• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

نثارناز

سينيئر رڪن
ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران برسات متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي​

رپورٽ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام. تصويرون نثاراحمدناز​

ڪالهه 28 آگسٽ 2011ع آچر جي ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران برسات متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي . اها امداد خدمت سنڌ فائونڊيشن جي آفيس ۾ ورهائي ويئي ، هي امداد خالص پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت سنڌ ترقي پسند پارٽي وارن ورهائي، امداد ۾ اٽي ، چانور جا پيڪٽ ان کان علاوه متاثرين ۾ عيد واسطي ڪپڙن جا وڳا به ڏنا ويا، سنڌ ترقي پسند پارٽي جا بي لوث ڪارڪن صُبح سويري کان ئي امداد جون ٿيليون متاثرين کي ورهائڻ لاءِ هڪ هنڌ جمع ڪري رهيا هُئا، متاثرين کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي رهنما محترم ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته اسان هي امداد خالص انساني همدردي جي ناتي سان ورهائي رهيا آهيون، هتي اسان پنهنجي سياست چمڪائڻ ڪونه آيا آهيون اسان جو هر ڪارڪن غريبن جي سهائتا لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت اها امداد غريبن لاءِ جمع ڪري رهيو آهي، اسان هر موڙ تي غريبن جي مالي سهائتا بغير ڪنهن لالچ لوڀ جي ڪئي آهي ۽ آئنده به اها امداد غريبن ۾ ورهائيندا رهنداسين. برسات متاثرين سان ڳالهائيندي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته برسات جو ن سيلاب ڪاريون هُجن تڏهن به اسان پنهنجي سنڌي قوم کي ڪونه وساريو سنڌي قوم جي پنهنجي وس آهر مالي سهائتا ڪئي ، هينئر به اسان پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت بنا ڪنهن مت ڀيد جي سنڌ جي هر عورت ۽ هر مرد جي خدمت ڪري رهيا آهيون اسان پنهنجو سک چين آرام برسات متاثرين لاءِ ڦٽائي ڇڏيو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران سوين متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي.​

پيش آهي امداد ورهائڻ جو تصويري احوال

304959_10150304310278216_794048215_7905496_5828511_n.jpg

خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو آفيس بورڊ

317868_10150304308713216_794048215_7905474_3699360_n.jpg

ترقي پسند پارٽي سنڌ جو مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري ٽنڊو محمد خان ۾ برسات متاثرين کي خطاب ڪري رهيو آهي

294879_10150304290638216_794048215_7905256_4482838_n.jpg

ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان صدر محترما ثمينه خاصخيلي برسات سٽيلن سان ڳالهائي رهي آهي

299786_10150304261058216_794048215_7904841_7172559_n.jpg


300759_10150304258868216_794048215_7904807_3430720_n.jpg

ڊاڪٽر احمد نوناري برسات سٽيلن کي امداد ورهائي رهيو آهي

313267_10150304257693216_794048215_7904789_5634673_n.jpg

ترقي پسند پارٽي هاري تحريڪ سنڌ جو صدر محمد جمن سمون غريبن ۾ امداد ورهائي رهيو آهي

320855_10150304299998216_794048215_7905364_7208536_n.jpg


300157_10150304292568216_794048215_7905297_6641730_n.jpg

ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي امداد ورهائي رهي آهي

304694_10150304230288216_794048215_7904495_7714518_n.jpg


311927_10150304227573216_794048215_7904456_701013_n.jpg

برسات متاثرين امداد جي آسري ۾ ويٺل جنهن ۾ اڪثيريت عورتن جي هُئي​
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

سائين تمام سٺو ڪم آهي۔

عيد جي مناسبت سان پنهنجن جي ڏکن ۾ سامل ٿيڻ کپي ۽ انهن جي مدد ڪجي۔ مدد ڪندڙن کي الله گنج ڏيندو۔ شل سنڌ سکيي هجي
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

سائين تمام سٺو ڪم آهي۔

عيد جي مناسبت سان پنهنجن جي ڏکن ۾ سامل ٿيڻ کپي ۽ انهن جي مدد ڪجي۔ مدد ڪندڙن کي الله گنج ڏيندو۔ شل سنڌ سکيي هجي

مهرباني ادا مرتضى وساڻ ، شال هن دُکي سنسار تان مالڪ ڏُک جا ڪارا ڪڪر ختم ڪري کين آسودو ڪري، الله سائين پنهنجي گنج مان ڏي جو ڏيئي نه پچاري ، ترقي پسند وارن کي شابس هُجي جو هنن غريبن جي وقت سر امداد ڪري غريبن جي عيد کي ٿورو گهڻو سُٺو بنايو۔
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

سائين نثار ناز سلام

هاڻوڪين برساتن سنڌ جي لاڙ واري حصي خاص ڪري بدين، ٺٽي، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ گهڻي تباهي آندي آهي ۽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن۔ گذريل سال به رمضان جي مهيني ۽ عيد تي ماڻهو دربدر هئا ۽ هن سال به ساڳي صورتحال آهي۔

ترقي پسند جي دوستن خاص ڪري سائين احمد نوناري صاحب ۽ ناري تحريڪ جي ادي ثمينه خاصخيلي جون ڪاوشون قابل تعريف آهن جن سنڌي ماڻهن جي عيد ڪجهه بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏني۔ اوهان جي سٺي ڪوريج آهي، ان لاء اوهان به کيرون لهڻيون۔
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊومحمد خان پاران امداد ورهائي ويئي

سائين نثار ناز سلام

هاڻوڪين برساتن سنڌ جي لاڙ واري حصي خاص ڪري بدين، ٺٽي، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ گهڻي تباهي آندي آهي ۽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن۔ گذريل سال به رمضان جي مهيني ۽ عيد تي ماڻهو دربدر هئا ۽ هن سال به ساڳي صورتحال آهي۔

ترقي پسند جي دوستن خاص ڪري سائين احمد نوناري صاحب ۽ ناري تحريڪ جي ادي ثمينه خاصخيلي جون ڪاوشون قابل تعريف آهن جن سنڌي ماڻهن جي عيد ڪجهه بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏني۔ اوهان جي سٺي ڪوريج آهي، ان لاء اوهان به کيرون لهڻيون۔

ادا محمد سليمان وساڻ وعليڪم السلام
ادا سچي ڳالهه اها آهي ته هيلوڪي سانوڻ سنڌ جي ڏاکڻي علائقي کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي، جيئن جيئن انهن جي حالت زار ڏسون ٿا اصل اندر ۾ وڍ ٿا پون، هي محتاجي مخلوق تمام گهڻي پريشان آهي هنن جون عيدون هيلوڪو ملهار زوري کسي ويو آهي اصل دل رت جا ڳوڙها پئي وهائي جنهن سان ٿا اندر جو حال اوريون هو بن بادل جي برسيو پون۔ مونکي خود نٿو سمجهه ۾ اچي ته معصوم ٻار ٻچا عورتون مرد جيڪي اسان جي ٻهراڙين جي علائقي ۾ رهندا آهن جن وٽ نه رهڻ لا گهر رهيو آهي نه هنن وٽ کائڻ لا اناج رهيو آهي اهي عيد ڪيئن ڪندا۔ اهو سوچي سوچي اندر وڍجيو ٿو پوي ۔ شل قادر ڪرم ڪري شال ٻاجهه ڪري۔ تون به دعا ڪر ته مان به به رب مالڪ مهربان جي حضور دعا ٿو گهران۔ شل رحم ڪري۔
 
Back
Top