
سنڌ جي سينير وزير ذوالفقار مرزا پارٽي جي سينير نائب صدارت، وزارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان استعفى ڏئي ڇڏي۔ اڄ شام پريس ڪلب ڪراچي ۾ قرآن شريف تي هٿ رکي پريس ڪانفرنس ڪئي۔ هن رحمان ملڪ تي سنگين الزام هڻندي چيو ته ڪراچي ۾ امن امان کي خراب ڪندڙ هڪ ئي شخص آهي جيڪو قاتلن جي پوئواري سان گڏ ايم ڪيو ايم لاء ڪم ڪندو رهيو آهي۔
الطاف حسين قاتل آهي، ايم ڪيو ايم هڪ قاتل تنظيم آهي جنهن تي سنڌ جي روينيو جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿين ٿا۔
صحافي ولي خان بابر جا قاتل ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين آهن۔
جڏهن نائن زيرو ويس ته منهنجي باڊي لينگيوئيج ايئن لڳي رهي هئي ڄڻ سنڌين جي جنازي ۾ آيو آهيان۔
خدمت خلق جي ايمبولينس ۾ اسلحو ويندو آهي، لاش اڇلايا ويندا آهن۔