سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران برسات متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي​


    رپورٽ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام. تصويرون نثاراحمدناز​

    [JUSTIFY]ڪالهه 28 آگسٽ 2011ع آچر جي ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران برسات متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي . اها امداد خدمت سنڌ فائونڊيشن جي آفيس ۾ ورهائي ويئي ، هي امداد خالص پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت سنڌ ترقي پسند پارٽي وارن ورهائي، امداد ۾ اٽي ، چانور جا پيڪٽ ان کان علاوه متاثرين ۾ عيد واسطي ڪپڙن جا وڳا به ڏنا ويا، سنڌ ترقي پسند پارٽي جا بي لوث ڪارڪن صُبح سويري کان ئي امداد جون ٿيليون متاثرين کي ورهائڻ لاءِ هڪ هنڌ جمع ڪري رهيا هُئا، متاثرين کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي رهنما محترم ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته اسان هي امداد خالص انساني همدردي جي ناتي سان ورهائي رهيا آهيون، هتي اسان پنهنجي سياست چمڪائڻ ڪونه آيا آهيون اسان جو هر ڪارڪن غريبن جي سهائتا لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت اها امداد غريبن لاءِ جمع ڪري رهيو آهي، اسان هر موڙ تي غريبن جي مالي سهائتا بغير ڪنهن لالچ لوڀ جي ڪئي آهي ۽ آئنده به اها امداد غريبن ۾ ورهائيندا رهنداسين. برسات متاثرين سان ڳالهائيندي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته برسات جو ن سيلاب ڪاريون هُجن تڏهن به اسان پنهنجي سنڌي قوم کي ڪونه وساريو سنڌي قوم جي پنهنجي وس آهر مالي سهائتا ڪئي ، هينئر به اسان پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت بنا ڪنهن مت ڀيد جي سنڌ جي هر عورت ۽ هر مرد جي خدمت ڪري رهيا آهيون اسان پنهنجو سک چين آرام برسات متاثرين لاءِ ڦٽائي ڇڏيو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران سوين متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي.[/JUSTIFY]

    پيش آهي امداد ورهائڻ جو تصويري احوال

    [​IMG]
    خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو آفيس بورڊ

    [​IMG]
    ترقي پسند پارٽي سنڌ جو مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري ٽنڊو محمد خان ۾ برسات متاثرين کي خطاب ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان صدر محترما ثمينه خاصخيلي برسات سٽيلن سان ڳالهائي رهي آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڊاڪٽر احمد نوناري برسات سٽيلن کي امداد ورهائي رهيو آهي

    [​IMG]
    ترقي پسند پارٽي هاري تحريڪ سنڌ جو صدر محمد جمن سمون غريبن ۾ امداد ورهائي رهيو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي امداد ورهائي رهي آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    برسات متاثرين امداد جي آسري ۾ ويٺل جنهن ۾ اڪثيريت عورتن جي هُئي​
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

    سائين تمام سٺو ڪم آهي۔

    عيد جي مناسبت سان پنهنجن جي ڏکن ۾ سامل ٿيڻ کپي ۽ انهن جي مدد ڪجي۔ مدد ڪندڙن کي الله گنج ڏيندو۔ شل سنڌ سکيي هجي
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

    مهرباني ادا مرتضى وساڻ ، شال هن دُکي سنسار تان مالڪ ڏُک جا ڪارا ڪڪر ختم ڪري کين آسودو ڪري، الله سائين پنهنجي گنج مان ڏي جو ڏيئي نه پچاري ، ترقي پسند وارن کي شابس هُجي جو هنن غريبن جي وقت سر امداد ڪري غريبن جي عيد کي ٿورو گهڻو سُٺو بنايو۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

    سائين نثار ناز سلام

    هاڻوڪين برساتن سنڌ جي لاڙ واري حصي خاص ڪري بدين، ٺٽي، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ گهڻي تباهي آندي آهي ۽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن۔ گذريل سال به رمضان جي مهيني ۽ عيد تي ماڻهو دربدر هئا ۽ هن سال به ساڳي صورتحال آهي۔

    ترقي پسند جي دوستن خاص ڪري سائين احمد نوناري صاحب ۽ ناري تحريڪ جي ادي ثمينه خاصخيلي جون ڪاوشون قابل تعريف آهن جن سنڌي ماڻهن جي عيد ڪجهه بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏني۔ اوهان جي سٺي ڪوريج آهي، ان لاء اوهان به کيرون لهڻيون۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

    ادا محمد سليمان وساڻ وعليڪم السلام
    ادا سچي ڳالهه اها آهي ته هيلوڪي سانوڻ سنڌ جي ڏاکڻي علائقي کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي، جيئن جيئن انهن جي حالت زار ڏسون ٿا اصل اندر ۾ وڍ ٿا پون، هي محتاجي مخلوق تمام گهڻي پريشان آهي هنن جون عيدون هيلوڪو ملهار زوري کسي ويو آهي اصل دل رت جا ڳوڙها پئي وهائي جنهن سان ٿا اندر جو حال اوريون هو بن بادل جي برسيو پون۔ مونکي خود نٿو سمجهه ۾ اچي ته معصوم ٻار ٻچا عورتون مرد جيڪي اسان جي ٻهراڙين جي علائقي ۾ رهندا آهن جن وٽ نه رهڻ لا گهر رهيو آهي نه هنن وٽ کائڻ لا اناج رهيو آهي اهي عيد ڪيئن ڪندا۔ اهو سوچي سوچي اندر وڍجيو ٿو پوي ۔ شل قادر ڪرم ڪري شال ٻاجهه ڪري۔ تون به دعا ڪر ته مان به به رب مالڪ مهربان جي حضور دعا ٿو گهران۔ شل رحم ڪري۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو