ادا زاهد سومرا الجميلي سنڌ جي موجوده وقت جي دودي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڀلو قران مجيد ائين ته مٿي ڪونه کنيو هوندو۔ مونکي ته موجوده پي پي حُڪمرانن جي بي حيا ذهنيت تي شديد ڏُک آهي جو مڪارن، غدارن ، سنڌ جي ازلي دشمنن جڏهن سنڌ جي وزراتن تان گورنر شپ تان استعيفا ڏنيون هيون هُن ڏنڊي ڪونڊي جي موالي وزير اعلى مائي قائمان شاهه اڃان تائين انهن جي استعفى قبول ڪونه ڪئي آهي اڃان تائين پنهنجو مٿو ٽيڪيو انهن کي پنهنجو چڱو مڙس سمجهيو ويٺا آهن جيڪو پنهنجو پنهنجي جيجل ڌرتي جو ڄائو هو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ان جي استعفى قبول ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪئي آهي اڳڙين جي گڏي وزير اعلى۔
سنڌي سوڍي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جنهن پنهنجو رت ست وهائي پارٽي کي جيئندان ڏنو، جيڪو اڃان تائين سنڌي قوم کي اها اپيل ڪندو وتي ته پيپلز پارٽي جا هٿ مظبوط ڪيا وڃن آصف زرداري جا هٿ مظبوط ڪيا وڃن ، سنڌ جي ماڻهن جا هٿ مظبوط ڪيا وڃن ان کي پڇ لوڏائو بي حيا وڏيرا الائي ڇا ڇا چئي رهيا آهن۔ انهن کي پنهنجي سٿ مان ٻاهر ڪڍي بي اصولي بي حيائي جا مرتڪب ٿي رهيا آهن باقي ايم ڪيو ايم وارن جن ساري عمر سنڌ جي وسيلن تي سنڌي ماڻهن سان پنهنجي ظلمت جا جبل ٽوڙيا آهن جيڪي جڏهن به اٿندا آهن شهيد ڀٽو، ۽سنڌ راڻي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جون ڪردار ڪشيون ، سنڌي ماڻهن جو قتل عام، پيپلز پارٽي کي مُلڪ دُشمن چوڻ ۾ اڳي کان اڳرا هوندا آهن جيڪي سدائين پيپلز پارٽي وارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ڪو موقعو پنهنجي هٿن مان نه وڃائيندا آهن آخر ڪهڙو سبب آهي جو انهن کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهيو، انهن کي پنهنجي گلي سان لڳائي رهيا آهن جيڪي هر ڏُک هر سردي گرمي ۾ پارٽي سان ساٿ هُئا انهن کي دور دڪي رهيا آهن، اسين سڀ سنڌ واسي اهو سمجهون ٿا ته ڪوڙي ۽ مڪروه ٺاهه جنهن جو بنياد ئي مڪر ۽ ٺڳي تي هُجي نام نهاد امن جي نالي سان بي حيائي تي هجي اهو اسان جي سنڌ امڙ سان ويساهه گهاتي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي، اسان جي سنڌ سان غداري کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي۔ ڊڄو پيپلز پارٽي وارو جن جي آسري تي لڳي، پنهنجي پرين پيارن کي توهان ڌڪي رهيا آهيو، بجاءِ ظالمن ۽ مڪارن جي علائقن جي آپريشن ڪرڻ جي پنهنجي ئي علائقن جي ماڻهن جي جن ساري عمر غمين ۾ سردين ۾ پيپلز پارٽي جا ساٿ ڏنا آهن انهن ماڻهن جي علائقن ۾ آپريشن ڪرائي رهيا آهيو، سنڌين جي علائقن ۾ آپريشن ڪرائي رهيا آهيو جن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هنن سنڌ سان توهان جي ويساهه گهاتين کي وائکو ڪيو آهي۔ ظالم حُڪمرانو اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن توهان واپس سنڌين جي درن تي ايندا، اتي توهان پڪ ڄاڻجو اهي ايم ڪيو ايم وارا توهان جو ساٿ ڪونه ڏيندا۔ اهو توهان جا نام نهاد امن وارا ٺاهه ڪم ڪونه ايندا۔ پوءِ سنڌي قوم جي جوتن لاءِ تيار ٿي وڃجو، سنڌي قوم جڏهن توهان کي مسند اقتدار تي ويهاري سگهي ٿي ته ڳچيءَ مان جهلي توهان کي اقتدار جي ايوانن مان لوڌي به ڪڍي سگهي ٿي۔ سلام آهي سنڌي سوڍي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي بدنام زمانه سنڌ جي ازلي دشمنن کي للڪاري۔
اسان کي خبر هُئي
پکن کي پتو هو، اسان کي خبر هُئي !
اُگهاڙيون انڌاريون سڏن کي لَڪينديون،
غليظي غداريون وطن کي ڪکينديون،
گُلن جي پنن کي چتائون چٽينديون،
فريبي نگاهون ننگن کي تڪينديون،
صدين جو سڳندون ڇڏيندا کُٽائي،
هِي وحشي حُسن کي ڇڏيندا لُڻائي!
ڪکن کي پتو هو ، اسان کي خبر هُئي،
هي جابر هِي قاتل هوائون گُهٽيندا،
هِي بد ذوق باندر پُڇائون لُٽيندا،
جهالت جا بي واس نعرا لڳائي،
هِي نياڻيون اسان جون وڍيندا ٽُڪيندا،
هِي رهزن ڇڏيندا جوانيون ڪُهائي،
هي جاهل اُلرندا ڏيئن کي اُجهائي،
اڪن کي پتو هو، اسان کي خبر هُئي،
هِي چوندا جُهڪائي مٿن کي هلو ڙي،
هِي چوندا نه لوڏي هٿن کي هلو ڙي،
هِي چوندا نه ڪاڪُل چپن تي رکو ڙي،
هِي چوندا نه پائي کٿن کي هلو ڙي،
اسان کي خبر هُئي ته اعلان ٿيندا،
دلين کي ڏڪائڻ ڪي شيطان ايندا،
تڏهن ڪنهن به ٽاڻي نه ننڊون ڪيونسين،
سوين خواب ڇاڻي نه ننڊون ڪيونسين،
نه ٽهڪن ڏيڻ جي رهي آهي موسم،
اهو درد ڄاڻي نه ننڊون ڪيونسين،
پرين پر گهڻن کي ڇڏيوسين ٻُڌائي،
متان هٿ پنهنجو ڪو هٿ مان ڇڏائي،
ڏسو عشق پنهنجو متان ڪو لڄائي ،
اچو سج ڳوليون انڌيرو هٽائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!
(ايوب کوسو)