نثارناز
سينيئر رڪن
ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران برسات متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي
رپورٽ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام. تصويرون نثاراحمدناز
ڪالهه 28 آگسٽ 2011ع آچر جي ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران برسات متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي . اها امداد خدمت سنڌ فائونڊيشن جي آفيس ۾ ورهائي ويئي ، هي امداد خالص پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت سنڌ ترقي پسند پارٽي وارن ورهائي، امداد ۾ اٽي ، چانور جا پيڪٽ ان کان علاوه متاثرين ۾ عيد واسطي ڪپڙن جا وڳا به ڏنا ويا، سنڌ ترقي پسند پارٽي جا بي لوث ڪارڪن صُبح سويري کان ئي امداد جون ٿيليون متاثرين کي ورهائڻ لاءِ هڪ هنڌ جمع ڪري رهيا هُئا، متاثرين کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي رهنما محترم ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته اسان هي امداد خالص انساني همدردي جي ناتي سان ورهائي رهيا آهيون، هتي اسان پنهنجي سياست چمڪائڻ ڪونه آيا آهيون اسان جو هر ڪارڪن غريبن جي سهائتا لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت اها امداد غريبن لاءِ جمع ڪري رهيو آهي، اسان هر موڙ تي غريبن جي مالي سهائتا بغير ڪنهن لالچ لوڀ جي ڪئي آهي ۽ آئنده به اها امداد غريبن ۾ ورهائيندا رهنداسين. برسات متاثرين سان ڳالهائيندي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته برسات جو ن سيلاب ڪاريون هُجن تڏهن به اسان پنهنجي سنڌي قوم کي ڪونه وساريو سنڌي قوم جي پنهنجي وس آهر مالي سهائتا ڪئي ، هينئر به اسان پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت بنا ڪنهن مت ڀيد جي سنڌ جي هر عورت ۽ هر مرد جي خدمت ڪري رهيا آهيون اسان پنهنجو سک چين آرام برسات متاثرين لاءِ ڦٽائي ڇڏيو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران سوين متاثرين ۾ امداد ورهائي ويئي.
پيش آهي امداد ورهائڻ جو تصويري احوال
خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو آفيس بورڊ
ترقي پسند پارٽي سنڌ جو مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري ٽنڊو محمد خان ۾ برسات متاثرين کي خطاب ڪري رهيو آهي
ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان صدر محترما ثمينه خاصخيلي برسات سٽيلن سان ڳالهائي رهي آهي
ڊاڪٽر احمد نوناري برسات سٽيلن کي امداد ورهائي رهيو آهي
ترقي پسند پارٽي هاري تحريڪ سنڌ جو صدر محمد جمن سمون غريبن ۾ امداد ورهائي رهيو آهي
ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي امداد ورهائي رهي آهي
برسات متاثرين امداد جي آسري ۾ ويٺل جنهن ۾ اڪثيريت عورتن جي هُئي