• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعفى

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
25a0qz7.jpg


سنڌ جي سينير وزير ذوالفقار مرزا پارٽي جي سينير نائب صدارت، وزارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان استعفى ڏئي ڇڏي۔ اڄ شام پريس ڪلب ڪراچي ۾ قرآن شريف تي هٿ رکي پريس ڪانفرنس ڪئي۔ هن رحمان ملڪ تي سنگين الزام هڻندي چيو ته ڪراچي ۾ امن امان کي خراب ڪندڙ هڪ ئي شخص آهي جيڪو قاتلن جي پوئواري سان گڏ ايم ڪيو ايم لاء ڪم ڪندو رهيو آهي۔

الطاف حسين قاتل آهي، ايم ڪيو ايم هڪ قاتل تنظيم آهي جنهن تي سنڌ جي روينيو جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿين ٿا۔

صحافي ولي خان بابر جا قاتل ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين آهن۔

جڏهن نائن زيرو ويس ته منهنجي باڊي لينگيوئيج ايئن لڳي رهي هئي ڄڻ سنڌين جي جنازي ۾ آيو آهيان۔

خدمت خلق جي ايمبولينس ۾ اسلحو ويندو آهي، لاش اڇلايا ويندا آهن۔













 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

مرزا صاحب اصولن تي استيفى ته ڏيندو آهي پر وري پاڻ پنهنجا اصول ڀڃيندو به آهي
 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

مرزا صاحب اصولن تي استيفى ته ڏيندو آهي پر وري پاڻ پنهنجا اصول ڀڃيندو به آهي

پر اهڙو سخت فيصلو هن ڪڏهن به ناهي ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔

ڏسڻو اهو آهي ته پ پ پ جي قيادت جا ايندڙ فيصلا ڪهڙا آهن۔ مرزا وٽ ايم ڪيو ايم پاران ڪيل ظلمن جا ڪيترائي ثبوت آهن ، جن جي هو دعوى ڪري رهيو آهي۔
 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

تبصرا ته ٿيندا رهندا پر تڪڙو ان پريس ڪلب جون ڪجهه وڊيوز لڳائي دوستن کي مڪمل آگاهي ڏجي ٿي۔۔۔




 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

ذوالفقار مرزا جي تقرير تي جيو پاران ڪامران خان ۽ حامد مير جو تجزيو


 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

مرزا صاحب ھڪ دفعو ٻيھر ھيرو۔۔۔۔۔۔سندن اھڙي جرت تي سلام پيش ٿا ڪريون
 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

ايم ڪيو ايم سان گڏ پيپلز پارٽي لا۽ به مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون اٿئائين باقي ڪم ته چڳو ڪيو اٿائين

سدائين گڏ
 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

واقعي سچ ٻولو انسان آهي
 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

دوستو ڳالهه صرف اتي ختم نه ٿي آهي۔۔۔ ذوالفقار مرزا پنهنجي ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس کان پوءِ مشهور نجي چينل جي مشهور پروگرام جي مشهور اينڪرس اڳيان هڪ انٽرويو پڻ ڏنو ۔۔۔۔ جنهن ٻرندي تي تيل جو ڪم ڏنو۔۔۔۔۔۔ سندس پريس ڪانفرنس جيتري اهميت رکندڙ هن انٽرويو کي دوستن جي دلچسپي خاطر وڊيو جي صورت ۾ لڳائجي ٿو۔۔۔۔۔ ياد رهي ته هتي وڊيو نمبر 7 (سيڪنڊ لاسٽ) ۾ ذوالفقار مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته بشير قريشي ۽ صفدر سرڪي جي پارٽي سان تعلق رکندڙ هڪ لياري جو سنڌي جنهن کي مير جعفر ۽ مير صادق جو خطاب ڏيندي واضح ڪيو آهي ته اهو کيس قتل ڪرڻ جي منصوبي ۾ بدين، ٺٽو، حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين پڻ سندس تعاقب ۾ رهيو آهي... جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي... جنهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ بشير قريشي ۽ صفدر سرڪي پڻ کيس ڪئي دفعا فون ڪئي آهي...








 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

پاڪستان جي گندي ۽ منافقت ڀري سياست ۾ سچائي ۽ اصول پسندي جي ڪابه گنجائش نه آهي اهوئي سبب جو مرزا جو استعيفي به فورا منظور ٿي ويو هڪ ٻن کي ڇڏي باقي سنڌي قومپرست سنڌين جي لا نظرياتي ۽ عملي طور تي ايم ڪيو ايم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن ، انهن ته سنڌ جي تعليمي درسگاھ سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي نظام جو به جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪا غريب سنڌين جي لا سستي تعليم جو واحد ذريعو آهي ، حيدرآباد ۾ سنڌين جي اڪيلي وسندي قاسم آباد جا رهاڪو سنڌي قومپرستن کي عياشين جي لا ڀتو ڏيئي ٿڪجي پيا آهن ۔
 
جواب: ذوالفقار مرزا جي وزارت، پارٽي جي نائب صدارت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان است

ذوالفقار مرزا سچ چئي پنهنجي گناهن جو ڪفارو ادا ڪيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ اهڙو سچ جنهن ۾ هن ملڪ توڙڻ کانوٺي، آمريڪا، برطابيه جي ملوث هجڻ بابت الطاف جو بيان مٿي تي قرآن شريف رکي ٻڌايو آهي۔ جيڪڏهن هاڻي به انهن ڳالهين جي ڪا صحيح رخ ۾ جانچ ڪانه ٿي ته پوء هن ملڪ جو خدا حافظ آهي ۽ ايندڙ وقت پوء گهڻي خون خرابي وارو رهندو جنهن لاء تيار رهڻ گهرجي۔
 
Back
Top