• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غيرتمند سنڌيو ڊاڪٽر ذوالفقار جي قيادت ۾ مُنظم ٿي ٻاهر نڪرو متان وڏيرا توهانجي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اسان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان گڏ آهيون، اسان کي اونده ۾ صرف اهو غيور ۽ غيرتمند سنڌي نه اُجهامڻ جهڙو ۽ ٽمٽمائيندڙ ڏيئو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪو حق ۽ سچ جي ڳاله زور ۽ پريشر جي ڪري به بل آخر ڪري وجهي ٿو هن جي باڊي لينگئيج ٻُڌائي ٿي ته هي بهادر انسان سنڌ امڙ سان ڪيڏو وفادار ۽ سچو آهي جنهن جو هر جذباتي روح ڪانڊائندڙ لفظ اسان جي روح کي جسم مان ٻاهر ڪڍي اسان کي پُڪاري غيرت ڏياري ٿو ته غيرتمند سنڌيو ڊاڪٽر ذوالفقار جي قيادت ۾ مُنظم ٿي ٻاهر نڪرو متان سنڌي وڏيرا توهانجي سنڌڙي ڀُڳڙن مُٺ وڪڻي نه ڇڏين.
 
جواب: غيرتمند سنڌيو ڊاڪٽر ذوالفقار جي قيادت ۾ مُنظم ٿي ٻاهر نڪرو متان وڏيرا توهانجي

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سچ ڳالهائي هن دور جي ستل ماڻهن ۽ انهن ماڻهن کي آواز ڏنو آهي جيڪي سچ ڳالهائڻ کان ڊڄي رهيا هئا۔ مونکان ذوالفقار مرزا جا اهي لفظ ڪڏهن ڪونه وسرندا جنهن ۾ هو چوي پيو ته سچ ڳالهائڻ سڀ کان سولو ۽ آسان ڪم آهي۔ ڪوڙ ڳالهائڻ ڏکيو ۽ ان کي جسٽيفاء ڪرڻ اڃان به ڏکيو هوندو آهي، تنهنڪري سچ جو ساٿ ڏيو۔

گهڻيون ڳالهيون آهن جن تي اهو ڏسڻو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ ٻيا ادارا ڪهڙيون تحقيقات ٿا ڪن پر ذوالفقار مرزا سچ ڳالهائي پنهنجي گناهن جو ۽ خاموش رهڻ جو ڪفارو ادا ڪيو آهي۔ ڏسڻو اهو آهي ته ملڪ جو عوام سچ جو ساٿ ٿو ڏئي يا ڪوڙ جو۔
 
مرزا صاحب جي ان عمل تي هن وقت ئي تبصرا شروع ٿي چڪا آهن اسان جي علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارندا اهي افواه ماڻهن ۾ ڦيلائڻ ۾ مصروف آهن ته ڊاڪٽر صاحب جو دماغي توازن ٺيڪ نه آهي سندس گهر واري پڻ اهو اعتراف ڪري ٿي وغيره وغيره بهرحال اهڙو ڪڙو سچ ۽ اهڙي وڏي قرباني جو پنهنجا سڀ مفاد عهدا ههڙي دور ۾ ڦٽي ڪرڻ يقينا هڪ عظيم قرباني آهي ليڪن اسان جي سنڌي سياستدان جيڪڏهن سڀ متفق ٿي ان اشو کي اڳتي وڌائيندا ته پوء سنڌ ۽ سنڌين جو بچاء ٿيندو ورنه محترمه وانگر ڊاڪٽر صاحب به شهادت جي راه جو راهي ٿي ويندو جو انصاف ته نالي ماتر به اسان جي ملڪ ۾ نه آهي جيئن مٿي سائين سليمان بيان ڪيو ته ميڊيا جا اينڪر اهڙا سوال ڪري فتني جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن خاص ڪري اردو ڳالهائڻ وارا اينڪر ايم ڪيو ايم جا ايجنڊ هر موڙ تي ايم ڪيو ايم جي وڪالت ۾ مصروف نظر ايندا آهن نه انهن کي خدا جو خوف آهي نه وري ڪو حيا يا شرم . ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪو بيان آيو آهي يا ايم ڪيو ايم حڪومت کان ٿورو ناٽڪ ڪري پري ٿي آهي ته رت جو نديون وهي ٿي وڃن ان خلاف آواز اٿارڻ به ايڏو گناهه آهي هي ته انڌير نگري کان به ڪم چڙهي ويو آهي اينڪر چون ٿا ته توهان ايم ڪيو ايم تي هروڀرو سنگين الزام هڻي رهيا آهيو باقي هو ته ويچارا معصوم آهن هميشه جيان دهشتگردن ۾ وڏو انگ ايم ڪيو ايم جو رهيو آهي هاڻي به مرزا صاحب جي بيان مان اهو ظاهر ٿيو ته 26 ماڻهو دهشگردي ۾ ملوث جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي انهن 26 ماڻهن ڪيترا بي گناهه قتل ڪيا هوندا وري به انهن کي سياسي پناهه ڏئي آزاد ڪرايو پيو وڃي ۽ اسان جا سنڌي حڪمران به ان ۾ خوش آهن ان مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌي سرمائيدار حڪومت ۾ شامل بيوروڪريٽ ڪيترا سنڌ ۽ سنڌي عوام سان مخلص آهن چڪرا ڳوٺ ۾ اهڙو هاڃو ٿيو ڪنهن جي ڪن تي جون به ڪانه رينگي ڇو اهي ماڻهو نه هئا باقي ايم ڪيو ايم خلاف بيان به برداشت نه آهي هي ڪهڙو انصاف آهي خدارا سجاڳ ٿيو ورنه غلامي جي زندگي بسر ڪرڻ لاء تيار رهو.​
 
جواب: غيرتمند سنڌيو ڊاڪٽر ذوالفقار جي قيادت ۾ مُنظم ٿي ٻاهر نڪرو متان وڏيرا توهانجي

سنڌ ڪارڊ هڪ حقيقت ۽ هڪ سچائي آهي، جنهن کي هر ڪنهن 5 هزار سالن کان پنهنجي مُفادن لاءِ پنهنجو هٿيار بڻايو ۽ پنهنجن طريقن سان استعمال ڪيو، سنڌ ڪارڊ جيئن ته اتحاد ڪارڊ آهي اُن ڪري اُهو ڪيش به قومي اتحاد سان ٿيندو نه ڪي ضرورتمندن جي ضرورت تحت، 1947 کان قائد اعظم کان وٺي 2011 ذوالفقار مرزا تائين، هر سياستدان ۽ قومي نيشنلسٽ ،توڙي مذهبي پيشوار ان کي استعمال ڪندا اچن. سنڌ ڪارڊ بابل اسلام لاءِ به استعمال ٿيو ڪي مُتعسب جرنلسٽ، اينڪر، سياسي ليڊر، اخبارون هن کي پاڻ لاِ چيلينج سمجهن ٿا.
 
Back
Top