اڙي منهنجا ڀاء درويش ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

انگلينڊ انڊيا کي جاڳايو ناهي پر همراهن جا اصل ڪم ئي لاهي ڇڏيا آهن۔ عزت ئي مٽيء ۾ ملائي ڇڏي اٿنن۔ عالمي چيمپين کي ايڏي وڏي شڪست ؟ يقين ئي ڪونه ٿو اچي پر ۔۔۔۔۔۔ ڌوني جا همراهه توباهون پيا ڪن۔
 
Back
Top